Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھر شعبي ۾ اسان جا اڳواڻ ايترا خراب ڇو آهن؟ ڪمزور اڳواڻيءَ جي ڪارڻن جو ڇيد

جيڪڏهن اسان بھتر اڳواڻ چاهيون ٿا، تہ اسان کي پراڻي ۽ بدبودار جُھريل نظام جي بنياد تي اڳاڻن جي چونڊ بند ڪرڻي پوندي. مستقبل جون قيادتون تربيت وسيلي ھنر، مھارت ۽ ڪاريگريءَ جي جدول تحت پيدا ڪرڻيون پونديون

عبدالرحمٰن پيرزادو

اسان ڀلا ھر شعبي ۾ غلط ماڻھن کي ڇو اڳتي وڌائيندا رهئون ٿا؟

ھر شعبي ۾ اسان جا اڳواڻ ايترا خراب ڇو آهن؟

خوفناڪ باس، بي خبر ايگزيڪيوٽو يا رابطي کان ٻاهر سياستدانن بابت شڪايت ڪرڻ آسان تہ آهي. پر يقيني طور تي اهي سڀئي نااهل بيوقوف ڪونھن. ۽ اهي سڀ خراب بہ نٿا ٿي سگهن. تنھنڪري اھو سمجهڻ تمام ضروري آھي تہ اصل ۾ هتي ٿئي ڇا پيو؟

سچ اهو آ تہ، قيادت جي ناڪامي رڳو خراب ماڻھن جي خراب فيصلا ڪرڻ بابت ناهي. اهو ڌڻ ۾ پليل انسانن جي بگڙيل جبلتن بابت آهي جيڪي اسان کي خراب قيادت جي چونڊ ڏانھن ڌڪينديون آهن.  ڇا اسان ان کي محسوس بہ ڪريون ٿا يا نہ. اڄ اسان اھو  ڏسنداسين تہ اسان جھڙن نيولبرل سياسي، معاشي نظامن وارن سماجن ۾ قيادت جي ناڪامي رڳو عام ناهي، پر اڳڪٿي ڪرڻ جي قابل بہ آهي.

جيڪڏهن اسان ڄاڻئون بہ ٿا تہ خراب قيادت عام آهي، تہ پوءِ اسان ان کي درست ڇو نٿا ڪريون؟ ڇاڪاڻ تہ اهي نظام جيڪي اڳواڻن کي چونڊيندا آهن اهي پراڻين، ناقص مفروضن تي ٻڌل آهن ۽ اسان بحيثيت سماج جدت کان ٽھيل آھيون.

سرڪاري ادارن ۾ ترقي يا ادارتي پروموشن جا مروج موجودہ نظام گهڻو ڪري غلط صلاحيتن کي انعام ڏين ٿا. ماڻھن کي جن بنياد تي پروموشن يا ترقي ڏني وڃي ٿي ان ۾ وڏي يا وڌندڙ عمر مطلب اهي هتي گهڻي وقت کان نوڪري ڪري رهيا آهن، انڪري اهي پروموشن جا مستحق آهن.

غير انتظامي ڪردار ۾ ماضيءَ جي ڪارڪردگي، جھڙوڪر هڪ بھترين استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر کي وري اداري جو اڳواڻ بڻايو ويندو آھي.

ادارن جي اندروني سياست؛ جنھن ۾ چوندا ھتي رھيو آھي انڪري اهو غلط ۽ صحيح ماڻھن کي سڃاڻي ٿو.

تصوير جو اڌورو رخ ڏسڻ، جنھن ۾ چوندا تہ اهي هڪ اڳواڻ وانگر نظر اچن ٿا.

جڏھن تہ اسان ھن ايڪويھين صديءَ ۾ ڀلي ڀت ڄاڻئون ٿا تہ انھن مان ڪا بہ شئي اصل ۾ قيادت جي صلاحيت کي ماپي نٿي سگهي.

هڪ سٺو استاد ماڻھن ۽ اداري کي منظم ڪرڻ ۾ خراب ٿي سگهي ٿو.

هڪ قابل ڊاڪٽر ۾ ٽيم جي تربيت لاءِ صبر جي کوٽ ٿي سگهي ٿي.

هڪ ڪرشماتي نيٽ ورڪر وٽ شايد اسٽريٽجڪ سوچ جون صلاحيتون ٻڙي هجن.

ان جي بدران تنظيمن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ماڻھن کي ٽيڪنيڪل مھارتن بدران قيادت جي صلاحيت جي بنياد تي ترقي ڏيو.

رڳو تربيت ۾ نہ، حقيقي دٻاءَ ۾ قيادت جي اميدوارن کي سڃاڻڻ لاءِ جانچيو تہ ڪير فيصلا ڪري سگهي ٿو، ٽيمون ٺاهي سگهي ٿو، ۽ تڪرار کي سنڀالي سگهي ٿو.

پيٽر جو اصول: اڳواڻ پنھنجي نااهلي جي سطح تي ڇو وڌندا آهن

پيٽر جو اصول چوي ٿو تہ درجي بندي واري تنظيمن ۾، ماڻھن کي تيستائين ترقي ڏني ويندي آهي جيستائين اهي ان سطح تي نہ پھچن جتي اهي هاڻي قابل نہ رهيا آهن.

هتي اهو ڪيئن ڪم ڪري ٿو:

ڪو ماڻھو پنھنجي ڪم ۾ بھترين آهي.

ان کي ترقي ڏني ويندي آهي. ھاڻ ھو پنھنجي نئين ڪردار ۾ مشڪل ۾ نظر بہ ايندا آهن، پر کين نئين ڪم ڪار جي تربيت يا مدد فراھم ڪرڻ بدران، کين ڇڏي ڏنو ويندو آهي تہ ڀل ٻڏن يا ترن.

اهي وڌندا رهندا آهن جيستائين اهي مڪمل طور تي بيڪار نہ ٿي وڃن.

هاڻي توهان وٽ هڪ سينئر اڳواڻ ھوندو آهي جيڪو پنھنجي نوڪري ۾ بالڪل بيڪار ھوندو آهي،  پر ڪو بہ کيس گهٽ ڪرڻ نٿو چاهي.

ڪرڻ ڇا کپي:

تسليم ڪرڻو پوندو تہ اڳواڻي لاءِ رڳو ڪارڪردگيءَ کان اڳتي مختلف مھارتن جي ضرورت آهي.

رڳو انڌ تي ترقيون ڏيڻ بدران ماڻھن کي ادارتي رهنمائي ۽ گهربل تربيت بہ فراهم ڪريو.

جيڪڏهن اھي قيادت ڪرڻ لائق ڪونھن تہ انھن ماڻھن کي سزا ڏيڻ کانسواءِ پوئتي رهڻ ڏيو.

اعتماد ۽ قابليت جو مسئلو بہ اھم آھي

تحقيق مان خبر پئي ٿي تہ پراعتماد ماڻھن کي گهڻو ڪري ترقي ڏني ويندي آهي. جيتوڻيڪ اهي ان قابل ناھن هوندا.

ٻين لفظن ۾ سڀ کان وڌيڪ واتوڙيو ماڻھو اڪثر ڪري سڀ کان وڌيڪ قابل کي مات ڏئي وڃي ٿو. اھڙا حد کان وڌيڪ خود اعتماديءَ وارا اڳواڻ نتيجن تي غور ڪرڻ کانسواءِ وڏا، خطرناڪ فيصلا ڪندا آهن. ٿڌا، سوچيندڙ اڳواڻ اڪثر ڪري نظرانداز ڪيا ويندا آهن ڇاڪاڻ تہ اهي پاڻ کي جارحاڻي طور تي پيش ڪري نہ سگهندا آهن. زهريلا اڳواڻ جلدي اڀرندا آهن ڇاڪاڻ تہ اهي قابليت جي نہ پر طاقت جي کيڏ راند کيڏندا آهن.

ادارن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

اصل نتيجن جي بنياد تي اڳواڻن جي سڃاڻپ ڪن، رڳو اعتماد جي بنياد تي چونڊ ڪندا تہ دوکو کائيندا.

قيادت جي ڪردارن ۾ خود آگاهي ۽ ٿڌي دماغ سان فيصلن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي.

اڳواڻن کي رڳو اڳتي وڌڻ بدران موٽ ڳولھڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جي پڻ تربيت ڏيڻي پوندي.

ڀلا اسان وٽ ادارا قيادت جي ناڪاميءَ کي درست ڇو نٿا ڪن؟

توهان سوچيندا هوندئو تہ جيڪڏهن اسان اهو سڀ ڪجهہ ڄاڻئون ٿا تہ پوءِ ادارا ڇو نٿا بدلجن؟

اھو انڪري جو خراب اڳواڻي رڳو ڪو هڪ مسئلو ناهي پر اهو اڪثر ننڍي مدي ۾ منافعي بخش هوندو آهي. جنھن سبب خراب اڳواڻن کي برداشت ڪيو ويندو آھي

سرمائيداريءَ ۾ ڊگهي مدت جي قيادت تي مختصر مدت جي ڪارڪردگيءَ کي ترجيح ڏني ويندي آھي. چوندا تہ ھي شخص نتيجا حاصل ڪري ٿو. اسان وٽ نئين اڳواڻ کي تربيت ڏيڻ جو وقت ناهي. تنھنڪري اهي رڳو جيڪو بہ قطار ۾ ايندڙ آهي ان کي ترجيح ڏين ٿا.  اهي قيادت جي معيار کي مؤثر طريقي سان نڪو ماپي ٿا سگهن، نہ وري ماپڻ گهرن ٿا. سندن ماتحت بہ خراب باس بابت درست راءِ ڏيڻ ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس نٿا ڪن. اهي جدت بدرئون تعميل کي انعام ڏين ٿا.

پدرشاھيءَ کي ھر قيادت ۾ اھي کپن جيڪي اختيار کي چئلينج نہ ڪن.

سچي قيادت جو مطلب اڪثر پوئتي ڌڪڻ، خراب فيصلن تي سوال ڪرڻ ۽ ڊگهي مدت سوچڻ آهي. جيڪو اسٽيٽس ڪو کي خطرو ڀانئجي ٿو.

قيادت جي چونڊ جي مسئلي کي ڪيئن حل ڪجي؟

جيڪڏهن اسان بھتر اڳواڻ چاهيون ٿا، تہ اسان کي کين پراڻي ۽ بدبودار جهريل نظام جي بنياد تي چونڊڻ بند ڪرڻو پوندو. ادارتي سطح تي مستقبل جون قيادتون تربيت وسيلي ھنر، مھارت ۽ ڪاريگريءَ جي جدول تحت پيدا ڪرڻيون پونديون. قيادت جي اميدوارن کي حقيقي دٻاءُ هيٺ آزمائڻو پوندو. رڳو ماضيءَ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ماڻھن کي ترقي نہ ڏيون پر کين حقيقي قيادت جا منظرناما ڏيئون ۽ ڏسئون تہ اهي ان کي ڪيئن ٿا سنڀالين.

ڪاميابيءَ لاءِ ھڪ دَڳُ ٺاهيون. ھرڪو اڳواڻ ٿيڻ لاءِ ناهي ۽ اهو ٺيڪ بہ آهي. اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي قيادت ۾ مجبور ڪرڻ کانسواءِ ترقي ڏيڻ جا ٻيا طريقا جھڙوڪر وڌيڪ پگهار، خاص ڪردار پيش ڪريون. نہ رڳو مختصر مدت جي ڪاميابين کي پر ڊگهي مدت جي قيادت جي ڪاميابيءَ کي انعام ڏيئون. رڳو ٽہ ماھي، ڇہ ماھي يا سالياني ڪارڪردگين تي نہ ڀاڙيون. ان تي بہ نظر رکئون تہ اڳواڻ ڪيئن ماڻھن کي اڳتي وڌائن ٿا، ٽيمون ٺاهين ٿا ۽ جٽادار ڪاميابيون پيدا ڪن ٿا. اڳواڻن بابت درست راءِ جي حوصلا افزائي ڪريون.

قيادت جي تشخيص کي شفاف ۽ گمنام بڻايو

خراب اڳواڻن کي رڳو انڪري بچائڻ بند ڪريون جو اهي طاقت رکن ٿا.

ياد رکجو اسان جھڙن سماجن ۾ قيادت جي ناڪامي هڪ چونڊ آهي. توهان ڇا ٿا سمجهو تہ اھي خراب اڳواڻ جن جي هيٺان اوھان ڪم ڪيو آهي، اهي رڳو ڪي بي ترتيب غلطيون هيون؟

نہ؛  انھن کي ڄاڻي واڻي چونڊيو ويو ھو. انڪري نہ تہ اهي ڪو بھترين اڳواڻ هئا، پر انڪري جو نظام اسان کي غلط شين جو بدلو ڏئي ٿو.

__________

عبدالرحمان پيرزادو ڊاڪٽر آھي ۽ حيدر آباد ۾ رھي ٿو ، سندس ڪيترائي ڪتاب ڊجيٽل فارم ۾ مختلف ويبسائيٽن تي موجود آھن ، کيس ڪجھ برقي ڪتابن تي ايوارڊ به  مليا آهن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button