ڪاش ڀتيون به ڳالھائين ھا: حيدرآبا ۾ 102 سال پراڻي عمارت ۽ مھتاڻي پريوار
تلڪ چاڙھيءَ تي سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال واري پوئين گھٽيءَ مان گذر ٿيو ته ھڪ پراڻي جاءِ تي نظر پئي. جاء جي در تي سنگ مرمر جي پٿر تي اُڪريل نالو گلاب راءِ آسن مل مھتاڻي ۽ تعمير جو سال 1922ع نظر آيو
الطاف صديقي
حيدراباد جي پراڻين گھٽين جو سحر ڏسڻو ھجي ته صبح جو سويل انھن گھٽين ۾ نڪري پئجي. يقين ڪريو ته اڄ 78 سال گذرڻ کانپوء به اوھان کي ايئن لڳندو ته ڄڻ ورھاڱو ٿيو ئي ڪونھي. گھٽين جي خاموشيءَ ۾ رُڳو مندرن ٽڪاڻن ۽ مڙھين مان ايندڙ لوبان جو واس ۽ گھنٽين جي ٽِڻ ٽڻ ڪونھي پر ايئن لڳندو آھي ته ٿوري دير ۾ ڪو ديوان ڀائيبند اجھو ڪنھن در مان اڇي ڪُرتي، اڇي ڌوتي ۽ مٿي تي ڪانگريسي ٽوپي پائي ڄاڻ نڪتو ۽ پوء ڪجھ دير ھنن گھٽين ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ ھڪ ٻئي کي رام رام چئي ھٿ ٻڌي نمسڪار ڪندي نظر ايندا، جن جي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمايل نياز نوڙت سماعتن کي سرور ڏيندي. اڄ به اوھان ڪنھن ھندو جھوني سان ڳالھائي ڏسو، اوھان کي سچ تہ ھڪ اھڙي آسيس ۽ آنند ملندو جنھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ سولو ناھي. وقت ويو مٽجي، مالڪ مھمان بنجي، سوين ميل پري زخمي پرن سان اڏامندا ھليا ويا، نون اچي آکيرا وسايا پر انھن کي پکي چوڻ تي زبان نٿي وري. آيا اُھي به ڏتڙجي ھئا، پر اِنھن وفا نه ڪئي .

ٻه ڏينھن اڳ عادت موجب صبح جو قاسم آباد کان حيدرآباد شھر ڏي نڪري پيم. صبح جو وقت ھو، تلڪ چاڙھيءَ تي سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال واري پوئين گھٽيءَ مان گذر ٿيو ته ھڪ پراڻي جاءِ تي نظر پئي. ھن گھٽيءَ مان ھوش واري زندگيءَ جي گذريل 55 سالن ۾ ڪيترائي دفعا گذر ٿيو آھي، پر اڄ ھڪ ته سويل وارو وقت ھو ۽ ڀر واري مسجد مان نمازي نماز ادا ڪري گھرن ڏي ھليا ويا ھئا ۽ گھٽيءَ ۾ خاموشي ڇانيل ھئي. ان سانت واري ماحول ۾ جنھن پراڻي جاءِ وٽان لنگھي رھيو ھيس، ان جاءِ جي ڀت ڄڻ ته ٻانھن مان جھلي بيھاري ڇڏيو ھجي. انھيءَ جاء جي در تي سنگ مرمر جي پٿر تي اُڪريل نالو گلاب راءِ آسن مل مھتاڻي ۽ تعمير جو سال 1922ع نظر آيو. ھيءَ پڪ سرائين جاءِ اڃان به ڪجھ بھتر حالت ۾ موجود آھي. اُن جي اوطاق واري ڪمري جو در ٻاھرين پاسي ڏانھن ھو. گھر جي ڇت زبون نظر آئي، انھيءَ گھر ۾ ماڻھو رھن ٿا. سوچڻ لڳس ته ھن جاء کي 102 سال گذري ويا آھن. جڏھن آسن مل مھتاڻيءَ جو پريوار ھن عمارت کان موڪلائي نڪتو ھوندو ته ان وقت انھيءَ جاءِ جي عمر 24 سال ھوندي. اھڙي شاندار جاءِ کي ڇڏي مھتاڻي پريوار پار ڪڍي رُنا ھوندا. جن ايڏي پريم سان ھيءُ گھر جوڙائيو ھوندو، انھن جي من ۾ ڪيڏو درد ھوندو. پر ڇا ٿو ڪري سگھجي يا ڇا ٿو چئي سگھجي. ورھاڱي کي قبول ڪندڙن ۽ موھن لال گانڌيءَ جيڪو پاڻ بہ ھن شھر ۾ پنھنجي سياسي زندگيءَ ۾ آيو ھو ۽ شھر جي ھندو سيٺين جي مال ملڪيتن کان به واقف ھو، شايد ھتان جي سنڌي ھندن کي سوني جھرڪي سمجھي ھتان اڏارڻ ٿي چاھيو. ھُو شايد اھو نه سمجھي سگھيو ھو ته سنڌي ته ھن خطي جا مالڪ ھئا. پر جيئن مالڪ جي مرضي ھئي ايئن ٿيو. ورھاڱي جي وڇوڙن، مذھب جي فرق ۽ نفرت واري سياست ٻنھي ملڪن کي ويجھو اچڻ نه ڏنو آھي.
ڳالھ پئي ڪيم گلاب راءِ آسن مل مھتاڻيءَ جي جنھن جي پريوار جو نالو مھتاڻي پڙھيم ته منھنجي ذھن م سُشيلا مھتاڻيءَ جو نالو تري آيو جنھن جو تعلق ٿاڻي بولا خان سان ھو. پاڻ ھڪ آسودي گھر جي فرد ھئي ۽ شوقيہ ريڊيو تي ڳايو اٿس. دل چيو ته انھن جو گھر نٿو ٿي سگھي ، پوء سوچيم ته ڪاڪي ڀيرو مل جو در کڙڪائجي جنھن جو پيدائشي گھر به ھتان کان ٻه گھٽيون اڳيان دونھي واري گھٽيءَ ۾ ھو. ڪاڪي ڀيرو مل مھر چند آڏواڻيءَ جي ڪتاب ٻڌايو ته گلاب راءِ جو پيءُ آسن داس ۽ سندس ڏاڏي جو نالو ريجھومل ھو. ھن خاندان جو وڏو ڏاڏو خيرپور مان انگريزن جي شروعاتي دور ۾ لڏي آيو ۽ اچي حيدرآباد جا وڻ وسايائين ۽ زمينداري ڪرڻ لڳو. گلاب راءِ جا ويجھا عزيز ٽنڊي محمد خان جا مُکي ھئا. انھن ۾ مُکي ايسرداس دريانو مل ۽ مُکي مولچند نالي وارا شخص ھئا. گلاب راءِ وارن جو وڏو ڏاڏو مھتاب راءِ ٽنڊي وارن مُکين جي وڏي ڏاڏي جو ڀاء ھو. گلاب راءِ جا پريوار وارا مھتاب راءِ جي نسبت سان پاڻ کي مھتاڻي سڏائين ٿا.
____________
الطاف صديقي رٽائرڊ بينڪر آھي
خوبصورت ڪهاڻي دل کي ڇهندڙ، مان حيدرآباد ۾ پيدا ٿيس ۽ منهنجي ماءُ به 1927 ۾ پيدا ٿي هئي. منهنجو نانا خان صاحب عبدالله خان بردي 1902 ۾ سب انسپيڪٽر گريڊ جو پوليس آفيسر هو، سندس پيءُ اميد علي پنهنجي اباڻي زمين بردي پارو تي پنهنجو گهر ٺاهيو هو، جيڪو هاڻي ابر ت پريس آهي. نانو عبدالله خان بردي 1882 ۾ پنهنجي نئين ٺهيل گهر ۾ پيدا ٿيو. گهڻا رهواسي هندو خاندان هئا، سواءِ منهنجي ناني جي گهر جي جيڪو هڪ مسلمان خاندان هو پر اهي ڀائرن وانگر رهندا هئا، جيئن هڪ خاندان ورهاڱي کان پوءِ هڪ پراڻو خاندان آنٽي سيوٽري Saavetri نالي هوءَ منهنجي ماءُ جي ننڍپڻ جي دوست هئي پر ان وقت تائين اسان آبائي گهر ڇڏي ڏنو، آنٽي سيوٽري ڪنهن کي به سڃاڻي نه سگهيا ڇاڪاڻ ته سڀئي نوان چهرا هئا، يا ته لارڪانو يا هندستان مان لڏي آيا هئا. She was disappointed to hear that old families have left already.
There were many beautiful buildings houses Bhagwan Mahal which became Kazi Mahal later