Editor's pickMain Slideدنيا

وچ اوڀر ۾ 70 لک بنگلاديشي سخت خوف ۾ ورتل؛ مِٽ مائٽ پريشان

ڍاڪا جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ اختيارين اڱاري 3 مارچ تي 39 اڏامون منسوخ ڪري ڇڏيون. 28 فيبروري کان 3 مارچ تائين ڍاڪا کان وچ اوڀر لاءِ ڪل 148 اڏامون منسوخ ٿي چڪيون آهن.

ڀانو رنجن چڪرورتي

ڍاڪا

ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪاررواين سبب وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي آهي. انهن ملڪن ۾ مختلف ڪمن سان لاڳاپيل اٽڪل 70 لک بنگلاديشي هن وقت سخت غير يقيني ۽ خوف واري صورتحال ۾ ڏينهن گذاري رهيا آهن. متحده عرب امارات ۽ بحرين ۾ ميزائل حملن جي نتيجي ۾ ٻه بنگلاديشي مارجي چڪا آهن ۽ 7 وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ بنگلاديش پنھنجي شھرين جي تحفظ بابت گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

​بنگلاديش جي پرڏيهي وزير خليل الرحمان چيو آهي ته حڪومت وچ اوڀر ۾ رهندڙ بنگلاديشين جي تحفظ ۽ روزگار کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. هو 2 مارچ تي وچ اوڀر جي صورتحال بابت هڪ بين الوزارتي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو.

​پرڏيهي وزير چيو ته جاري تڪرار ۾ ٻه بنگلاديشي مارجي ويا آهن ۽ ست زخمي ٿيا آهن. “اسان جا سفارتڪار اتي پهچي ويا آهن. ڪويت، بحرين ۽ قطر جي وزيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. انهن اسان کي اسان جي شهرين لاءِ مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.” پرڏيهي وزير اها به خاطري ڪرائي ته هوائي اچ وڃ معمول تي اچڻ بعد فوت ٿيل بنگلاديشين جا مڙهه واپس ملڪ آندا ويندا.

​پرڏيهي وزارت جي پڌرنامي موجب، مولوي بازار ضلعي جي برليکا علائقي سان تعلق رکندڙ صالح احمد نالي هڪ بنگلاديشي شهري متحده عرب امارات جي رياست عجمان ۾ هوائي حملي ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته چٽاگانگ جي سنديپ اپضلعي جو هڪ ٻيو بنگلاديشي بحرين ۾ مارجي ويو. امارات ۽ بحرين ۾ بنگلاديشي سفارتخانه مقامي اختيارين سان ويجهي رابطي ۾ آهن.

​بنگلاديش حڪومت وچ اوڀر جي وڌندڙ خراب صورتحال تي پنهنجي سخت ڳڻتي ڏيکاري آهي ۽ صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهي آهي. لاڳاپيل ملڪن ۾ بنگلاديشي سفارتخانن کي چيو ويو آهي ته هو پرديس ۾ رهندڙ بنگلاديشين لاءِ ايڊوائزري جاري ڪن ته جيئن اهي هوشيار رهن ۽ اُتان حڪومتن جي هدايتن تي سختي سان عمل ڪن.

وزيراعظم جون خاص هدايتون

​وزيراعظم طارق رحمان وچ اوڀر ۾ جنگ جي صورتحال دوران پرديس ۾ رهندڙ بنگلاديشين جي سڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال بابت ڄاڻ حاصل ڪئي آهي. هن پهرين مارچ تي سيڪريٽريٽ ۾ پرڏيهي وزارت ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن سان ملاقات ۾ ان حوالي سان خاص هدايتون جاري ڪيون.

​وزيراعظم جي پريس ونگ موجب، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي تفصيلي بحث ڪيو ويو ته وچ اوڀر ۾ رهندڙ بنگلاديشين جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هوڏانهن وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب ڪيتريون ئي بين الاقوامي اڏامون منسوخ ٿيڻ ڪري عام مسافر سخت مشڪلات جو شڪار آهن. وزيراعظم حضرت شاهه جلال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڦاٿل مسافرن جي مجموعي سنڀال جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

چئن ڏينهن ۾ 148 اڏامون منسوخ

وڪيٽ ڪيپر مشفيق رحيم

​وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي صورتحال سبب، ڍاڪا جي حضرت شاهه جلال انٽرنيشنل ايئرپورٽ اختيارين اڱاري 3 مارچ تي وڌيڪ 39 اڏامون منسوخ ڪري ڇڏيون. ان سان گڏ، 28 فيبروري کان 3 مارچ تائين ڍاڪا کان وچ اوڀر لاءِ ڪل 148 اڏامون منسوخ ٿي چڪيون آهن.

​ايئرپورٽ ذريعن موجب ايران، عراق، ڪويت، متحده عرب امارات، بحرين، قطر ۽ اردن 28 فيبروري کان پنهنجي فضائي حدن کي عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جو سڌو اثر ڍاڪا ايئرپورٽ جي فلائيٽ آپريشنز تي پيو آهي.

​بنگلاديش جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفيقي رحيم پڻ انهن هزارين بنگلاديشين ۾ شامل آهي جيڪي جنگ سبب فضائي حدون بند ٿيڻ ڪري وچ اوڀر ۾ ڦاٿل آهن.

​______________

ڀانو رنجن چڪرورتي بنگلاديش جو سينئر صحافي آھي. ھيءَ خبر ڪوريا جي خبر ايجنسي The AsiaN جي انگريزي سروس تان ورتي وئي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button