دھلي ھوائي اڏو جتي انڊين ڪرنسي نہ قبولڻ سبب آريسر ۽ مون رات بُک اُڃ تي گذاري
اسان مارچ 1990 ۾ ڪراچيءَ کان ڪابل لاءِ روانا ٿيا ھئاسين: ٽرانزٽ لاءِ لائونج ۾ وقت گزارڻو ھو. اسان کي ڪراچيءَ ۾ ڊالر ڪونہ مليا تہ انڊين ڪرنسي وٺي ڇڏيسين: دھلي ايئرپورٽ تي بينڪ مان ڊالر ڪونہ مليا پر ڪافي ۽ سنيڪس شاپ وارن بہ انڊين ڪرنسي قبول نہ ڪئي
نصير اعجاز
فبروري 1999 ۾ جيئي سنڌ جي دوستن ٻڌايو ته مارچ ۾ ڪابل ۾ ھڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي آھي، تنھنڪري تون تياري وٺ. ڪامريڊ نجيب اللہ جي حڪومت پختون اڳواڻ عبد الصمد اچڪزئيءَ جي ياد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي ھئي. سنڌ مان جيئي سنڌ جي قيادت کي ھڪ صحافي سميت ٽي ماڻھو موڪلڻ لاءِ چيو ويو ھو. جيئي سنڌ مان ان وقت جي چيئرمن عبدالواحد آريسر ۽ سيد غلام شاھ کي ھلڻو ھو ۽ صحافيءَ واري ڪوٽا تي ھنن مونکي ھلڻ لاءِ چيو.
مارچ جو مھينو شروع ٿيو ته ٻه اھڙا واقعا ٿيا جو لڳو ته ڪابل جو پروگرام ڪو نه ٺھندو. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم وارن سيد غلام شاهه تي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھو زخمي ٿيڻ سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو ۽ اتان ئي سرڪار سڳوريءَ جا ادارا کيس ئي گرفتار ڪري ويا.

ھوڏانھن ڪابل ۾ صدر ڪامريڊ نجيب جي وزير دفاع شاھنواز تنائيءَ بغاوت ڪئي ۽ صدارتي محل توڙي ٻين ھنڌن تي حملا ڪيا ويا. بغاوت جيتوڻيڪ ناڪام ٿي ۽ شاھنواز تنائي ڀڄي اچي پاڪستان ۾ لڪو، پر اھڙين حالتن ۾ ڪو نہ ٿي لڳو ته ڪابل ۾ ڪانفرنس ٿيندي. پر ھڪ ڏينھن اوچتو جيئي سنڌ جي دوستن عبدالخالق جوڻيجي ۽ علي نواز ٻُٽ رابطو ڪري چيو ته پروگرام پڪو آھي.
تڙ تڪڙ ۾ انڊين ويزا لاءِ درخواست ڏني وئي ڇو ته پاڪستان مان ڪابل لاءِ اڏامون بند ھيون ۽ اسان کي ڪراچيءَ مان دھليءَ وڃي وري اتان ڪابل لاءِ اُڏام ڪرڻي ھئي. اسان کي انڊيا جي ٽرانزٽ ويزا ملي وئي پر وڃڻ لاءِ انڊين ايئر لائين رات جو ڏھين وڳي دھلي ھوائي اڏي تي ڇڏي ھا جتان صبح جو ستين وڳي آريانا ايئر لائين ۾ ڪابل وڃڻو ھو، تنھن ڪري وڃڻ مھل اسان کي ايئرپورٽ کان ٻاھر ڪنھن ھوٽل ۾ رھڻ جو وقت ڪونه ھو. اسان کي سموري رات ايئرپورٽ جي لائونج ۾ گذارڻي ھئي.
جيئن ته سمورو پروگرام اوچتو ٺھيو ته اسان کي ڪراچي شھر مان ڊالر وٺڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو. سنگت چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي وڃي ڊالر وٺجو. عبدالواحد آريسر ۽ مان ڪراچي ايئرپورٽ تي پھتاسين ته پھريون ڪم ڊالر وٺڻ جو ڪرڻ لاءِ بينڪ جي ڪائونٽر تي وياسين پر بدقسمتي سان بينڪ وارن چيو ته ڊالر ختم ٿي ويا آهن. بينڪ وارن ئي صلاح ڏني ته انڊين ڪرنسي وٺون ۽ اھا وڃي دھلي ھوائي اڏي تي ڊالرن ۾ مٽايون. اسان به نه ڪئي ھم نه تم ٻنھي وٽ جيڪي به پئسا ھئا، انھن جا انڊين رپيا وٺي خوش ٿي جھاز ۾ چڙھي پياسين.
دھلي ھوائي اڏي تي لھي ٽرانزٽ لائونج ۾ پھچندي ئي اسان سڌو بينڪ جي ڪائونٽر تي وياسين ته ھنن به ڊالر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اسان پريشان ٿي وياسين پر دل کي آٿت ھئي ته انڊين ايئرپورٽ تي آھيون جتي ڊالر بدران اتان جي ڪرنسي ھلندي، پر اسان کي ان وقت ڦيراٽا اچي ويا جڏھن چانھ ۽ ڪافيءَ جي اسٽال وارن توڙي سنيڪس جي اسٽالن انڊين ڪرنسي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي ٻڌايو ته ھتي صرف ڊالر ھلندا. اسان پاڻيءَ جي بوتل وٺڻ چاھي ته اتان به انڪار ٿيو.
ماٺ ڪري، دل ۾ گھٽ وڌ ڳالھائيدي، وڃي ويھي رھياسين. اڌ رات گذري ته بک به لڳي ۽ اڃ به تپايو. پاڻيءَ جي ڳولا ڪندي ھڪ ھنڌ ڊسپينسر نظر اچي ويو جتان ھڪ ٻہ ڀيرا پاڻي پيتو سين پر پوءِ ڊسپينسر به خالي ٿي ويو. اتي ئي ايئرپورٽ جي ھڪ ملازم چيو ته اڌر ايسي ھي ھوتا ھي.
لائونج جي صوفن تي ويٺا ھئاسين تہ ھڪ پٺاڻ نوجوان به اچي ويٺو. ھُو به ڪراچيءَ کان ساڳي جھاز ۾ آيو ھو ۽ افغانستان جي ڪنھن يونيورسٽي جو شاگرد ھجڻ ڪري اوڏانھن وڃڻو ھو. ھن پنھنجي سفري ٿيلھي مان ھڪ باڪس ڪڍي جنھن ۾ ٻه بسريون پيل ھيون. ٻڌايائين ته ماءُ کيس احتياط خاطر پچائي ڏنيون ھيس. ھن نوجوان اسان کي به آڇ ڪئي ته ڄڻ ساھ پئجي ويو. ٻه چار گرھ کائي ورتاسين.

ايئن وقت گذرندو رھيو پر لڳو ٿي ته وقت جي رفتار ڄڻ ته گھٽجي وئي آھي. دھليءَ جو انٽرنيشنل ايئرپورٽ ھو جتي سمورا يورپي مرد ۽ مايون پي ڦريا يا وري ڪافي ۽ سنيڪس جي اسٽالن تي کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا ھئا. اسان سنڌي اڳئي محروميءَ جي احساس جا ماريل، سو ھتي بيان ڪيل حالت کان پوءِ سمجھي سگھو ٿا ته اسان جي ڪيفيت ڇا ھوندي. اسان جي آڏو ئي ولايتي مڌ جي دڪانن تان يورپي مرد عورتون بوتلون خريد ڪري رھيا ھئا. جينس جون چڍيون پاتل گوريون مايون بوتلون وٺي ڪٿي نه ڪٿي وڃي پيون ويھن.
مان اھو سمورو لقاءُ ڏسي ماٺ ڪري اکيون ٻوٽي سمھي پيس. ٿوري دير کانپوءِ اک کلي ته آريسر ٻڌايو ته ھڪ اڪيلي يورپي مائي مڌ جي بوتل کڻي اچي اسان جي ڀرسان ويٺي ۽ پيئڻ جي آڇ ڪيائين. “مون اشارن ۾ کيس انڪار ڪيو”، آريسر ٻڌايو. مون چيس ته يار مونکي جاڳائين ھا ته انگريزيءَ ۾ ساڻس ڪچھري به ڪجي ھا ۽ پاڻيءَ بدران مڌ جا ٻه ڍڪ پي وٺجن ھا. ان ڳالھ تي ٻئي ڄڻا ٽھڪ ڏئي وري يورپي خلق کي ڏسندا رھياسين.
ڪابل لاءِ فلائيٽ صبح جو ستين وڳي ھئي پر جڏھن خبر پئي ته فلائيٽ ٽي ڪلاڪ ليٽ آھي ته اسان جي حالت خراب ٿي وئي. سڄي رات جي بک ۽ اڃ ۽ مٿان ڊالر نه ملڻ جي دئونس. خير ڏھين وڳي ڌاري جڏھن آريانا ايئر لائين جي جھاز ۾ ويٺاسين ۽ ڪجھ دير کانپوءِ ايئر هوسٽس جُوس جا گلاس ڏئي وئي ته پيٽ ۾ ساھ پيو.
ڪابل پھچڻ تي ميزبان اسان کي ھوائي اڏي تان ھڪ بنگلي تي وٺي ويا جتي اسان جي رھائش جو انتظام ھو. مون ميزبانن کي اتي پھچڻ شرط گذارش ڪئي ته ڪنھن مني چينجر وٽ وٺي ھلو تہ انڊين ڪرنسي مان جان ڇڏايان. ڪرنسي مارڪيٽ ۾ مون سڀني پئسن جا ڊالر وٺي ڇڏيا. آريسر ڪجھ ڊالر وٺي باقي انڊين ڪرنسي پاڻ وٽ رکي.
افغانستان ۾ رھڻ دوران جيڪو ڪجھ وھيو واپريو، ميل ملاقاتون ٿيون، اھو ھڪ الڳ داستان آهي پر ايترو ٻڌايان ته واپسيءَ ۾ دھليءَ ۾ ٽي ڏينھن رھڻ دوران سواءِ ٽيڪسي جو ڀاڙو ڏيڻ جي انڊين ڪرنسي ڪٿي به ڪم ڪانه آئي. واپسيءَ جي فلائيٽ ھفتو دير سان ھجڻ ڪري اسان دھلي مان لاھور لاءِ پنھنجي خرچ تي جھاز جي ٽڪيٽ وٺڻ چاھي ته انڊين ايئر لائين وارن به انڊين ڪرنسي وٺڻ کان انڪار ڪندي ڊالرن جي گھر ڪئي ۽ اتي مون وارا ڊالر ڪم آيا.
لاھور کان ڪراچي اچڻ لاءِ بلو لائين ڪوچ ۾ سوار ٿيڻو ھو پر پاڪستاني ڪرنسي ڪانه هئي. اتي لاھور جو ھڪ پبلشر ڪم آيو جيڪو پڻ ڪابل مان موٽيو ھو، اسان جي ڪم اچي ويو. ھن آريسر کان سموري انڊين ڪرنسي وٺي پاڪستاني رپيا ڏنا ته اسان جو ڪم ٿي ويو. بھرحال، دھليءَ جي ھوائي اڏي تي گذاريل ھڪ رات ڪڏھن ڪونه وسرندي. اھڙي طرح عبدالواحد آريسر سان گڏ پندرھن ڏينھن جو ساٿ ۽ سفر بہ يادگار آھي.
__________________
نصير اعجاز سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ م رھي ٿو



