ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙھيل جنگ جا خاموش شڪار
جنگ ۾ ڪجھ قتل ايترا وڏا هوندا آهن جو انهن جون خبرون سڄي دنيا ۾ پکڙجي وينديون آهن. مثال طور، ڏکڻ ايران ۾ هڪ پرائمري اسڪول تي حملي ۾ 170 ٻارن جو مارجي وڃڻ! پر جنگ جا اهڙا شڪار به آهن جن بابت ڪو به ڳالهائي نٿو. يقيناً، انهن خاموش شڪارن مان ڪجهه ايران ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن

تحرير: علي رضا بھرامي
تھران: ماڻهو هاڻي ايران تي ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي حملن جي خبرن مان بيزار ٿي چڪا هوندا. ڪنهن به جنگ جي خبرن جي گهڻائيءَ ۾، مارجي ويل ماڻهو آهستي آهستي رڳو هڪ عدد يا انگ بڻجي رهجي ويندا آهن. هينئر تائين سوين فضائي حملن ۾ اٽڪل 2,000 ايراني مارجي چڪا آهن، جن ۾ وڏو تعداد عام شهرين جو آهي. پر، ڪجهه قتل ايترا وڏا هوندا آهن جو انهن جون خبرون سڄي دنيا ۾ پکڙجي وينديون آهن. مثال طور، ڏکڻ ايران ۾ هڪ پرائمري اسڪول تي حملي ۾ 170 ٻارن جو مارجي وڃڻ!
پر جنگ جا اهڙا شڪار به آهن جن بابت ڪو به ڳالهائي نٿو. يقيناً، انهن خاموش شڪارن مان ڪجهه ايران ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن؛ پر مان تهران ۾ هجڻ ڪري هتان جي حصي بابت ڳالهائي رهيو آهيان.
قدرتي طور تي، جنگ ڪيترن ئي ڪاروبارن کي متاثر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي آمدني گهٽجي وئي آهي. جنگ شروع ٿيڻ جي اڃا ٽي هفتا به نه گذريا هئا ته ايران ۾ فارسي نئين سال (نوروز) جون موڪلون شروع ٿي ويون. ڪيتريون ئي ڪمپنيون ۽ دڪاندار نئين سال کان اڳ واري مهيني ۾ تمام گهڻي ڪمائي ڪندا آهن، ته جيئن گذريل مهينن جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ۽ ڏيوالو ٿيڻ کان بچي سگهجي.
هن سال ڪيتريون ئي ڪمپنيون اها آمدني مڪمل طور وڃائي ويٺيون آهن. مثال طور، ٽريول ايجنسيون ۽ گهرن جي صفائي ڪندڙ سروس ڪمپنيون. ڪيترن ئي دڪاندارن جي آمدنيءَ ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جهڙوڪ مٺائيءَ ۽ خشڪ ميون جا دڪان.
جيتوڻيڪ جڏهن ڪمپنيون مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿينديون آهن ته پهريون قدم ملازمن کي گهٽائڻ هوندو آهي، جنهن جو مطلب آهي انهن ماڻهن جو بيروزگار ٿيڻ جيڪي جنگ کان اڳ نوڪريون ڪندا هئا. پر جيڪو مون تهران ۾ ڏٺو، اهو سماج جي هڪ انتهائي ڪمزور طبقي تي جنگ جي منفي اثرن جي نشاندهي ڪري ٿو: يعني روڊن ۽ گھٽين ۾ پِڙي ھڻي سامان وڪڻندڙ.
اهي پِڙيءَ وارا جيڪي مصروف چوراهن تي سامان وڪڻندا آهن، نئين سال کان اڳ وارن هفتن ۾ سندن آمدنيءَ ۾ وڏو اضافو ٿيندو آهي. هن سال انهن اهو موقعو وڃائي ڇڏيو.
سال جي آخري ڏينهن جي شام جو، مان تهران جي ڪجهه اهڙن مصروف چوراهن ۽ چوڪن ڏانهن ويس جتي پِڙيءَ وارا گڏ ٿيندا آهن. ننڍپڻ کان وٺي مون ڪڏهن به اهي جايون هن موسم ۾ ايتريون ويران نه ڏٺيون هيون. گذريل سالن ۾ هتي ماڻهن ۽ خريدارن جو هڪ هجوم هوندو هو.
جيتوڻيڪ پِڙيءَ وارن جو تعداد به گهٽجي ويو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن سندن انگ اتان گذرندڙ ماڻهن کان وڌيڪ هو. جڏهن مون انهن مان هڪ کان پڇيو ته ”توهان ٻين وانگر پنهنجي جان بچائڻ لاءِ شهر ڇو نه ڇڏيو؟“ ته هن چيو: ”مان هر هفتي پنهنجي خاندان کي اولهه ايران ۾ پئسا موڪليندو آهيان. جيڪڏهن مان هڪ هفتو نه ڪمائيندس ته منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻون تڪليفن ۾ اچي وينديون.“
جڏهن جنگ شروع ٿيندي آهي ته ڪيترائي ماڻهو حملن جي مرڪزن کان پري ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن هليا ويندا آهن. پر ماڻهن جو هڪ گروهه اهڙو به آهي جنهن کي پنهنجي نوڪريءَ سبب اتي ئي رهڻو پوي ٿو. اهي رڳو نرسون، ايمرجنسي ورڪرز يا فائر فائٽرز ناهن هوندا. ڪجهه ڏينهن اڳ تهران ميونسپلٽي جي هڪ صفائي ڪندڙ (سوئيپر) جو جنازو پڙهايو ويو. هو 55 سالن جو شخص هو، جيڪو اتر-اولهه ايران جي هڪ بندرگاهه واري شهر ۾ پيدا ٿيو هو.
هن جي نه ڪا زال هئي ۽ نه ئي ٻار، ۽ سندس والدين به سال اڳ وفات ڪري چڪا هئا. اهو ميونسپل ورڪر تهران جي اترين حصي ۾ اسان جي گهر جي ويجهو هڪ محلي ۾ حملي دوران مارجي ويو. سندس ساٿين، صفائي ڪندڙن واري وردي پاتل حالت ۾، کيس ڪلهو ڏنو.
هر جنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو ۽ سپاهي مارجي ويندا آهن. انهن جا خاندان هوندا آهن؛ زالون، ٻار ۽ والدين. اڄ مون هڪ وڊيو ڏٺي جنهن ۾ پرڏيهي صحافي اسپتال ۾ هڪ ٻن سالن جي ٻارڙي کي ڏسي روئي رهيا هئا، جنهن ميزائيل حملي ۾ پنهنجي خاندان جا 5 فرد وڃائي ڇڏيا هئا.
مقتولن جو هڪ اهڙو گروهه به آهي جن جا ٻار سالن تائين پنهنجي والدين جي وڇوڙي واريون تڪليفون برداشت ڪندا. سماج جي هن طبقي جي مسئلن ۽ نقصانن جو ڪڏهن به ڪاٿو نه لڳائي سگهبو، ڇو ته ڪو به نظام اهو نٿو ڪري سگهي.
اهي سڀ جنگ جا خاموش شڪار آهن.
جنگ زندگيءَ جي دشمن آهي.
________________
علي رضا بھرامي تھران ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو ميمبر آھي
The AsiaN جي ٿورن سان



