Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

ڪوٽ لالو سانحو: سنڌ ۾ جُڙتو پوليس مقابلا ۽ عدالتن کان مٿانھان قتل 

ڪوٽ لالوءَ جو سانحو صرف هڪ خبر ناهي، هي ضمير کي جھوري ڇڏيندڙ سوال آهي ته سنڌ ۾ انصاف عدالتون ڪنديون يا بندوقن جا مُنھن؟

ڪوٽ لالوءَ جو سانحو امتحان آهي سنڌ حڪومت لاءِ. ڇا آزاد جاچ ٿيندي؟ ڇا ملوث اهلڪار جوابده ٿيندا؟ يا هي ڪيس به فائيلن جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويندو؟

مُشتاق ٽانوري

سنڌ جي ڌرتيءَ تي پوليس مقابلا هاڻي ڪو اوچتو ٿيندڙ حادثو ناهن پر ڄڻ روزاني ڪهاڻي بڻجي چڪا آهن. هر دور ۾ ورديءَ جي نالي تي انصاف جي تارازي هڪ پاسي جهڪندي رهي آهي ۽ هر نئين حڪومت ۾ اهو زخم وڌيڪ گهرو ٿيندو ويو آهي. وقت سان گڏ اهي مقابلا گهٽجڻ بدران ڄڻ وحشت جا نوان رنگ اختيار ڪندا ويا آهن ــ ڪڏهن گوليون ڳالهائين ٿيون، ڪڏهن خاموشيون.

ڪوٽ لالوءَ ڀرسان پيش آيل واقعو به اهڙي ئي هڪ رت سان لکيل باب وانگر آهي، جتي ٽي نوجوان عاقب شر، مولا بخش شر ۽ غلام مجتبيٰ شر شڪي پوليس مقابلي ۾ پنهنجي زندگين کان محروم ٿي ويا. پر هي واقعو رڳو ٽن انسانن جي قتل جو نه هو، هي قانون جي سيني ۾ لڳل اهو خنجر هو، جنهن مان اعتماد جو رت وهي رهيو آهي. هي سوال آهي حڪومت جي ڪردار تي، پوليس جي اختيارن تي ۽ ان آئين تي جيڪو هر شهري کي زندگي جو حق ڏئي ٿو.

ان رات ڪوٽ لالو جي هوائن ۾ ٻه بلڪل الڳ ڪهاڻيون گردش ڪري رهيون هيون. هڪ ڪهاڻي انهن اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جي هئي، جيڪي پنهنجن جوان پٽن جي لاشن تي وسڪاري وانگر وسي رهيا هئا  ۽ ٻي ڪهاڻي پوليس جي ڪاغذن تي لکيل هئي، جتي هر گولي ”قانوني ڪارروائي“ بڻجي وئي هئي. وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي ايس ايڇ او ڳالهين جي نالي ۾ گهرايو، پر موٽ ۾ لاش مليا. قانون جو اصول ته اهو سيکاري ٿو ته الزام هجي ته نوٽيس ڏيو، عدالت ۾ پيش ڪريو پر هتي ته ڳالهائڻ جو مطلب ئي موت بڻجي ويو. الزام اهو به آهي ته خانگي ماڻهن هٿان گوليون هڻي قتل ڪرايو ويو ۽ پوءِ پوليس مقابلي جو پردو وجهي حقيقت کي دفنايو ويو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اها رڳو واردات نه، پر رياستي دهشتگردي آهي. واقعي کان پوءِ پوليس جو غائب ٿي وڃڻ، لاشن کي بنا وضاحت جي اسپتال پهچائڻ ۽ خاموشيءَ جي اوٽ ۾ لڪڻ، شڪ کي وڌيڪ ڳرو بڻائي ڇڏيو. جيڪڏهن مقابلو سچو هو ته پوليس کي خوف ڇو ٿيو؟ ڇو نه عوام آڏو بيهي حقيقت بيان ڪئي وئي؟ شفافيت ته بيگناهيءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت هوندي آهي. ٻئي پاسي پوليس جو بيان ڪنهن فلمي اسڪرپٽ وانگر هو” خطرناڪ ڏوهاري، ڳجهو اطلاع، مقابلو، هٿيار هٿ، ۽ جوابدار مارجي ويا.“ دعويٰ ڪئي وئي ته ٽنهي مٿان درجنين ڪيس هئا ۽ حڪومت سندن سِرن تي لکين رپين جا انعام رکيا هئا. پر جيڪڏهن پوليس ئي جج، پوليس ئي جلاد بڻجي وڃي، ته پوءِ عدالتون ڇو آهن؟ آئين ڇو آهي؟ انصاف جو تصور ڇو؟ صل سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اهي واقعي خطرناڪ هئا ته کين جيئرو گرفتار ڇو نه ڪيو ويو؟ ڇا پوليس وٽ ايتري طاقت ناهي جو هو ڏوهارين کي هٿڪڙيون هڻي عدالت تائين آڻي سگهي؟ يا ڇا قتل هاڻي گرفتاريءَ کان آسان رستو بڻجي ويو آهي؟ مهذب سماجن ۾ پوليس جو ڪم سزا ڏيڻ ناهي، پر انصاف جو رستو کولڻ آهي.

ڪوٽ لالو واقعي کان پوءِ مهراڻ هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو رڳو احتجاج نه هو، اهو عوامي ضمير جو اعلان آهي. لاشن سان گڏ روڊ تي ويهڻ، ٽريفڪ جو بيهجي وڃڻ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو گڏ ٿيڻ، اهو سڀ ان ڳالهه جو ثبوت هو ته ماڻهو پوليس جي هر بيان تي هاڻي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. عوام سوال ڪري رهيو آهي: ڇا سنڌ ۾ قانون زنده آهي يا فيصلا پوليس جي وردي وارا ڪن ٿا؟

وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته خانگي ماڻهن جي شموليت جا الزام به سامهون آيا آهن، ۽ سياسي تڪرارن جو ذڪر به ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن پوليس واقعي بااثر ڌرين جي ونگار بڻجي رهي آهي ته پوءِ هي سماج بارود جي ڍير تي بيٺل آهي. اڄ ٽي نوجوان ماريا ويا آهن، سڀاڻي ڪنهن ٻئي جي باري ٿي سگهي ٿي.

سنڌ ۾ شڪي پوليس مقابلا هاڻي هڪ پاليسيءَ جهڙو روپ اختيار ڪري چڪا آهن. ساڳيا بيان، ساڳيون وضاحتون، ساڳي خاموشي. پر هي واقعو ان خاموشيءَ کي ٽوڙي رهيو آهي. هي رڳو ٽن جانين جو سوال ناهي، هي قانون جي بالادستي جو سوال آهي. آئين جو آرٽيڪل 9 هر شهري کي زندگيءَ جو حق ڏئي ٿو، پر جڏهن وردي ان حق کي گوليءَ سان خاموش ڪري ٿي ته آئين رڳو ڪتابن ۾ رهجي وڃي ٿو. پوليس کي “فورس” بدران “سروس” بڻائڻ جي ضرورت آهي، اهڙي سروس جيڪا ڊپ نه، پر اعتماد پيدا ڪري.

هر پوليس مقابلي جي آزاد، شفاف ۽ عدالتي جاچ ٿئي. قصوروار ڪير به هجي، وردي ۾ هجي يا بغير ورديءَ جي، قانون کيس جوابدار بڻائي. جيستائين انصاف طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙو نه ٿيندو، تيستائين سنڌ جي ڌرتي رت سان رڱجندي رهندي.

ڪوٽ لالو جو واقعو صرف هڪ خبر ناهي، هي ضمير کي جهوري ڇڏيندڙ سوال آهي ته سنڌ ۾ انصاف عدالتون ڪنديون يا بندوقن جا مُنهن؟

ڪوٽ لالو جو واقعو امتحان آهي سنڌ حڪومت لاءِ، ڇا آزاد جاچ ٿيندي؟ ڇا ملوث اهلڪار جوابده ٿيندا؟ يا هي ڪيس به فائيلن جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويندو؟

________________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button