بيٺڪيت رڳو زمين ۽ وسيلن نه پر انساني ذهنن تي قبضو بہ آهي
انساني قدرن ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جو مطلب رڳو سياسي خودمختياري نه آهي، پر اھو ذهني، معاشي، فڪري ۽ ثقافتي آزادي به آهي.
ويھين صديءَ جي ھڪ وڏي فڪري، ادبي ۽ سياسي شخص ايمي سيزير جو”بيٺڪيت تي مقالو هڪ انقلابي فڪري منشور آھي
نويد سنديلو
سرمائيداري نظام انسان دشمن نظام آهي جنھن ۾ انساني قدرن جي پائمالي، غير مھذب پڻو ۽ آجپي، فڪر، برابري ۽ انصاف جي کوٽ ملي ٿي. جنهن جي خاتمي خلاف دنيا ڀر جي پيڙھيل طبقن ۽ غلام قومن پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهندي انقلابي تحريڪن ۽ سياسي جدوجهدن ذريعي پنهنجي ديس کي آزاد ڪرايو آهي. اسان جي وطن سنڌ تي انگريز سامراج پڻ قابض ٿيندي سنڌ جي تاريخ، ڪلچر، ٻولي، نفسيات، عادتن ۽ سوچ تي وڏي عرصي تائين حاوي رهيو آهي جنهن مان اسان جا ذھن اڃان تائين آجا ٿي نه سگهيا آهن. بيٺڪي سرمائيداري نظام جي خلاف لکندڙ دانشورن ۾ ٻن دانشورن جو نانءُ نرالو آهي جن مان ھڪ فرانز فينون ۽ ٻيو ايمي سيزير آهي.

ايمي فرنانڊ ڊيوڊ سيزير(Aime Fernando David Cesaire) ويھين صديءَ جو ھڪ وڏو فڪري، ادبي ۽ سياسي شخص ھو جيڪو مارچينيڪ (Martinique) جو رھاڪو ھو. سيزير ھڪ شاعر، اديب، سياستدان ۽ فڪري اڳواڻ ھو جنھن نيگريٽو (Negritude) تحريڪ جي باني جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ شھرت ماڻي. سيزير جي فڪري ۽ ادبي سفر ۾ سندس Discourse on Colonialism (ڊسڪورس آن ڪالونيئلزم) ”بيٺڪي سامراج بابت مقالو“ اھڙي لکڻي آهي جنھن عالمي فڪر ۾ هڪ وڏي تبديلي آندي. اھو ڪتاب پهريون ڀيرو 1950ع ۾ پئرس ۾ شايع ٿيو ھو جيڪو فرانسيسي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل هڪ ننڍڙي ادبي اداري Éditions Réclame پاران ڇپيو هو. ان کانپوءِ 1955ع ۾ اھو Présence africaine پاران پئرس ۽ ڊڪار ٻنهي هنڌن تي ٻيهر شايع ڪيو ويو. هيءُ مقالو پوسٽ-ڪالونيل (Postcolonial)”بيٺڪيت پُڄاڻان“ فڪر جو هڪ بنيادي حيثيت رکندڙ متن آهي، جنهن ۾ سيزير يورپي بيٺڪي نظام، يورپي تھذيب جي نالي تي ٿيندڙ ظلم ۽ اخلاقي برباديءَ تي سخت تنقيد ڪري ٿو. ھيءُ مقالو نه رڳو ادب جو شاھڪار آهي، پر فلسفي سماجيات ۽ سياسي فڪر ۾ هڪ نئون بنياد رکي ٿو.
بنيادي دليل ۽ فڪري نقطا
الف)”تهذيب“ جي دوکي جو پردو فاش ڪرڻ
سيزير جي نظر ۾ بيٺڪيت ڪنهن به انساني ترقيءَ جو ذريعو نه آهي، جيئن يورپي استعماري قوتون دعويٰ ڪنديون رهيون آهن، پر حقيقت ۾ اھا انسانيت جي توھين، غلامي، استحصال ۽ تباھي جو نالو آهي. يورپي بيٺڪي حڪومتون پنهنجو پاڻ کي ”تهذيب آڻيندڙ“ (Civilizing mission) طور پيش ڪنديون رهيون، جن جي پاليسين جو مقصد فقط اقتصادي ڦرمار، سياسي ڪنٽرول ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ ھو. سيزير ان کي سختيءَ سان رد ڪندي چوي ٿو ته يورپي بيٺڪيت پاڻ کي تهذيب جا علمبردار ڄاڻائين ٿا، پر حقيقت ۾ هو غير انساني ۽ وحشي عملن ۾ ملوث آهن. سندس خيال ۾ بيٺڪي نظام ڪنهن به سماج کي بهتر نه ٿو ڪري، پر ان کي به وڌيڪ برباد ڪري ٿو، کائنس انسانيت کسي ٿو ۽ ان جي وجود کي لتاڙي ٿو. سيزير وڌيڪ لکي ٿو ته يورپي قومون پنهنجي طاقت جي زور تي بيٺڪيت جي ذريعي پاڻ کي اُتم سمجهنديون رهيون، سندن اھا برتري صرف ڏاڍ، جبر، استحصال تي ٻڌل ھئي. بيٺڪيت اصل ۾ اخلاقي طور بيمار آهي، ڇو ته اها طاقت ۽ ظلم تي بيٺل آهي نڪي انساني برابري جي بنياد تي.
استعمار ۽ انسانيت جو زوال
سيزير دليل ڏيندي چوي ٿو ته بيٺڪيت رڳو وسيلن جي لُٽ مار جو نالو ناهي پر ان سان گڏوگڏ اھا انساني قدرن جي تباهي جو ذميوار به ذريعو بڻجي وئي. يورپ دعويٰ ڪندو هو ته انهن دنيا کي امن، آزادي، ترقي، علم، انصاف ۽ تھذيب ڏني، پر حقيقت ۾ انھن اسان کي وڌيڪ تنزل، ذلت آميز، تباه ڪن، غلام ۽ محڪوم قوم بڻايو. ھن جي نظر، يورپي تھذيب جي اھا منافقت ھڪ وڏو خطرو آهي، ڇو ته اھا انسان جي”شئي بڻجڻ“(Thingification) جو سبب بڻجي ٿي. بيٺڪيت ماڻهن کي ھڪ آزاد، خودمختيار، باشعور ۽ باوقار وجود بدران استعماري مفادن لاءِ اوزار (Tool) بڻائي ڇڏيو.
ب) بيٺڪيت نوآبادڪار کي به وحشي بڻائي ٿي
سيزير جو سڀ کان طاقتور دليل اهو آهي ته بيٺڪيت رڳو مظلوم قومن کي تباهه نه ٿي ڪري، پر پنهنجي محڪوم کي پاڻ به”غيرانساني“ ۽ ظالم بڻائي ٿي.
هو لکي ٿو: ”هر دفعي جڏهن ڪنڌ ڪٽيو وڃي ٿو، جڏهن معصوم ڇوڪريءَ تي زيادتي ٿئي ٿي، جڏهن ڪنهن مڊگاسڪر جي ماڻهوءَ کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ــ تهذيب پاڻ ٿورو ٿورو مري ٿي ۽ يورپ جي رڳن ۾ زهر وهڻ لڳي ٿو ۽ سڄو ڏينهن کنڊ وحشيت ڏانهن وڌي ٿو.“
سيزير جي نظر ۾ يورپ پاڻ کي تهذيب جو مرڪز سمجهي ٿو، پر حقيقت ۾ هو پنهنجي انساني قدرن کي تباهه ڪري رهيو آهي.

ج) نازي ازم بيٺڪيت جو منطقي نتيجو
سيزير وڏي بيباڪيءَ سان چوندو رهيو آهي ته نازيت (Nazism) ڪا اوچتو پيدا ٿيل بيماري نه هئي، پر اھا بيٺڪيت جي تشدد جو ئي منطقي نتيجو هئي. سيزير جو موقف آهي ته يورپ نازي ازم جي مخالفت تڏهن ڪئي، جڏهن اهو يورپ اندر داخل ٿيو ــ پر جڏهن ساڳيا ظلم آفريڪا، ايشيا ۽ آمريڪا جي ماڻهن تي ٿيا، تڏهن مغرب نه رڳو خاموش رهيو پر ان ان جو ساٿاري پڻ رهيو.
هو چوي ٿو: ”ان کان اڳ جو اهي پاڻ ظلم جا شڪار ٿين، اهي ظلم جا ساٿي هئا.“
د) سرمايه داري، نسل پرستي ۽ بيٺڪيت جو ڳانڍاپو
سيزير پنهنجي مقالي ۾ مارڪسي ۽ سامراجي تنقيد کي گڏي ٿو. سندس خيال آهي ته بيٺڪيت اصل ۾ سرمائيداريءَ جو اوزار (Tool) آهي، جتي مغربي بورژوا سماج پنهنجي معاشي مفاد لاءِ نسل پرستيءَ کي وڌائي ٿو. يورپ پنهنجي تسلط کي”انساني ترقي“ جي نالي ۾ پيش ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اها عالمي غلاميءَ جو هڪ منظم منصوبو آهي.
هـ) شاعراڻو اسلوب ۽ انقلابي لهجو
سيزير جو انداز بيان رڳو سياسي يا فلسفياڻو نه پر انتهائي شاعراڻو ۽ علامتي آهي. هن پنهنجي مقالي ۾ لفظن کي اهڙي طرح استعمال ڪيو آهي جو هر جملي ۾ احتجاج ۽ بغاوت جو آواز بلند نظر اچي ٿو. نقادن جي نظر ۾ هيءُ مقالو ”بيٺڪيت خلاف اعلانِ جنگ“ آهي.

اثر ۽ ورثو
ھن مقالي آفريڪا، ڪيريبين، لاطيني آمريڪا، آمريڪي سول رائيٽس ۽ بليڪ پاور تحريڪن تي انتهائي گهرو اثر ڇڏيو. فرانز فيونون جھڙا عالمي طور مڃيل مفڪر، جنهن مظلوم قومن خاص ڪري ڪارن جي حقن لاءِ Black Skin, White Masks (1952) ۽ The Wretched of the Earth (1961) سلام جھڙا ڪتاب لکيا، سيزير جي فڪر کان گهڻو متاثر ٿيا. ھيءَ تقرير پوسٽ-ڪالونيل (بيٺڪيت پُڄاڻان) اڀياس جي اهم ترين متنن مان هڪ آهي جنھن نيگريٽو (Négritude) ”ڪارن“ جي تحريڪ جي فڪري بنيادن کي سگهارو بڻايو.
جديد دور ۾ اهميت
اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي علمي حلقن ۾ سيزير جي فڪر کي پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته بيٺڪيت رڳو زمينن ۽ وسيلن تي قبضو نه آهي، پر اھا انساني ذهنن تي قابض ٿيڻ جي حڪمت عملي آهي. سيزير اسان کي سيکاري ٿو ته انساني قدرن ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جو مطلب رڳو سياسي خودمختياري نه آهي، پر اھو ذهني، معاشي، فڪري ۽ ثقافتي آزادي به آهي.
ايمي سيزير جو ”بيٺڪيت پاليسيءَ تي مقالو“ رڳو هڪ فڪري دستاويز نه آهي، پر هڪ اخلاقي منشور به آهي، جنهن ۾ هو يورپي سامراجيت جي اصليت جو پردو کڻندي ٻڌائي ٿو ته اها انساني قدرن(Human Values) جي تباهيءَ جو ٻيو نالو آهي. سيزير جي نظر ۾، اصل تهذيب اها آهي، جتي انسان جو مان مٿانهون ۽ برقرار رهي ــ نه اها، جتي طاقت جي نالي تي قومن کي غلام بڻايو وڃي.
_____________

شاعر، ليکڪ ۽ نقاد نويد سنديلو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي فلسفي واري شعبي ۾ ليڪچرار آھي. ھُو فلسفي جي موضوع تي پنج ڪتابن جو ليکڪ آھي ۽ ھن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فلسفي واري شعبي مان پي ايڇ ڊي ڪري رھيو آھي