روانڊا ۾ رولاڪيون: سفرنامو پڙھندي لڳي ٿو ڄڻ سنڌ پهچي ويا آھيون
روانڊا جي گاديءَ واري هنڌ ڪگالي ۾، جيڪو پهاڙين ۽ ٽڪرين جي وچ ۾ آباد هڪ خوبصورت شهر آهي، آڌرڀاءُ لاڙڪاڻي جو مظفر سومرو صاحب ڪري ٿو. وري گسني ۾ خيرپور ناٿن شاهه جي سجاد لاکير جهڙا ماڻهو ملن ٿا، جيڪو اتي چانورن جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي. گسني هجي يا ڪگالي، اتي هڪ ننڍڙي سنڌ جڙي بيٺل نظر اچي ٿي. سنڌين جي مهمانوازي، ٻانهون ٻڌڻ، سائين لفظ جي ورجاءَ، گڏجي پنڌ ڪرڻ، کل ڀوڳ، ٽهڪڙا، سنڌي ٻوليءَ جي ٻولن جو هڳاءُ ۽ هڪ ٻئي سان پنهنجائپ جو احساس، اهي سڀ شيون پرڏيهه ۾ به ماڻهوءَ کي پنهنجو گهر ياد ڏياري ڇڏين ٿيون.
بلوچ صحبت علي ۽ سندس همسفر ساٿين جنيد ڏهر، سائين مختيار سمون، پرتاب شيواڻي ۽ محمود پتوجو جي آفريقا جي ملڪ روانڊا ۾ ڪيل رولاڪين واري سفرنامي جي ڪتاب جو اڀياس

سئيڊن مان عبداللہ عثمان مورائي لکي ٿو
آفريقي ملڪ روانڊا بابت مون سڀ کان پهرين فلم هوٽل روانڊا وسيلي ٻڌو ۽ ڏٺو هو، اهو ئي منهنجو روانڊا سان پهريون تعارف هو. ان فلم ۾ انسانيت، درد، خوف، بقا ۽ اميد جي جيڪا ڪهاڻي پيش ڪئي وئي هئي، تنهن منهنجي ذهن ۾ روانڊا جو هڪ گهرو نقش ڇڏي ڏنو هو. پر هاڻي روانڊا سان منهنجو ٻيو تعارف پنهنجي ئي ديس واسين جي اکين وسيلي ٿي رهيو آهي، جيڪو بيشڪ وڌيڪ جيئرو، وڌيڪ ويجهو ۽ وڌيڪ لاڀائتو آهي. بلوچ صحبت علي صاحب ۽ سندس همسفر ساٿين جنيد ڏهر، سائين مختيار سمون، پرتاب شيواڻي ۽ محمود پتوجو جي آفريقا جي ملڪ روانڊا ۾ ڪيل رولاڪين جو سربستو حال احوال سفرنامي جي صورت ۾ منهنجي سامهون آهي.
اصل ۾ ڏٺو ايئن ويو آهي ته اسان جا گهڻا ديسي ماڻهو سياحت لاءِ اڪثر ٿائيلينڊ ، يورپ يا آمريڪا کي ئي ترجيح ڏيندا آهن. ماڻهو وري وري ساڳين ماڳن، ساڳين شهرن ۽ ساڳين ملڪن ڏانهن وڃڻ پسند ڪندا آهن، جتي آسائشون، سهولتون ۽ سڃاتل ماحول موجود هجي. پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته يورپ جا ڪيترائي سياح وري يورپ کان ٻاهر اهڙن ملڪن ڏانهن وڃڻ پسند ڪن ٿا، جتي کين ڪو نئون تجربو ملي، جتي فطرت، ماڻهو، ثقافت ۽ حالتون سندن روزمرهه جي دنيا کان مختلف هجن مثال طور جيئن ايشيا، آفريقا يا ڏکڻ آمريڪا وغيره. منهنجي خيال ۾ سياحت جي اها وڌيڪ اونچي ۽ پختي سطح آهي، جتي ماڻهو صرف عيش عشرت يا آرام خاطر نه، پر دنيا کي اصل رنگن ۾ ڏسڻ لاءِ نڪري ٿو.

اصل مزو تڏهن ئي هوندو آهي جڏهن سفر ۾ ٿورا چئلينجز به هجن، ٿورو انتظار هجي، اڻڄاتل رستا هجن، نوان ماڻهو هجن ۽ ڪجهه اهڙيون حالتون هجن جيڪي ماڻهوءَ کي پنهنجي آرام واري دائري کان ٻاهر ڪڍن. پوءِ جڏهن ماڻهو انهن سڀني تجربن مان گذري واپس پنهنجي ڏيهه موٽي اچي ٿو ۽ اهي قصا پنهنجن پيارن، اولاد، مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ونڊي ٿو ته انهن ڳالهين ۾ هڪ عجيب قسم جو مٺاڻ هوندو آهي. سفر جا اهي قصا رڳو وقتي وندر ناهن هوندا، پر نسلن تائين زندهه رهندا آهن.
اڄ به اسان کي گهر جا وڏا ٻڌائيندا آهن ته اسان جو ڏاڏا سائين حاجي قادر بخش سومرو ٿرپارڪر کان اجمير شريف جي زيارت لاءِ ريل وسيلي ويا هئا يا پاڻيءَ جي جهاز تي حج ڪرڻ ويا هئا. انهن سفرن جا ذڪر اڄ به گهرن ۾ احترام سان ڪيا ويندا آهن. انهيءَ ڪري جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن سفرن کي قلم بند ڪري سفرنامي جي صورت ڏئي ٿو ته اهو رڳو هڪ ڪتاب نٿو رهي، پر پڙهندڙن لاءِ تحفو، ايندڙ نسلن لاءِ يادگار ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ هڪ سونهون ۽ گائيڊ بڻجي وڃي ٿو. سو سائين بلوچ صحبت علي جو هيءُ سفرنامو منهنجي لاءِ اهي ٻئي ڪم ڪري ٿو.

سفرنامي کي پڙهندي هڪدم محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ماڻهو ڦري واپس سنڌ پهچي ويو هجي، جڏهن اهي روانڊا جي گاديءَ واري هنڌ ڪگالي ۾ پهچن ٿا، جيڪو پهاڙين ۽ ٽڪرين جي وچ ۾ آباد هڪ خوبصورت شهر آهي ۽ سندن آڌرڀاءُ لاڙڪاڻي جو مظفر سومرو صاحب ڪري ٿو. يا وري گسني ۾ خيرپور ناٿن شاهه سان تعلق رکندڙ سجاد لاکير جهڙا ماڻهو ملن ٿا، جيڪو اتي چانورن جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي. پوءِ گسني هجي يا ڪگالي، اتي هڪ ننڍڙي سنڌ جڙي بيٺل نظر اچي ٿي. سنڌين جي مهمانوازي، ٻانهون ٻڌڻ، “سائين” لفظ جي ورجاءَ، گڏجي پنڌ ڪرڻ، کل ڀوڳ، ٽهڪڙا، سنڌي ٻوليءَ جي ٻولن جو هڳاءُ ۽ هڪ ٻئي سان پنهنجائپ جو احساس، اهي سڀ شيون پرڏيهه ۾ به ماڻهوءَ کي پنهنجو گهر ياد ڏياري ڇڏين ٿيون.

مان پاڻ ان احساس کي چڱي ريت سمجهي سگهان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ڏورانهين ديس ۾ ڪو پنهنجو ماڻهو ملي وڃي ته اها وڏي عياشي کان گهٽ ناهي هوندي. گذريل مهيني هتي اسٽاڪهولم ۾ نيپلز اٽليءَ ۾ پڙهندڙ دوست موري جو سلمان حبيب ڪورائي ۽ دادو جو عبدالقيوم جمالي آيا هئا. انهن به اها ئي ڳالهه ڪئي ته پرديس ۾ جڏهن ڪو پنهنجو ملي ٿو ته دل وڏي ٿي وڃي ٿي، ڄڻ اوچتو ساهه ۾ سڪون اچي وڃي. سو چوڻ جو مقصد ته جتي سنڌي هوندا، اتي ننڍڙي سنڌ ضرور هوندي ۽ دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان جي مهمانوازي زندهه ۽ جاري و ساري رهندي.
روانڊا جي هن سفرنامي ۾ اتان جي ويزا، ماڻهن، مختلف قبيلن، جاگرافي، تاريخ، ثقافت، روايتي کاڌن، ميون، هوٽلن، ديسي ريسٽورنٽن، فطري سونهن، ٻولين، ڪرنسي، سياست، سياحت، سياحن سان وهنوار، بسن جي سفر، بسن جي ڪمپنين، انهن جي عملي، بارڊرن تي اميگريشن آفيسرن جي روين، ٽريفڪ جام ۾ ماڻهن جي صبر، صفائي سٿرائي، امن امان، تعليم، اسڪولن جي ڄار، روڊن جي معيار، گاڏين جي رفتار جي قانونن، ڍنڍن ۽ انهن جي ڪنارن تي سج لهڻ جي حسين منظرن، جهنگلي جيوت، خاص ڪري گوريلا نسل جي ڀولن ۽ انهن جي حفاظت ڪندڙ آمريڪي عورت ڊيان فوسيء بابت تمام سٺي ۽ تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي.

نسل ڪشي بابت يادگار گهمندي بلوچ صحبت علي جيڪا منظرڪشي ڪئي آهي سا ڏاڍي لڳ ڪانڊاريندڙ آهي. حساس دل ماڻهوءَ لاءِ اهڙا منظر پڙهندي اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي لفظ به ساٿ ڇڏي ڏين ٿا. انسان سوچي ۾ پئجي وڃي ٿو ته نفرت، طاقت ۽ سياست انسانيت کي ڪيڏو نه تباهه ڪري سگهي ٿي ۽ پوءِ وري ڪي قومون ڪيئن پنهنجي پاڻ کي سنڀالي اڳتي وڌن ٿيون.
هتي سئيڊن ۾ دڪانن ۾ اڪثر مخصوص قسم جا سڪل ڪيلا ڀاڄين واري حصي ۾ رکيل هوندا آهن جن جا خريدار گهڻو ڪري آفريقا جا ماڻهو هوندا آهن. مان هميشه سوچيندو هوس ته آخر اهي انهن ڪيلن مان ڇا ٺاهيندا هوندا. سو هن سفرنامي وسيلي “متوڪي” ڪيلي جي ٻوڙ ۽ باهه تي سيڪيل ڪيلن بابت پڙهي مون کي به اها پراڻي تجسس واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. سفرنامي جو حسن ئي اهو هوندو آهي ته اهو رڳو ماڻهن يا ماڳن بابت نه پر روزمرهه جي ننڍين ننڍين شين بابت به نوان در کوليندو آهي.

هتي يورپ ۾ بس ۾ ڀلي ڪو ماڻهو ڀرسان ويٺو هجي پر هروڀرو ڳالهه ٻولهه گهٽ ٿيندي آهي ۽ هڪ ٻئي کي شيون آڇڻ ته تمام پري جي ڳالهه آهي. جڏهن ته آفريقا ۾ ساڳيو پاڪستان وارو لقاءُ محسوس ٿئي ٿو جتي اوپرا ماڻهو به پنهنجا لڳن ٿا، ڪچهريون ٿين ٿيون، کل ڀوڳ ٿئي ٿي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي کي شيون آڇڻ ۾ به نه ڪيٻائيندا آهن. هڪ ڳالهه جيڪا تمام بهتر لڳي اتي گهڻي قدر ته يورپ وانگر بسن ۾ به مقرر رفتار ۽ نظم ضبط جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي هروڀرو سٿڻ وارو رواج گهٽ نظر اچي ٿو. شايد اها تعليم ۽ ترقيءَ جو نتيجو هجي يا شايد مختلف ڪمپنين جا پنهنجا اصول هجن، سا خبر خدا کي.
مزي جي ڳالهه اها به آهي ته بلوچ صحبت علي سفر دوران پنهنجن دوستن کي نظارن جون وڊيوز موڪليندو رهي ٿو ته جيئن اهي به دنيا ڏسڻ لاءِ همٿ ڪن. منهنجي خيال ۾ ائين ڪرڻ سان ماڻهو هڪ ٻئي ۾ اتساهه پيدا ڪن ٿا، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. هن سفرنامي ۾ مڌ، برساتي موسم، انتظار، سفر، شاعري ۽ سگريٽ جي ڪشن کي به ڏاڍي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ رڳو منظر نٿو ڏسي سگهي، پر انهن کي محسوس ضرور ڪري ٿو.

هن سفري ڪٿا ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي، سائين مختيار سمون، خليل ڪنڀر ۽ بشير سيتائي جي شاعريءَ سان گڏ نصرت فتح علي خان جي ڳايل گانن جو ذڪر به ملي ٿو ۽ گڏوگڏ مٺي ٿر جي گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جا حوالا به پڙهندڙ کي پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍي رکن ٿا. سفر دوران ساٿين جو ڪن ڳالهين تي اتفاق ڪرڻ ۽ ڪن تي اختلاف رکڻ به سفر جي پنهنجي سونهن هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ئي ڳالهيون پوءِ سالن کانپوءِ ياد ڪري ماڻهو هڪ ٻئي تي ۽ پنهنجو پاڻ تي کلندا آهن. جيئن انگريزيءَ ۾ چوندا آهن، “Two is company, three is a crowd.” يعني سفر ۾ ٻن کان وڌيڪ ماڻهو هجن ته پوءِ اهو ميڙ ٿيو، جتي مختلف خيال، مختلف مزاج ۽ مختلف خواهشون به گڏ هلنديون آهن. ڪنهن کي بصر بادي هوندي ته ڪنهن کي وري واڱڻ وائي.
منهنجي خيال ۾ جڏهن ماڻهو گهمڻ نڪري ته جيترو ٿي سگهي اوترو وڌيڪ ڏسي وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته زندگي هر هنڌ ٻيهر وڃڻ جو موقعو نٿي ڏئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هنڌ وڃڻ لاءِ دل نٿي چوي پر پوءِ اتي پهچڻ کانپوءِ احساس ٿيندو آهي ته اصل مزو ته هتي هو. جيئن دوستن جي گسني وڃڻ لاءِ دل نه پئي چوي پر پوءِ جڏهن اتي پهتا ته سندن سفر جا پيسا سجايا ٿي پيا.

هن سفرنامي مان روانڊا جي شهرن گسني ۽ ڪگالي ۾ پاڪستانين جي موجودگي، انهن جي ڪاروبار ۽ زندگين بابت به ڄاڻ ملي ٿي، جنهن مان اهو احساس ۽ تاثر پيدا ٿئي ٿو ته انهن ملڪن ۾ ڪاروبار جا وسيع موقعا موجود آهن. بلوچ صحبت علي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته روانڊا ۾ ٻارن جي سڃاڻپ ماءُ جي نالي سان ڪئي ويندي آهي، يعني ولديت ۾ ماءُ جو نالو لکيو ويندو آهي، جيڪا ڳالهه اسان جي سماج جي رواجن کان بلڪل مختلف آهي ۽ پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.
وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن سفرنامي ۾ نه رڳو روانڊا پر ان جي پاڙيسري ملڪ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف دي ڪانگو بابت به اهم معلومات ملي ٿي، جتي جي قيمتي ڌاتن، خاص ڪري نيري سون، مختلف پٿرن، ٻرندڙ جبلن ۽ اتي جي حالتن جو به ذڪر آهي.
مظفر سومري جي ڳالهه بلڪل ٺيڪ لڳي ٿي ته اهو سفر شايد وڌيڪ بهتر پلاننگ سان ٿي سگهي ها جيئن ساڳين رستن جو ورجاءُ گهٽ ٿئي ها ۽ بارڊرن تي هروڀرو جي انتظار کان بچي سگهجي ها. ائين ڪرڻ سان پيسو، وقت ۽ توانائي بچي سگهي ٿي، پر سفر آخرڪار ماڻهوءَ کي سيکاريندو به ته تجربن وسيلي ئي آهي. ماڻهو سفر ڪرڻ کانپوءِ ئي سکندو آهي ته ايندڙ سفر کي ڪيئن وڌيڪ بهتر بڻائجي.

هي سفرنامو دلچسپي، مشاهدي ۽ ڄاڻ سان ڀريل آهي. پڙهندڙ کي ڪيترن ئي هنڌن تي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو پاڻ به انهن سان گڏ سفر جو ساٿي هجي. سائين بلوچ صحبت علي جس لهڻي جو هو رڳو سفر ڪري واپس موٽي ناهي آيو پر انهن تجربن کي قلم بند ڪري ايندڙ نسلن لاءِ هڪ قيمتي يادگار ڇڏي رهيو آهي.
سفر ۽ سياحت قدرت جا وڏا تحفا هوندا آهن. ڪيترن ماڻهن وٽ مال ملڪيت هوندي به اهي انهن تحفن کان محروم رهجي ويندا آهن. سو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ماني، مڇي ۽ روزگار جي چڪر ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ته کيس زندگيءَ جي هن حسين تحفي ڏانهن به ضرور غور ڪرڻ گهرجي، ان کان اڳ جو وقت، عمر يا صحت اجازت ڏيڻ ڇڏي ڏئي.
______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



