Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

ملير ڪراچيءَ جي ايجوڪيشن سٽي  رٿا قديم ڳوٺن ۽ زرعي زمين لاءِ خطرو بڻجي وئي

ايجوڪيشن سٽيءَ لاءِ اڳي لڳ ڀڳ 8,921 ايڪڙ زمين رکي وئي ھئي. ھاڻي ايجوڪيشن سٽي بورڊ کي چيئرمن ڊاڪٽر عاصم لاءِ وڌيڪ ڏھ ھزار ايڪڙ زمين منظور ڪرڻ جي سمري وڏي وزير کي موڪلي وئي آھي

ھِن رٿا ۾ ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ادارن کي زمين الاٽ ٿيل آھي پر وڏو عرصو گذرڻ جي باوجود ڪو بہ ڪم ڪونہ ٿيو آھي

سامي ميمڻ

ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ۽ اقتصادي مرڪز آهي، جتي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ معياري تعليم جي طلب پڻ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت هڪ وڏي منصوبي جو آغاز ڪيو، جنهن کي “ايجوڪيشن سٽي” جو نالو ڏنو ويو. هي منصوبو ضلع ملير ۾ آهي ۽ ان کي ملڪ جو سڀ کان وڏو تعليمي ۽ تحقيقي مرڪز قرار ڏنو پيو وڃي.

ايجوڪيشن سٽيءَ واري رٿا پهريون ڀيرو 2006ع ۾ سامهون آئي، جڏهن سنڌ حڪومت ضلع ملير جي حدن اندر وڏي ايراضي تعليمي مقصدن لاءِ مختص ڪئي. مقصد اهو هو ته اهڙو تعليمي زون قائم ڪيو وڃي جتي مقامي ۽ بين الاقوامي يونيورسٽيون، ريسرچ ادارا ۽ ٽيڪنالاجي سينٽر هڪ هنڌ موجود هجن.هن منصوبي کي قانوني حيثيت 2013ع ۾ ملي، جڏهن سنڌ اسيمبليءَ “ايجوڪيشن سٽي ايڪٽ 2013” پاس ڪيو. ان تحت علائقي کي هڪ خودمختيار تعليمي ڪلسٽر جو درجو ڏنو ويو. 2021ع ۾ هن قانون ۾ ترميم ڪئي وئي ته جيئن انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.

ايجوڪيشن سٽيءَ جي ڪل پکيڙ لڳ ڀڳ 8,921 ايڪڙ آهي، جيڪا ديهه چوهڙ، گڊاپ ٽائون، ضلع ملير ۾ آهي. ان منصوبي ۾ هڪ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون (374 ايڪڙ) پڻ شامل آهي. ھن رٿا لاءِ توانائي جي ضرورت لڳ ڀڳ 300 ميگاواٽ متوقع آهي، جنهن لاءِ پاور پلانٽس ۽ رينيوئبل انرجي منصوبا تجويز ڪيا ويا آهن. رٿا موجب ھتي جديد سهولتون ميسر ھونديون جن ۾ رهائشي ايريا، ريسرچ پارڪس ۽ بائيو ٽيڪنالاجي سينٽر، انڪيوبيشن مرڪز، عالمي معيار جي يونيورسٽين جا ڪيمپس جتي لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ساگردن لاءِ عالمي معيار جي تعليم جو انتظام ھوندو ۽ سڌي ۽ اڻسڌي نموني سان 2 لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي ريسرچ ذريعي نيون انڊسٽريون قائم ٿينديون ۽ پرڏيهي سيڙپ ۽ مقامي معيشت کي هٿي ملندي.

جن يونيورسٽين ۽ ادارن ھن رٿا ۾ زمين حاصل ڪئي آهي يا درخواست ڏني آهي تِن ۾ آءِ بي اي ڪراچي، اسڪول آف بزنس اينڊ ليڊر شپ،  ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ، سنڌ مدرسہ يونيورسٽي، مختلف خانگي ۽ غير ملڪي ادارا شامل آھن پر ڏٺو وڃي تہ ڪيترائي منصوبا رڳو ڪاغذن تائين محدود آھن. ڪيترن ئي  ادارن کي زمين ڏيڻ باوجود ايترن سالن ۾ ڪيمپس قائم نه ٿي سگهيا آھن.

ٻئي پاسي مقامي آباديءَ کي سندن ڳوٺن ۽ زرعي زمينن بابت خدشا آھن. ھنن ڳوٺاڻن توسيعي منصوبي خلاف تازو احتجاج بہ ڪيو. سندن انديشا اھيءَ ڪري بہ آھن جو ڇھين آڪٽوبر 2025 تي سنڌ حڪومت جي لينڊ يوٽلائيزيشن ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ نئين سمري وزيراعليٰ سنڌ ڏانهن موڪلي وئي، جنهن ۾ 10,706 ايڪڙ زمين ڊاڪٽر عاصم حسين چيئرمين ايجوڪيشن سٽي بورڊ جي حق ۾ الاٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ملير جي رپورٽ موجب هن زمين ۾ لڳ ڀڳ4000 ايڪڙ ديهه ڪوٽيررو، 1135 ايڪڙ ديهه ڍانڍو۽ 365 ايڪڙ ديهه جوريجي ۾ شامل آهن. زمين مان ڪجهه حصا 30 سالن جي ليز تي آهن، جڏهن ته ڪجهه ناهموار ۽ جابلو علائقا آهن.

سنڌ انڊيجينيس الائنس ۽ ٻين مقامي اڳواڻن سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته انھيءَ توسيعي رٿا سان زرعي زمينن ۽ قديم ڳوٺن کي نقصان پهچي رهيو آهي. اتحاد جي صدر خدا ڏني شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽيءَ جا نمائندا عوامي دٻاءُ کان پوءِ رڳو ڏيکاءُ طور وزيراعليٰ کي خط لکي رهيا آهن. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته اڳ قانون سازيءَ ذريعي ضلع ڪائونسل ختم ڪري، ڳوٺاڻيون آباديون ڪي ايم سي ۾ شامل ڪيون ويون، جنهن سبب “سنڌ ڳوٺ آباد ايڪٽ 1987” ۽ “لينڊ ريوينيو ايڪٽ 1967” غير اثرائتا ٿي ويا. ھنن مطالبو ڪيو آهي ته عملي قانون سازي ڪري ڳوٺن ۽ زرعي زمينن کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي.

 ايجوڪيشن سٽي ڪراچي هڪ اهڙو منصوبو آهي جيڪو مڪمل ٿيو ته پاڪستان کي عالمي علمي، تحقيقي ۽ ٽيڪنالاجي نقشي تي نمايان ڪري سگهي ٿو پر هن منصوبي جي ڪاميابي لاءِ حڪومت کي لازمي طور زمينن جي تڪرارن ۽ مقامي خدشن کي سنجيدگيءِ  سان حل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ هي خواب اڌورو رهڻ جو خطرو آهي.

______________

سامي ميمڻ ملير ڪراچيءَ جو صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button