Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشيا

ڊاڪ پين پين: بصري شاعريءَ جو باني فلپائني شاعر

سائنس ۽ تخليق کي جدا ڪرڻ بدران، ڊاڪ پين پين ٻنهي کي هڪ ٻئي جو مددگار سمجھيو. سائنس جتي انساني جسم جي ان ڏٺل حقيقتن کي نروار ڪيو، اتي شاعري سندس تخيل، احساسن، علامتن ۽ ثقافت جي اڻ ڏٺل پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي. ان ئي منفرد نقطئہ نظر کيس اهو سوال پڇڻ تي مجبور ڪيو جنهن سندس ادبي زندگيءَ جو بنياد رکيو: ڇا شاعريءَ کي رڳو لفظن بدران بصري اظهار جي طاقت ذريعي به محسوس ڪري سگهجي ٿو؟ ان وقت، جڏهن شاعري وڏي حد تائين رڳو ٻوليءَ، وزن ۽ ترنم تائين محدود هئي، ڊاڪ پين پين بلڪل نئين سوچ آندي. سندس يقين هو ته ٽائپوگرافي، فنڪارانه ترتيب، علامتون ۽ بصري ڊزائين رڳو آرائش بدران شاعراڻي مفهوم جو اهم حصو بڻجي سگهن ٿا. ان ئي فڪر مان بصري شاعريءَ جي نظرئي جنم ورتو،

هڪ پيٿالوجسٽ ڊاڪٽر کان وٺي هڪ بين الاقوامي ادبي بانيءَ تائين ڊاڪ پين پين جي ڪهاڻي هڪ اهڙي فلپائني فڪر جو داستان آهي جنهن جو پڙاڏو هميشه زندهه رهندو. سندس خدمتون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته ادب پنهنجو اعلي ترين مقصد تڏهن حاصل ڪري ٿو جڏهن اهو سرحدن کان وڌي مختلف ثقافتن جي وچ ۾ ڳالهين ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ کي هٿي وٺائي ٿو.

تاريخ انهن کي ياد رکي ٿي جيڪي تخليق لاءِ روايتن کي آخري منزل ناهن سمجھندا. دنيا جا سڀ کان وڌيڪ اثرائتا ادبي اڳواڻ رڳو اهي ليکڪ ناهن جيڪي مروج طريقن کي قائم رکن ٿا، بلڪه اهي بصيرت رکندڙ ماڻهو آهن جيڪي انساني تجربن کي ڏسڻ، سوچڻ ۽ بيان ڪرڻ جا نوان رستا ڏيکارين ٿا.

ليکڪ: انتونيو ما-آٽ

فلپائن مان جنم وٺندڙ هڪ ادبي سوچ بين الاقوامي شاعراڻن حلقن ۾ بحث هيٺ ڪيئن ٿي اچي؟ ۽ مختلف ادبي برادريون هڪ فلپائني ليکڪ کي بصري شاعريءَ جو اَبو ھجڻ جو لقب ڇو ڏين ٿيون؟

فلپائني ادبي نظرئي جو جنم

ڊاڪ پين پين بگتونگ تاڪپسلِم (Doc PenPen Bugtong Takipsilim) جي نالي سان مشھور فلپائني شاعر کي دنيا بصري شاعريءَ جو اَبو ڇو ٿي تسليم ڪري؟ ان جو جواب ڪنهن هڪ انعام، اعزازي لقب يا بين الاقوامي تقريب ۾ ناهي. هي ڏهاڪن جي ادبي جدت، ثقافتي اڳڀرائي، ۽ هڪ اهڙي فڪر جو نتيجو آهي جنهن شاعريءَ جون روايتي حدون ٽوڙيون.

فلپائن جي مقامي ادبي نشستن کان وٺي ڪئناڊا جي بين الاقوامي ميلن، منيلا جي ميوزيم فورمز، ۽ ايشيا، يورپ، اتر آمريڪا توڙي آفريقا ۾ عالمي تعاون تائين ڊاڪٽر ايپيٽاسيو راموس تونگوھان (Dr. Epitacio Ramos Tongohan, MD) جو هي سفر ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن هڪ فلپائنيءَ جي تخليقي سوچ هڪ اهڙي ادبي تحريڪ ۾ ٻڌجي وئي جنهن پوري دنيا جي ليکڪن، تعليمي ماهرن، فنڪارن ۽ ثقافتي ادارن کي متأثر ڪيو. عالمي مڃتا ملڻ کان اڳ به هو هڪ اهڙو انسان هو جنهن کي يقين هو ته شاعريءَ ۾ اجاگر ٿيڻ لاءِ اڃا به گهڻيون ئي امڪانيات موجود آهن.

تاريخ انهن کي ياد رکي ٿي جيڪي تخليق لاءِ روايتن کي آخري منزل ناهن سمجھندا. دنيا جا سڀ کان وڌيڪ اثرائتا ادبي اڳواڻ رڳو اهي ليکڪ ناهن جيڪي مروج طريقن کي قائم رکن ٿا، بلڪه اهي بصيرت رکندڙ ماڻهو آهن جيڪي انساني تجربن کي ڏسڻ، سوچڻ ۽ بيان ڪرڻ جا نوان رستا ڏيکارين ٿا. تاريخ ۾ هر ادبي تحريڪ جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن ڪنهن اهڙو سوال اٿاريو جنهن تي ٻين ڪڏهن سوچيو به نه هو. ڊاڪ پين پين لاءِ به ان هڪ سوال نه فقط سندس پنهنجي پيشيورانه سفر کي هڪ نئون رُخ ڏنو بلڪه جديد عالمي ادب ۾ فلپائن جي شاندار سوچ جو واڌارو به ڪيو. بين الاقوامي سطح تي شاعر ۽ ادبي جدت پسند طور سڃاڻپ ملڻ کان اڳ به هو هڪ مختلف شعبن ۾ پنهنجو اعلي مقام حاصل ڪري چڪو هو. هڪ ايناٽومڪ پيٿالوجسٽ (Anatomic Pathologist) طور، سندس پيشيورانه زندگي گھرائيءَ سان ڏسڻ، نظم ضبط، تجزئي، ۽ اهڙن پيٽرنس کي سڃاڻڻ لازمي هو، جن کي اڪثر ماڻهو نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. سائنس ۽ تخليق کي جدا ڪرڻ بدران، هن ٻنهي کي هڪ ٻئي جو مددگار سمجھيو جيڪي زندگيءَ جي اونھي فهم لاءِ ڪوشش ڪن ٿا. سائنس جتي انساني جسم جي ان ڏٺل حقيقتن کي نروار ڪيو، اتي شاعري سندس تخيل، احساسن، علامتن ۽ ثقافت جي اڻ ڏٺل پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي.

ان ئي منفرد نقطئہ نظر کيس اهو سوال پڇڻ تي مجبور ڪيو جنهن سندس ادبي زندگيءَ جو بنياد رکيو: ڇا شاعريءَ کي رڳو لفظن بدران بصري اظهار جي طاقت ذريعي به محسوس ڪري سگهجي ٿو؟

ان وقت، جڏهن شاعري وڏي حد تائين رڳو ٻوليءَ، وزن ۽ ترنم تائين محدود هئي، ڊاڪ پين پين ڪجھ بلڪل نئون سوچيو. سندس يقين هو ته ٽائپوگرافي، فنڪارانه ترتيب، علامتون ۽ بصري ڊزائين رڳو آرائش بدران شاعراڻي مفهوم جو اهم حصو بڻجي سگهن ٿا. ان ئي فڪر مان “Pentasi B Telepathic 5M Visual Poetry” جنم ورتو، هڪ اهڙو ادبي فلسفو جنهن ڇپيل صفحي کي هڪ کليل ڪينواس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جتي ٻولي ۽ تصويرون ملي ڪري هڪ گهرو ۽ اثرائتو آرٽسٽڪ تجربو تخليق ڪن ٿيون. هي رڳو نئين شاعراڻي طرز جي شروعات نه هئي، بلڪه هڪ فلپائني ايجاد هئي جنهن روايتي ادبي بيانن کي چئلينج ڪيو ۽ پڙهندڙن کي عقل توڙي تخيل بجاءِ شاعريءَ کي نئين انداز ۾ محسوس ڪرڻ جي دعوت ڏني.

هيءَ سوچ جلد ئي ذاتي تجربن کان وڌي وئي. 10 اپريل 2011ع تي، آنٽيپولو شهر ۾ “I Inspire the World Friendship Poetry” جي موقعي تي لڳ ڀڳ 150 شاعر، تعليمي ماهر، فنڪار، شاگرد ۽ ثقافتي اڳواڻ گڏ ٿيا. اها هن تحريڪ جي شروعاتي عوامي ترقين مان هڪ هئي. هڪ ادبي تقريب کان وڌيڪ، هن ھنڌ تي شائقين کي Pentasi B Telepathic 5M Visual Poetry سان متعارف ڪرايو ويو، جتي شاعريءَ کي ٻوليءَ، علامتن، فنڪارانه تخيل ۽ بصري جوڙجڪ جي ميلاپ طور پيش ڪيو ويو. اها هڪ بين الاقوامي سفر جي شروعات هئي جنهن هن فڪر کي فلپائن جي حدن کان پري تائين پهچايو. ماڻهن جي ردعمل ثابت ڪيو ته ڊاڪ پين پين جا خيال انهن ليکڪن جي وڌندڙ برادريءَ سان هم آهنگ هئا جيڪي ادب کي دوستي، امن ۽ ثقافتي هم آهنگيءَ جو ذريعو مڃيندا هئا.

پرڏيهي ادبي تنظيمن پاران دعوتناما ملڻ سان هن تحريڪ ۾ وڌيڪ تيزي آئي. مئي 2012ع ۾، ڊاڪ پين پين رچمنڊ، برٽش ڪولمبيا ۾ منعقد ٿيل “World Poetry Canada International Peace Festival” ۾ فلپائن جي نمائندگي ڪئي، جتي هن شاعرن، عالمن ۽ ثقافتي نمائندن جي عالمي اسٽيج تي پنهنجو بنيادي فلسفو پيش ڪيو. سندس پيشڪش ڏيکاريو ته ڪيئن لفظ، بصري جوڙجڪ، علامتون ۽ فنڪارانه ڊزائين ملي ڪري هڪ يونيفائيڊ ادبي تجربو بڻجي سگهن ٿا. هي فيسٽيول سندس ڪيريئر جو هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو. کيس سندس ادبي تحريڪ ۽ ادب ذريعي دوستيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ “Writers International Network” پاران Visionary Poet Award سان نوازيو ويو. ان ئي بين الاقوامي تقريب دوران کيس بصري شاعريءَ جو اَبو (Father of Visual Poetry) جي سڃاڻپ ملي، اهڙو لقب جيڪو پوءِ سندس سموري زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو. هي اعزاز صرف ذاتي پذيرائي نه هئا. ان مان ثابت ٿيو ته فلپائن مان جنم وٺندڙ ادبي فلسفي عالمي تخليق ۾ پنهنجي نئين جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

مڃتا جو اهو سلسلو اتي ئي ختم نہ ٿيو. 15 نومبر 2013ع تي، نيشنل لائبريري آف فلپائن جي تعاون سان، منيلا جي ‘National Museum of the Filipino People’ جي ماربل هال ۾ “Pentasi B Historical Forum and World Friendship Poetry Celebration” ڪوٺايو ويو. عالمن، تعليمي ماهرن، آرٽسٽن ۽ شاعرن گڏجي بصري شاعريءَ جي وڌندڙ اثر ۽ ڊاڪ پين پين جي قائم ڪيل بين الاقوامي ادبي تحريڪ جو جائزي ورتو. فورم دوران، نيشنل لائبريريءَ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر انتونيو ايم سينٽوس (Antonio M. Santos) چيو ته ڊاڪ پين پين جو شاهڪار لائبريرين تائين محدود رهڻ کان وڌيڪ احترام جو مستحق آهي ۽ هن خيال جو اظهار ڪيو ته کيس ملڪ جو اعلي ترين آرٽسٽڪ اعزاز ملڻ گھرجي. سندس اهو بيان ان وڌندڙ اتفاقِ راءِ جو عڪس هو ته هي هاڻي رڳو هڪ فرد جو ڪم ناهي رهيو، بلڪه فلپائني ادب جي مسلسل ترقيءَ ۾ هڪ اهم واڌارو بڻجي چڪو آهي. هڪ سوال کان شروع ٿيندڙ سفر هاڻي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل تحريڪ بڻجي چڪو هو ۽ ان جا سڀ کان شاندار باب اڃان لکجڻا هئا.

جڏهن فلپائني ادبي نظريو سرحد پار ڪري ويو

هر عظيم ادبي تحريڪ ۾ اهو لمحو ايندو آهي جڏهن ان جو اثر ان جي جنم جي ھنڌ کان اڳتي نڪري ويندو آهي. ڊاڪ پين پين بگتونگ تاڪپسلِم لاءِ اهو لمحو ڪنهن هڪ مضمون يا انعام ذريعي نه، بلڪه اهڙن بين الاقوامي دعوتنامن جي تسلسل سان آيو جن ثابت ڪيو ته سندس ادبي فلسفو فلپائن کان ٻاهر به برابر اثر رکي ٿو. 2012ع ۾ بصري شاعريءَ کي ڪئناڊا ۾ مڃتا ملڻ کان پوءِ، ليکڪن، استادن ۽ ثقافتي ادارن جي دلچسپي وڌندي وئي. اهو تجربو هاڻي ادبي مفاهمت ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي بين الاقوامي گفتگوءَ جو حصو بڻجي چڪو هو. هي هاڻي صرف شاعري لکڻ جو نئون طريقو نہ هو؛ پر ان ڳالهه جو ثبوت هو ته فلپائني ادب عالمي ادبي روايتن ۾ پنهنجو فڪر شامل ڪري سگهي ٿو.

جيئن بين الاقوامي مڃتا وڌندي وئي، تيئن اڪيڊمڪ ۽ ثقافتي ماڻهن تائين بصري شاعري پهچائڻ جا موقعا به وڌندا ويا. “Pentasi B Collector’s Edition” مان چونڊيل مواد برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي جي “Irving K. Barber Learning Centre” ۾ نمائش لاءِ رکيو ويو، جتي شاگردن، محققن ۽ استادن فلپائني ادب جو اهو جديد نمونو ڏٺو. ساڳئي وقت، ادبي رسالن ۽ ثقافتي فورمز بصري شاعريءَ جي ترقيءَ کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ته ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا مان ملندڙ دعوتون ڊاڪ پين پين جي ادبي ڪمن جي وڌندڙ مڃتا جو مظهر هيون. انهن اڳڀرائين ڏيکاريو ته سندس ادبي فلسفو هاڻي ڪو علحده ڪم ناهي، بلڪه اهڙو انداز آهي جيڪو ٻوليءَ، علامتن ۽ بصري جوڙجڪ جي ميلاپ کي همٿائي ٿو. هر نمائش ۽ پرڏيهي دوري سان فلپائني ادب کي نئي سڃاڻپ ملي.

2017ع ۾ هڪ ٻيو تاريخي باب تڏهن کليو جڏهن ڊاڪ پين پين حيدرآباد، انڊيا جي ‘راموجي فلم سٽي’ ۾ منعقد ٿيل بين الاقوامي ادبي ميلي ۾ شرڪت لاءِ ويو، جتي سڄي دنيا مان مشهور شاعر، اديب ۽ ثقافتي اڳواڻ گڏ ٿيا هئا. اتي هن هڪ ڀيرو ٻيهر “Pentasi B Telepathic 5M Visual Poetry” پيش ڪئي. تقريب دوران کيس بصري ادبي آرٽ جي نئين شروعات ڪرڻ تي درشيا چڪرورتي  Driisya Chakravarty  بصري شاعريءَ جو شھنشاھ جو لقب ڏنو ويو. تقريب جي آخر ۾ بين الاقوامي ادبي تنظيمن پاران کيس ڪويتا چڪرورتي (Kavita Chakravarti) جي عنوان سان ساراهيو ويو، جنهن جي معني آھي King of Poetry ۽ جنھن سان عالمي سطح تي بصري شاعريءَ جي قيادت واري حيثيت کي تسليم ڪيو.

انڊيا جي دوري جي سڀ کان يادگار لمحن مان هڪ لمحو ڊاڪ پين پين جي هندستان جي وزيراعظم نريندر موديءَ سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات هئي. ان موقعي تي وزيراعظم موديءَ کيس پنهنجي هٿ سان لکيل شاعراڻو خراجِ تحسين پيش ڪيو—اهو لمحو “PENTASI B World Friendship Poetry Movement” جي ادبي دوستي ۽ احترام واري روح جي عڪاسي ڪري ٿو. ان ملاقات عالمي ڌيان حاصل ڪيو، پر ڊاڪ پين پين جو اهو يقين محڪم رهيو ته ادب جي خوبي پذيرائي يا شهرت ۾ ناهي، بلڪه ان جي صلاحيت ۾ آهي جنهن سان هو مختلف ثقافتن کي پاڻ ۾ جوڙي ٿو. سندس مقصد هميشه هڪ ئي رهيو: شاعريءَ کي بين الاقوامي ٻوليءَ طور استعمال ڪرڻ جتان ثقافتي فرق ختم ٿي سگهن.

بين الاقوامي اعزازن جي باوجود، ڊاڪ پين پين انعامن کي پنهنجي سفر جي آخري منزل نه سمجهيو. ان بدران، اهي اعزاز ان وڏي مقصد وارا ميل جا پٿر بڻجي ويا جنهن جو مقصد فلپائن کي “شاعريءَ جي عالمي دل” (Poetry Heart of the World) بنائڻ هو. تحريڪ کي اڳتي وڌائيندي هن مختلف ملڪن جي شاعرن، استادن، فلم سازن، شاگردن ۽ عالمن کي گڏ ڪيو، انهن کي همٿايو ته اهي ادب کي رڳو فن نہ، بلڪه امن، دوستي ۽ سفارت جو شاندار ذريعو سمجهن. هن ثابت ڪيو ته هڪ ثقافت مان جنم وٺندڙ سوچ تحريڪ بڻجي حدون پار ڪري سگهي ٿي.

بصري شاعريءَ جي بانيءَ جو اڻمٽ اثر

ڊاڪ پين پين بگتونگ تاڪپسلِم جي ميراث کي رڳو انعامن يا مليل القابن سان نٿو ماپي سگهجي. سندس سڀ کان وڏي حاصلات اها تحريڪ آهي جيڪا ماڻهن کي مسلسل تحرڪ ڏئي رهي آهي. تاريخ ۾ عظيم ادبي شخصيتون ان ڪري ياد ناهن رکيون وينديون ته انهن ڪجھ نئون لکيو، بلڪه ان ڪري ياد رهنديون آهن جو انهن اهڙا فڪر پيدا ڪيا جيڪي نسلن تائين زندهه رهن ٿا. ڊاڪ پين پين لاءِ هي نظريو ڪڏهن به هڪ فرد تائين محدود رکڻ لاءِ نه هو. هي هڪ جيئرو جاڳندو فلسفو هو جنهن مختلف ملڪن جي ليکڪن، آرٽسٽن ۽ استادن کي تخليق ذريعي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو.

جيئن هيءَ تحريڪ ايشيا، يورپ، اتر آمريڪا ۽ آفريقا ۾ پکڙجي وئي، Pentasi B شاعريءَ جي تنظيم کان وڌيڪ هڪ وسيع نيٽ ورڪ بڻجي وئي. فيسٽيول، نمائشون، ۽ اڪيڊمڪ پرنسپل پاران مختلف زبانن وارا ليکڪ هڪ اهڙي پليٽ فارم تي مليا جتي شاعري ڳنڍيندڙ پُل بڻجي وئي. هيءَ تحريڪ هاڻي فلپائني تخليق ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل نئين دنيا ٺاهي رهي هئي.

خود فلپائن ۾ به ڊاڪ پين پين جي خدمتن جي مڃتا لڳاتار وڌندي رهي آهي. ناميارن اديبن، نيشنل لائبريريءَ جي اڳوڻن عهديدارن، ۽ NCCA ۽ Komisyon sa Wikang Filipino جي اڳواڻن سندس ادبي جاکوڙ کي عوامي سطح تي مڃيو آهي. 15 نومبر 2013ع تي نيشنل ميوزيم جي ماربل هال واري تقريب ۾ اڳوڻي ڊائريڪٽر انتونيو ايم سينٽوس جا چيل لفظ اڄ به هن ثقافتي خدمتن جو اعتراف بڻجي گونجن ٿا.

پر سندس سڀ کان وڏي ميراث اهي نوان ليکڪ ۽ فنڪار آهن جيڪي سندس فڪر مان پنهنجي شاعريءَ لاءِ روشني حاصل ڪن ٿا. سندس سفر اهو ثابت ڪري ٿو ته ادبي اثر جو تعلق جاگرافيائي حدن سان ناهي، بلڪه جدت، مسلسل محنت ۽ مانائتي مقصد سان آهي. بصري شاعريءَ لاءِ پنهنجي پوري زندگي وقف ڪري، ڊاڪ پين پين ثابت ڪيو ته فلپائني ليکڪ پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ برقرار رکي عالمي ادب ۾ پنهنجو نالو ٺاهي سگهي ٿو.

دنيا ڊاڪ پين پين کي بصري شاعريءَ جو اَبو ڇو ٿي تسليم ڪري؟ ان جو جواب مليل اعزازن کان گھڻو وڌيڪ گهرو آهي. اهو جواب ان اثر ۾ پوشيده آهي جنهن شاعريءَ کي هڪ نئون روپ ڏنو، عالمي ادبي تحريڪ کي جنم ڏنو ۽ تخليق جي عالمي ٻوليءَ ذريعي ملڪن جي وچ ۾ دوستيءَ کي مضبوط ڪيو. هڪ پيٿالوجسٽ ڊاڪٽر کان وٺي هڪ بين الاقوامي ادبي بانيءَ تائين ڊاڪ پين پين جي ڪهاڻي هڪ اهڙي فلپائني فڪر جو داستان آهي جنهن جو پڙاڏو هميشه زندهه رهندو. سندس خدمتون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته ادب پنهنجو اعلي ترين مقصد تڏهن حاصل ڪري ٿو جڏهن اهو سرحدن کان وڌي مختلف ثقافتن جي وچ ۾ ڳالهين ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ کي هٿي وٺائي ٿو.

_______________

ھيلينڪ ميڊيا گروپ جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button