ڪراچيءَ ۾ 99 ساله ليز جي منسوخي: ملير جي زمينن ۽ قديم وارثن جي درد ڪھاڻي
ڪراچيءَ جو سرسبز ۽ تاريخي علائقو مليرضلعو، اڄ صرف بنيادي سهولتن کان محروم ناهي، بلڪه پنهنجي وجود ۽ زميني ملڪيت جي بقا جي هڪ وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي. ڏهاڪن کان هتي جي قديم رهاڪن، زرعي زمينن ۽ پيڙهين کان هلندڙ ليزن تي سرڪاري مشينري ۽ بلڊر مافيا جي بدنيتيءَ جو پاڇو رهندو آيو آهي. مٿان وري 99 سالا ليزن جي رد ٿيڻ واري حڪمنامي هڪ نئون طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي. اھو هڪ اهڙو طوفان آھي جنهن هتي جي هاريءَ، قديم زميندار ۽ سياسي توڙي سماجي ڪارڪنن کي ٻيهر رستن تي اچڻ تي مجبور ڪيو آه ڇو تہ ڌرتيءَ جي اصل وارثن کي هٿ وٺي بي دخل ڪيو پيو وڃي جنهن تي سرڪاري ايوان ۽ مقامي نمائندا اڄ تائين چپ ڪيو ويٺا آهن.

خاصخيلي لطيف راولاڻي
ڪراچيءَ جي تاريخي ۽ زرعي علائقي ملير ۾ گذريل ڪجھ ڏينھن کان احتجاجي مظاھرا ۽ ميڙاڪا شروع ٿيا، جنھن جو بنيادي سبب سرڪار پاران نوانوي سالا ليز تي ڏنل زمينن کي رد ڪرڻ آھي. ان سلسلي ۾ سڀ کان پھريائين سگھارو آواز “سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس” اٿاريو، جيڪا مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو هڪ گڏيل اتحاد آھي. ھن الائنس جي سيڪريٽري ۽ عوامي ورڪرز پارٽي (مرحوم يوسف مستي خان جي پارٽي) جي اڳواڻ حفيظ بلوچ گڏاپ ۾ هڪ وڏو عوامي ميڙاڪو گهرايو، جتي ڪراچي بار جي وڪيلن، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ اختر حسين ايڊوڪيٽ، شھيد ڀٽو اڳواڻ ذوالفقار جونيئر، ۽ ٻين قوم پرست ڌرين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. انهن سڀني گڏجي سرڪار کان زوردار مطالبو ڪيو ته 99 ساله ليز زمينون ترت بحال ڪيون وڃن. پر سرڪار اڄ ڏينھن تائين خاموش آھي ۽ ان سلسلي ۾ ڪابه پيش رفت ناهي ٿي، جڏهن ته تنظيمي اڳواڻ به ڪاٺوڙ ۽ ملير ۾ هڪ ٻه مظاھرا ڪرڻ کان پوءِ وقتي طور تي خاموش ٿي ويا آھن.
ان سڄي صورتحال ۾ مختلف ڌرين جو موقف بلڪل واضح ۽ حقيقتن سان ڀرپور آھي. ملير جي هڪ گمنام مقامي زميندار پنھنجي ڏکوئيندڙ ڪھاڻي ونڊيندي ٻڌايو ته انگريز دور (1935ع) ۾ ڪليڪٽري نظام تحت سندس ڏاڏي کي ملير ۾ زرعي زمين جي الاٽمينٽ مليل ھئي، جنهن جا تحريري ڪاغذ ۽ فوتي کاتو به موجود آھي، پر موجوده روينيو کاتو ان کي مڃڻ کان انڪاري آھي. سال 1965ع واري ايوبي آمريت ۽ مارشل لا دور ۾ جڏهن ملير نديءَ تي پل جي تعمير ٿي، تڏهن سندس 2 ايڪڙ زمين متاثر ٿي. ان وقت سرڪار متبادل زمين ۽ معاوضي جو لکت ۾ واعدو به ڪيو، پر قھري قانونن سبب اڄ تائين نه معاوضو مليو نه متبادل زمين. پوءِ باقاعدي تباهي تڏهن آئي جڏهن زمين جو ڪجهه حصو ندي ڳڙڪائي وئي ۽ هاڻي ملير ايڪسپريس وي جي تعمير دوران سندس 4 ايڪڙ آباد زمين (جتي وڻ ٽڻ ۽ سبزيون ھيون) وڃائي ويئي. ان جو ڪيس ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ عدالت ۾ هلندڙ آھي، پر اڃا تائين ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو.
سنڌ انڊيجينس الائنس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ جو چوڻ آھي ته ھي زمينون انگريز دور کان به اڳ مغل دور جي زماني کان هتان جي مقامي قبيلن جا چراگاهه ۽ ملڪيتون ھيون ۽ هتي ڪابه سرڪاري زمين نه ھئي. سندس موجب 99 ساله ليز رد ٿيڻ جو اصل سبب 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪراچي بدامني ڪيس هو، جنهن ۾ بلڊر مافيا زرعي زمينن کي ڦٻائڻ لاءِ تحريڪ هلائي ۽ عدالت ليز تي پابندي مڙهي قديم ليز رد ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو. مقامي زميندارن 2023ع ۾ ان حڪم نامي خلاف عدالت جو در به کڙڪايو، پر مسئلو جئن جو تئين ڦاٿل آھي.

ان سموري معاملي جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت تي روشني وجهندي انڊيجينس اڳواڻ سيد خداڏنو شاهه ٻڌائي ٿو ته 1912ع ۾ انگريزن “ڪالونائيزيشن ائڪٽ” ٺاهيو، جنهن تحت درخواست ڏيندڙن کي زمين ملندي هئي، جيڪو قانون ورهاڱي کان پوءِ 1967ع تائين برقرار رهيو. 30 ساله سروي زمين جو مدو 2022ع ۾ پورو ٿيو، جنهن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته 99 ساله زمين “فارم 7” مان شهري علائقن جي “فارم 2” ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جنهن تي بلڊر مافيا پنھنجيون شھري بلڊنگون تعمير ڪري ٿي.
ڪراچيءَ جي قديم رھواسي ۽ ليکڪ ابراهيم صالح محمد جو تحقيقي موقف آھي ته انگريز دور جي شروعات ۾ ملير ۽ گڏاپ ڪراچي شھر ۾ شامل ئي نه هئا، پر اهي باراني زمينون مقامي خوشحال امير جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن جون ملڪيتون هيون. بعد ۾ انگريز حڪومت انهن سردارن سان معاهدا ڪري، گڏاپ کان وٺي سيوهڻ ۽ ڪيٽي بندر تائين جا علائقا ڪراچي جي حدن ۾ داخل ڪيا ۽ پنھنجي من پسند ماڻهن کي ورهايا، جنهن جو پورو رڪارڊ “برٽش لائبريري لنڊن” ۾ اڄ به محفوظ آھي.
اهي 99 ساله رد ٿيل زمينون اصل ۾ اهي ئي آهن جيڪي انگريز سرڪار پنھنجي سياسي حمائتين کي الاٽ ڪيون هيون. 1847ع ۾ جڏهن ڪراچي جو ڪليڪٽر “پريڊي” هو، تڏهن انگريزن جي غلاميءَ کان انڪار ڪندڙ مقامي قبيلن جوکيا، گبول، ۽ خاصخيلي کان زمينون کسيون ويون. انگريزن جي نمائندي سيٺ ناومل جي نگرانيءَ ۾ اهي زمينون ٻاهران آيل ميمڻ، بلوچ، اسماعيلي خواجه، پيرن ۽ ميرن کي 99 ساله ليز تي ڏنيون ويون، جيڪي اڄ تائين انهن جي قبضي ۾ آهن. ان جو هڪ تاريخي مثال ميتو خواجا جي نالي ٿيل 20 ايڪڙن کان مٿي زمين آھي، جنهن تي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مقامي زميندار ڇڇر خاصخيلي روينيو وڪيل جي معرفت حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ مان انگريز دور جو رڪارڊ ڪڍرايو ته خبر پئي ته اهي زمينون 1917ع جي کاتي (فارم 7) مطابق سندس ڏاڏي ڇٽو خاصخيلي جون هيون. 10 سالن جي لاڳيتي قانوني جنگ کان پوءِ عدالت ملڪيت اصل پونيئرن (خاصخيلي خاندان) کي منتقل ڪئي ۽ ميتو خواجه کي ڪورٽ حڪم تحت بيدخل ٿيڻو پيو.
جيڪڏهن سرڪار اڄ ان 99 ساله ليز رد ڪرڻ واري حڪمنامي تي ايمانداريءَ سان عمل ڪري، ته اهي زمينون ملير جي اصلوڪن پٽن جوکين، گبولن، بلوچن ۽ خاصخيلين کي ملي سگهن ٿيون، جيڪو هڪ تاريخي ۽ انقلابي قدم هوندو. پر عملي طور ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ملير جا چونڊيل نمائندا به اصل قديم وارثن بدران انهن جديد زميندارن سان بيٺل آهن جن کي انگريز دور ۾ زمينون الاٽ ٿيون هيون. انهن زميندارن انهن زمينن مان گھڻي قدر زمينون وڪرو ڪري بلڊر مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، جتي وڏا ٽائون ۽ پلازا ٺهي چڪا آهن. جڏهن ته باقي بچيل زمينن تي اڃا تائين انهن نون کاتيدارن جي قبضي ۾ وڏا فارم هائوس ۽ باغات موجود آهن، جن ۾ پير محفوظ فارم، گجراتي ميمڻ جو باغ، ڪلثوم ابن بطوط فارم، ۽ بيگم باغيچو شامل آهن. اها ئي ملير ۽ گڏاپ جي ليز ٿيل زمينن جي اصل، دردناڪ ۽ تاريخي ڪهاڻي آهي.
____________

خاصخيلي لطيف راولاڻي ملير جو سماجي ڪارڪن آھي



