ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ: سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي جي تبديليءَ جو الميو
ورھاڱي ٿيڻ شرط سنڌ ۾ ٻہ وڏا خوني واقعا ٿيا: ھڪ ڪراچيءَ جي رتن تلاءَ واري گُردواري م ترسيل سِک سنڌي تي حملا ۽ قتلام، ۽ ٻيو نوابشاھ ۾ ٽرين تي حملي ۾ سنڌي سِک ۽ ھندن جو قتلام. ھڪ پاسي ڪراچيءَ جا رستا رَت جون نديون بڻجي ويون تہ ٻئي پاسي نوابشاھ ۾ ريلوي لائينون رت سان رڱيل ھيون.
ورهاڱي واري تاريخ ۾ نوابشاهه جو واقعو صرف هڪ اتفاقي هنگامي جي طور تي نه، پر هڪ اهڙي منصوبه بندي (Demographic Engineering) جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد سنڌ جي سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ هو. مسعود عالم عرف مسعود کدرپوش انھيءَ سانحي ۾ ملوث ھو جيڪو انھيءَ وقت نوابشاھ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ھو. لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ نوابشاھ ضلعي ۾ سنڌين جون ڇڏيل جون زرخيز زمينون ۽ ملڪيتون پناھگيرن کي ڏنيون ويون.
ڪراچيءَ ۽ نوابشاھ جا خوني واقعا تاريخ ۾ هڪ ڪاري باب طور ياد ڪيا وڃن ٿا، جن سنڌي سماج جو امن ۽ سڪون تباھ ڪري ڇڏيو. خوني وڳوڙ رڳو مذهبي جنونيت نه هئا، پر اهي ملڪيتن تي قبضي ۽ لڏپلاڻ جي ان دردناڪ عمل جو حصو هئا جنهن سنڌ جي آباديءَ جي تناسب کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو.

نصير اعجاز
ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ خاص طور ٻہ وڏا خوني واقعا ٿيا، جن جي ڪري ھتان سنڌي ھندن جي لڏپلاڻ ۾ ھڪدم تيزي آئي ھئي. انھن خوني وقعن ۾ ھڪ ڪراچيءَ ۾ ھندو سنڌين تي حملو ۽ سندن قتلام ھو ۽ ٻيو نوابشاھ ۾ ھڪ ٽرين تي حملو، جنھن ۾ سنڌي سِک ۽ ھندو ڪٽنب انڊيا وڃڻ لاءِ سوار ھئا. اھي ٻئي واقعا اتفاقي نہ پر ھڪ سوچيل سمجھيل سازش جو حصو ھئا. ھن مضمون ۾ مون انھن ٻنھي ڏکوئيندڙ واقعن جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
ڪراچيءَ جي واقعي جا ڪجھ تفصيل انھيءَ وقت جي ڪن اخبارن جي آرڪائيوز، خاص طور تي روزاني انقلاب (لاهور)، ڊان (ڪراچي)، ۽ سرڪاري رڪارڊ مان ملن ٿا. انھن تفصيلن موجب 6 جنوري 1948ع جي صبح جو، شڪارپور مان آيل اٽڪل 250 سکن ۽ هندن جو هڪ قافلو ڪراچي پهتوھو. کين ڪراچيءَ جي رتن تلاءَ علائقي ۾ هڪ گردواري ۾ عارضي طور تي ترسايو ويو هو، جتان کين سامونڊي جهاز ذريعي بمبئي (ممبئي) روانو ٿيڻو هو.
اردو اخبار انقلاب جي رپورٽن موجب، ھندستاني پناهگيرن جي هڪ مڇريل جنوني هجوم گردواري تي حملو ڪيو. هجوم جو خيال هو ته اهي هندو ۽ سک پنهنجي کيسن ۾ قيمتي زيور ۽ دولت کڻي وڃي رهيا آهن. رڳو چند ڪلاڪن ۾ اها باهه سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي.
روزاني انقلاب لاھور لکيو ته صورتحال تڏهن بگڙي جڏهن هندستان مان آيل پناهگيرن پنهنجي مٽن مائٽن جي قتل جو بدلو وٺڻ چاهيو. اخبار مطابق، پوليس جي مداخلت جي باوجود 100 کان مٿي ماڻهو قتل ٿيا. سرڪاري انگن اکرن موجب، هنن وڳوڙن ۾ 100 کان وڌيڪ سنڌي هندو قتل ٿي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. پر مقامي ماڻھن موجب اهو انگ ان کان به وڌيڪ هو. سنڌي هندن جي ملڪيتن کي وڏي پيماني تي لٽيو ويو.
روزاني ڊان (انگريزي) 7 جنوري 1948ع جي اشاعت ۾ لکيو ته “ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ شهر ۾ غير يقيني صورتحال آهي.” اخبار ايلفنسٽن اسٽريٽ (صدر) جي دڪانن جي لٽ مار کي وڏي اهميت سان رپورٽ ڪيو.
ڪجهه بين الاقوامي صحافين موجب، فسادن دوران پوليس ۽ انتظاميا جو رويو شروعاتي طور تي نرم هو، جنهن ڪري هجوم کي وڌيڪ شهه ملي.
سنڌ جو تڏهوڪو وڏو وزير محمد ايوب کھڙو پاڻ روڊن تي نڪري آيو. آرڪائيوز موجب: کھڙي صاحب پنهنجي سرڪاري گاڏيءَ ۾ گشت ڪيو ۽ مڇريل هجوم کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ جو حڪم ڏنو. هن سنڌي هندن جي حفاظت لاءِ شهر ۾ فوج طلب ڪئي. کھڙو صاحب ان ڳالهه تي سخت ناراض هو ته مرڪزي حڪومت جي ڪجهه آفيسرن فسادين کي روڪڻ ۾ سُستي ڏيکاري هئي.
هن واقعي کان اڳ سنڌي هندو سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا، پر 6 جنوريءَ جي رتوڇاڻ کين يقين ڏياريو ته هاڻي هو پنهنجي ئي وطن ۾ ڌاريا بڻجي چڪا آهن.
ڪراچي، جيڪا ورهاڱي وقت 50 سيڪڙو کان وڌيڪ هندو آبادي تي مشتمل هئي، اها ڪجهه ئي مهينن ۾ لڏپلاڻ سبب مڪمل طور تبديل ٿي وئي. سنڌي هندن جا خالي ٿيل دڪان ۽ گهر ھندستاني پناهگيرن کي الاٽ ڪيا ويا، جنهن سان شهر جو سماجي ڍانچو ئي بدلجي ويو.
تاريخي آرڪائيوز (جهڙوڪ سنڌ آرڪائيوز ۽ برٽش لائبريري رڪارڊ) ظاهر ڪن ٿا ته ڪراچيءَ جا اهي وڳوڙ اوچتو نه هئا، پر شهر ۾ وڌندڙ آباديءَ جي دٻاءُ ۽ معاشي وسيلن تي قبضي جي هڪ ڪوشش هئي. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ اهي وڳوڙ ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهن، جنهن سنڌي هندن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ جو بنياد وڌو.

ورهاڱي وقت پنجاب ۽ بنگال باهه جي لپيٽ ۾ هئا. سنڌ جي سرزمين تي وڏي پيماني تي مذهبي فساد نه ٿيا هئا. پر 6 جنوري 1948ع جو ڏينهن ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ هڪ ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن سنڌي سماج جو امن ۽ سڪون تباھ ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ وارا وڳوڙ رڳو مذهبي جنونيت نه هئا، پر اهي ملڪيتن تي قبضي ۽ لڏپلاڻ جي ان دردناڪ عمل جو حصو هئا جنهن سنڌ جي ڊيموگرافي (آباديءَ جي تناسب) کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو.
ٻيو ڏکوئيندڙ واقعو نوابشاھ ۾ ٽرين تي حملي ۽ قتلام وارو ھو. ھن سانحي جو مُک ڪردار، بلڪ جوابدار مسعود کدرپوش (مسعود عالم) آھي، جيڪو انھيءَ وقت نوابشاھ جو ڊپٽي ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) ھو. مسعود عالم عرف کدرپوش جي شخصيت جا ٻہ پاسا آھن. ھڪ پاسي ضلعي جي انتظامي سربراھ جي حيثيت ۾ سندس ھٿ بيگناھ سنڌين جي رت ۾ رنڱيل آھن تہ ٻئي پاسي ھُو پاڻ کي ھارين جو ھمدرد بنائي نالو ڪمائيندو رھيو.
ڪنھن صحيح چيو آھي تہ تاريخ ڪڏهن به هڪ رخو سفر ناهي هوندي؛ اها ڪِن ڪردارن کي ڪڏهن هيرو ته ڪڏهن ولين (بدمعاش) طور پيش ڪندي آهي. مسعود عالمعرف مسعود کدر پوش هڪ اهڙو ئي تڪراري ڪردار آهي. کيس ھڪ لابي سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سڏي ٿي، پر 1947ع جي ورهاڱي وقت نوابشاهه ۾ ٿيل قتل عام جا ڪارا پاڇا نہ رُڳو سندس حياتيءَ ۾ پر مرڻ کانپوءِ بہ سندس پِيڇو ڪندا رھيا آهن.
نوابشاهه جي سانحي ۾ سنڌ مان هندستان ويندڙ سنڌي سکن ۽ هندن جي هڪ مسافر ٽرين کي نشانو بڻايو ويو. مسعود عالم تي الزام آھي تہ بطور انتظامي سربراهه، ان حملي کي روڪڻ ۾ نه صرف ناڪام ويو پر ان ۾ سندس خاموش رضامندي يا اشارو شامل هو. ان حملي ۾ سوين سنڌي سکن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، جنهن سنڌ جي صدين پراڻي مذهبي رواداري کي سخت ڇيهو رسايو.
ورهاڱي جي ان وحشتناڪ واقعي کان ڪجهه سال پوءِ، اهو ساڳيو مسعود عالم “مسعود کدر پوش” جي نالي سان هڪ نئين روپ ۾ سامهون آيو. هن مغربي لباس ترڪ ڪري کدر جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ۽ پاڻ کي غريبن ۽ هارين جو همدرد ظاهر ڪيو. مسعود کي سر ايم. ايڇ. گزدر جي سربراهي ۾ بڻايل ‘سنڌ هاري ڪميٽي’ جو ميمبر بڻايو ويو هو. جڏهن ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن وڏيرن جي حق ۾ رپورٽ تيار ڪئي، تڏهن مسعود هڪ اختلافي نوٽ لکيو، جنهن ۾ هن هارين جي حالتِ زار جو ذڪر ڪيو ۽ جاگيرداري نظام کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
بھرحال سندس اختلافي نوٽ يا ھارين جي حق ۾ بيان ڏين سان سنڌين جي قتلام ۾ رت سان رڱيل ھٿ صاف نہ ٿا ٿي سگھن. جن ماڻھن شيخ اياز جي ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ ڪتاب پڙھيو ھوندو، انھن کي مسعود کدرپوش سان سنڌ جي ھڪ عظيم سپوت حشو ڪيولراماڻيءَ جي ملاقات ۽ کدرپوش جا زھر سان ڀريل لفظ ياد ھوندا. کدرپوش نوابشاھ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ٿي آيو ھو ۽ نظربنديءَ جو مُدو وڌائڻ جي آرڊر سبب حشوءَ کي سندس آفيس ۾ پيش ڪيو ويو ھو. شيخ اياز ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ ۾ لکي ٿو: ”جڏھن سندس نظربنديءَ جو مُدو وڌائڻ لاءِ کيس مسعود کدرپوش وٽ پيش ڪيو ويو جيڪو ان وقت ڪراچيءَ جو ايڊيشنل ڪمشنر ھو، ته مان ھن سان سندس وڪيل جي حيثيت ۾ گڏجي ويو ھئس ـ مسعود آءِ سي ايس آفيسر ھو ۽ بمبئيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر رھي چڪو ھوـ ھُو حشوءَ جو اڳ ئي واقف ھو ـ جڏھن پوليس حشوءَ کي مسعود وٽ پيش ڪيو ھو ته حشوءَ کي ٿِري پيس سُوٽ ۽ فيلٽ ھيٽ پاتل ھئا ـ حشوءَ فيلٽ ھيٽ لاھي مسعود کي چيو”ھلو مسعود!“ ۽ جواب ۾ مسعود چيو ”ھلو حشو“ ـ پوءِ حشوءَ مسعود سان منھنجو تعارف ڪرايو ھو ـ مسعود اسان کي ويھڻ لاءِ ڪرسيون آڇيون ۽ پوءِ ڳالھيون ڪندي حشوءَ کي چيو ھو،”حشو تون ھندستان ڇو نٿو ھليو وڃين ـ“ حشوءَ کُتوجواب ڏيندي چيس،”مسعود، ھيءُ منھنجو وطن آھي، مان ھندستان ڇو وڃان ـ“ ان تي مسعود پنھنجي آڱوٺي سان اشارو ڪندي چيو ھوYou Sindhis will be decimated like Red Indians (توھان سنڌين کي ريڊ انڊينس وانگر ملياميٽ ڪيو ويندو) ـ پوءِ مسعود ڪنڌ جھڪائي حشوءَ جي نظربنديءَ جو مُدو وڌائڻ جو آرڊر لکيو ۽ جيستائين اسان سندس ڪمري مان نڪري نه وياسين، ھن اسان کي اکيون مٿي کڻي نه ڏٺوـ حشو ڏھه مھينا نظربند رھيو ۽ جڏھن آزاد ٿيو ته کيس ملڪ بدر ڪيائون ـ اسان حشوءَ کي سائين جي ايم سيد جي گھر تان ايئر پورٽ تي ڇڏي آيا ھئاسين ـ“
سنڌي سماج ۽ دانشورن ۾ اڄ به اها ڳالهه بحث هيٺ رهي ٿي ته ڇا هڪ شخص جيڪو بيگناھ ماڻھن جي قتل عام ۾ ملوث هجي، اهو هارين جو سچو همدرد ٿي سگهي ٿو؟
ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته مسعود جو هاري نواز رويو دراصل سندس ماضيءَ جي ڏوهن تي پردو وجهڻ يا پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ جي هڪ ڪوشش هئي. مسعود عالم جي شخصيت جا اھي ٻئي رخ هڪ ٻئي جو ضد نظر اچن ٿا. مسعود کدر پوش جي زندگي تضادن جو مجموعو آهي. کيس مڪمل طور “پاڪدامن” قرار ڏيڻ نوابشاهه جي انهن بيگناهه مقتولن جي رت سان ناانصافي هوندي.
ورهاڱي واري تاريخ ۾ نوابشاهه جو واقعو صرف هڪ اتفاقي هنگامي جي طور تي نه، پر هڪ اهڙي منصوبه بندي (Demographic Engineering) جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد سنڌ جي سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ هو.
1947ع جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ جڏهن پنجاب باهه جي وڪڙ ۾ هو، سنڌ ۾ حالتون نسبتا پرسڪون هيون. پر نوابشاهه ۾ سنڌي سکن ۽ هندن جو قتل عام هڪ اهڙو موڙ هو، جنهن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي فضا کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو. تاريخي دستاويز ۽ عيني شاهد ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته هي رڳو مذهبي جنون نه، پر هڪ گهري معاشي ۽ انتظامي سازش هئي.
نوابشاهه (موجوده شهيد بينظير آباد) ان وقت سنڌ جي زرخيز ترين ضلعن مان هڪ هو. هتي سنڌي سکن ۽ هندن وٽ وڏيون زمينون ۽ ڪاروبار هئا. پنجاب مان ايندڙ پناهگيرن (خاص ڪري اوڀر پنجاب جي وڏن زميندارن) کي آباد ڪرڻ لاءِ اهڙي جڳهه جي ضرورت هئي جيڪا نه صرف زرخيز هجي پر اتان جي مقامي آباديءَ کي هٽائڻ آسان هجي.
مسعود عالم جهڙن آفيسرن تي الزام آهي ته انهن پناهگيرن جي وڏي انگ کي نوابشاهه ۾ آڻي ويهاريو ۽ مقامي غير مسلمن خلاف نفرت کي هٿي ڏني ته جيئن اهي خوف وچان زمينون ڇڏي ڀڄي وڃن.
نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي ٽرين کي روڪي جيڪو قتل عام ڪيو ويو، ان جو مقصد سڄي سنڌ جي غير مسلمن ۾ اهو پيغام پهچائڻ هو ته “هاڻي سنڌ توهان لاءِ محفوظ ناهي.”
حملي جي باقاعدہ منصوبا بندي ڪيل ھئي ۽ حملي آورن کي اڳواٽ خبر هئي ته ٽرين ڪڏهن پهچندي ۽ ان ۾ ڪيترا ماڻهو سوار آهن. انتظاميه پاران پوليس کي “خاموش رهڻ” جا حڪم ڏنا ويا هئا. هن قتل عام کانپوءِ نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص مان سنڌي هندن ۽ سکن جي لڏپلاڻ ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو. ان خالي ٿيل جڳهه تي فوري طور تي يو پي ۽ پنجاب مان آيل اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي ڪليم (Claims) جي بنياد تي زمينون الاٽ ڪيون ويون.
هن سازش جو سڀ کان وڏو نتيجو سنڌ جي معاشي طاقت جي منتقلي هئي. سنڌي سکن جا ماڊل فارمز ۽ باغ، جيڪي جديد زراعت جو نمونو هئا، اهي رات پيٽ ۾ نون ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا.
نوابشاهه جو هندو ڪاروباري طبقو سنڌ جي تعليمي ۽ خيراتي ادارن جو روح هو. سندن وڃڻ سان سنڌي سماج جو هڪ اهڙو ٿنڀو ڪري پيو جيڪو اڄ تائين ٻيهر اڀري نه سگهيو آهي.
_______________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



