Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

اخباري نمائندو بازياب، ڌاڙيل آزاد: ٻہ بيگناھ ڳوٺاڻا ڇو ماريا ويا؟

خانپور مھر جي اغوا ٿيل اخباري نمائندي جي بازيابي ڪھڙي سوديبازيءَ ھيٺ ٿي؟ اغوا ڪندڙ ڌاڙيل ڇو گرفتار ڪونہ ٿيا؟ جيڪڏھن بازيابي سوديبازيءَ جي نتيجي ۾ ٿي تہ پتڻ جي بيگناھ ماڻھن کي ڊرون ۽ مارٽر حملن جو نشانو ڇو بنايو ويو؟    

پوليس آپريشن ۾ بيگناھ مارجي ويل پيءُ پُٽ

نسيم بخاري

جيڪڏهن ڪنهن اغوا ٿيل صحافي جي بازيابيءَ لاءِ ٿيندڙ آپريشن دوران اهي ماڻهو به مارجي وڃن يا زخمي ٿين، جن جو ڏوهارين سان ڪو واسطو ئي نه هجي، ته پوءِ سوال صرف اهو نه رهندو ته مغوي ڪيئن بازياب ٿيو، پر اهو به پڇڻو پوندو ته آپريشن دوران عام آباديءَ جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا هئا؟ خانپور مهر جي صحافي محمد عظيم سيال جي اغوا ۽ پوءِ بازيابيءَ سان لاڳاپيل صورتحال ۾ هاڻي اهڙا ئي سوال اُڀري رهيا آهن.

27 سيپٽمبر تي عظيم سيال جي اغوا جي خبر آئي. سندس گاڏي سڌوجا ٿاڻي جي حد مان هٿ اچڻ بعد پوليس وڏي انگ ۾ ڪچي واري علائقي ڏانهن رواني ٿي ۽ پوليس آپريشن جو دائرو گهوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور ضلعن جي ڪچي وارن علائقن تائين وڌايو ويو. رستم ڀرسان محمد آباغ، ڪوٽ شاهو، پنو عاقل جي رضا ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس جون ڪارروايون ڪيون ويون. ڏوهارين جي ٿاڪن کي مارٽر گولن سان نشانو بڻايو ويو. ساڳئي وقت ٻڌايو ويو ته ڊرون ذريعي به ڪچي ۾ موجود  ڏوهارين جي ٿاڪن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ انهن هنڌن تي فائرنگ ڪئي وئي.

پر هن آپريشن جي ٻي تصوير هاڻي شڪارپور اسپتال مان سامهون آئي آهي. سنڌو درياهه جي پتڻ واري علائقي ۾ مڇي ماري ۽ روزاني پورهئي سان گذر سفر ڪندڙ هڪ خاندان جا ٻه ڄڻا مارجي ويا آھن، جن ۾ پيءُ ۽ پٽ شامل ٻڌايا وڃن ٿا،

 ڳوٺ منظور شاھ ويجهو ڊرون فائر ٿيڻ سبب چڪ شهر جي غريب آباد واسي پورهيت خاندان جا ٻه ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ محمد حسن ميراڻي ۽ سندس جوان پٽ منير احمد ميراڻي ۽ زخمين ۾ ڪامران ميراڻي، اويس ميراڻي، مجيب ميراڻي ۽ هڪ سال جي ٻارڙي شامل آهن. مارجي ويلن جي وارثن واقعي جي تصديق ڪئي آھي .

مارجي ويل پورهيتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ماڻهو تِرن جو لابارو ڪرڻ ويا هئا ته گهرن مٿان ڊرون ڪرڻ سبب نقصان پهتو. وارث چون ٿا ته کين پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس جو ليٽر به نه ڏنو پيو وڃي. هُو ٻن ڏينهن کان پنهنجن پيارن جا لاش کڻي دربدر ڦري رهيا آهن. پهريان پنو عاقل، پوءِ خانپور ۽ هاڻي شڪارپور سول اسپتال جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن. ايس ايس پي شڪارپور ساڻن ملڻ لاءِ به تيار ناهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو واقعو سندس حدن ۾ نه، پر سکر پوليس جي حدن ۾ ٿيو آهي، تنهنڪري سکر پوليس سان رابطو ڪيو وڃي.

پوليس آپريشن ۾ زخمي ٿيل ۽ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻا

سوال اهو ناهي ته واقعو ڪهڙي ٿاڻي يا ضلعي جي حدن ۾ ٿيو هو؛ پوليس پاڻ به تصديق ڪري رهي آهي ته اهو گڏيل آپريشن هو، جنهن ۾ ٽن ضلعن جي ايس ايس پيز وڏي پوليس نفري سان گڏ حصو ورتو هو.

 جيڪڏهن هي ماڻهو بيگناهه آهن ۽ سندن وارث ٻن ڏينهن کان پنهنجن پيارن جا لاش کڻي دربدر ٿي رهيا آهن، ته پوءِ انهن سان اخلاقي همدردي ۽ انساني سهڪار ڇو نه ڪيو پيو وڃي؟ خاص طور تي جڏهن هن افسوسناڪ واقعي جي حقيقت سامهون اچي چڪي آهي، تڏهن لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس ليٽر جي انتظار ۾ رکڻ بدران لاڳاپيل پوليس عملدارن کي انساني بنيادن تي اڳتي وڌي وارثن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

نه رڳو ايترو، پر هن معاملي جو اعلي سطحي نوٽيس به وٺڻ گهرجي ۽ اهڙن پوليس آفيسرن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي. آخر هي ڪهڙا آفيسر آهن ۽ هي ڪهڙي پوليس آهي، جيڪا ڊيل ڪري ۽ واسطن ذريعي اغوا ٿيلن کي ته بازياب ڪرائي وٺي ٿي، پر ڏوهارين ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لاچار نظر اچي ٿي؟

اسپتال ۾ موجود عورتن ۽ ٻين وارثن جي دانهن جو بنيادي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پوليس جو نشانو ڏوهارين جا ٿاڪ هئا ته پوءِ سندن گهرن ۽ رهائشي علائقن تائين مارٽر گولا ڪيئن پهتا؟ ڇا آپريشن کان اڳ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي هئي ته انهن هنڌن تي عام ماڻهو موجود نه آهن؟

هي سوال ڪنهن پوليس آپريشن جي مخالفت نه، پر آپريشن جي طريقيڪار ۽ شهري جانين جي تحفظ بابت آهي. ڇو ته ڪچي جو علائقو رڳو ڌاڙيلن جو علائقو ناهي. اتي غريب ماڻهو به رهن ٿا، جيڪي مڇي ماري، مال چارڻ، زراعت يا ننڍن روزگار جي ذريعن سان پنهنجا گهر هلائين ٿا.

بازياب ٿيل صحافي عظيم سيال شڪارپور زيرو پوائنٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي اغوا بابت ٻڌايو ته کيس مبينا طور ريڪي ڪري باقاعده حڪمت عملي تحت اغوا ڪيو ويو. سندس چوڻ موجب علائقي جي بااثر ماڻهن کيس اغوا ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس وارثن کان ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. عظيم سيال موجب هُو بااثر ماڻهن جي منشي ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فون تي ٿيندڙ گفتگو ٻڌندو رهيو. هن ٻڌايو ته آزاد ڪرڻ کان اڳ کيس لڳ ڀڳ ڇهه ڪلاڪ پيادل ھلايو ويو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ به پوليس تائين پهچڻ ۾ کيس وڌيڪ لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ سفر ڪرڻو پيو.

27 سيپٽمبر تي شايع ٿيل رپورٽن ۾ عظيم سيال جي گمشدگي ۽ اغوا جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو. سندس گاڏي سڌوجا ڀرسان ملي هئي، جنهن کان پوءِ پوليس علائقي ۾ اهلڪار موڪليا هئا.

پوليس جو بنيادي مقصد مغوي جي بازيابي ۽ هٿياربند ڏوهارين خلاف ڪارروائي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن عظيم سيال کي محفوظ طريقي سان بازياب ڪرايو ويو آهي ته اها پنهنجي جاءِ تي اهم پيش رفت آهي.

پر سوال آھي تہ ڇا مغوي جي بازيابيءَ جي ڪاميابي عام شهرين جي نقصان کان الڳ ڪري ڏسي سگهجي ٿي؟ جيڪڏهن شڪارپور اسپتال ۾ موجود متاثر خاندانن جون دعوائون طبي رڪارڊ، پوسٽ مارٽم، زخمين جي ميڊيڪل رپورٽن ۽ واقعي واري هنڌ جي جاچ سان درست ثابت ٿين ٿيون ته پوءِ آپريشن جي حڪمت عمليءَ بابت باقاعده تحقيق ضروري ٿيندي.

خاص طور تي هي معلوم ٿيڻ گهرجي ته: مارٽر گولا ڪهڙي هنڌان فائر ٿيا؟ انهن جا نشانا ڪهڙا هئا؟ ڇا ڊرون ذريعي نشان جي سڃاڻپ ڪئي وئي؟ ڇا فائرنگ کان اڳ رهائشي آبادي خالي ڪرائڻ يا عام ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي؟ ڏوهارين جي ٿاڪن جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو هو؟ پوسٽ مارٽم ۽ ميڊيڪل رپورٽن ۾ موت ۽ زخمن جو سبب ڇا لکيو ويو آهي؟ مارٽر جي ٽڪرن يا ٻين ثبوتن مان اهو طئي ٿي سگهي ٿو ته گولا ڪهڙي هٿيار مان فائر ٿيا؟ پوليس آپريشن جو سرڪاري آپريشنل رڪارڊ ڇا چوي ٿو؟

انهن سوالن جا جواب ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته پتڻ واري علائقي ۾ ٿيل جاني نقصان واقعي پوليس آپريشن جو نتيجو هو يا ڪنهن ٻئي سبب سان ٿيو.

___________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button