جھمپير، جتي ڏھاڪن کان جھنگلي جيوت جي نسل ڪشي جاري آھي
ھن علائقي ۾ ايندڙ مھمان پکين جو بہ شڪار عام آھي. ونڊ ٽربائين جي رٿائن سان بہ مھمان پکين جي امد تي اثر پيو آھي.
جھمپير ۾ جَر جو پاڻي کارو آھي تنھنڪري ماڻھو ڪينجھر جو مٺو پاڻي پيئن ٿا پر افسوس تہ ھتان جا ماڻھو پنھنجي گھر جو گندو پاڻي پاڻ ئي ڪينجھر ۾ خارج ڪري پنھنجي ورثي کي تباھ ڪري رھيا آھن

فاروق سرگاڻي
سچ پچو تہ جنهن ڪينجهر کي جهمپير جي تر تان بيهي ڏٺو تہ ھو اھو منظر سموري حياتيءَ وساري نہ سگهندو. ايڏو تہ پرڪشش ۽ وڻندڙ ڏيک ھوندو آھي جو ماڻهو ھڪ نظر وجھڻ سان تازو ٿي وڃي. وري جابلو علائقو ڳوٺ جي سامهون ٽڪر آھي، ان تي چڙھبو تہ ڏکڻ طرف صفا ويجهو ڪينجھر جو نيڻ نھار تائين پاڻي. صبح جو سج جي ڪرڻن جي عڪس ۾ ڪينجهر تي ڄڻ چاندي وڇائي پئي آھي. شام جو وري نيري چادر ميلن تائين. ڪو ڪنارو نظر نہ اچي.
مان يونيورسٽيءَ جي ڏينهن ۾ جهمپير ۽ رسول بخش درس جو ذڪر پنهنجي دوست ڪريم شيرازيءَ کان ٻڌندو پئي آيو ھوس. نيٺ ڪريم شيرازيءَ سان جهمپير وڃڻ جو موقعو مليو.
جهمپير ڪوھستاني علائقو آھي جيڪو ڪينجهر جي ڪناري تي آھي، چئني پاسي ڍنڍ، تنهن هوندي بہ جر جو پاڻي کارو اٿس. جهمپير جا ماڻهو ڪينجهر ڍنڍ جو مٺو پاڻي پائيندا آھن. پر جهمپير شهر جا ماڻهو پنهنجي روزاني جو استعمال ٿيندڙ گندو پاڻي ڪينجهر ۾ نيڪال ڪندا آھن. ڪيڏي نہ عجيب ڳالهه آھي، ھو پنھنجي ڍنڍ، پنھنجي ورثي کي پاڻ گندو ڪن ٿا.

ڪجهه ڏينهن اڳ ھڪ ڀيرو ٻيهر دوستن شهنشاهه شر، ارسلان شر، ۽ صوفي شر سان جهمپير وڃڻ ٿيو. اسان شام جو سَري شھر مان ريحان پالاريءَ جي اوطاق مان نڪري سڌو جھمپير مرحوم رسول بخش درس جي اوطاق تي پهتاسين. سائين پاڻ تہ حيات ڪونهي پر سندس فرزند اسان جي وڏي ڀاءُ سارنگ درس بہ اھي محبتون ۽ ادبي ماحول مهيا ڪيو جيڪو ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ جي سياسي ۽ ادبي لڏي کي مليو آھي.
ھن دفعي اسان جهمپير جي ڳوٺن ڏانھن رُخ رکيو.
سياسي حوالي سان ڏسجي تہ مجموعيطور ٺٽي ضلعي ۾ رسول بخش پليجي جيڪو سياسي ٻج ڇٽيو ان جو اثر ھن وقت تائين موجود آھي. يونين ڪائونسل جهمپير جي ڳوٺن ۾ مرد ۽ ان سان گڏوگڏ مائين جي سٺي سياسي تربيت ٿيل آھي. ماضيءَ ۾ رسول بخش درس جي ڪري جهمپير ادبي ۽ سياسي حوالي سان قومي تحريڪ جو ڳڙهہ رھيو آھي.
جهمپير جو ھيءُ علائقو ماحولياتي حوالي سان تمام گهڻو حساس آھي. پر ڪُجهہ ڏهاڪن کان ھتي ھر قسم جو شڪار عام ٿئي ٿو.

جهمپير جي ھڪ ڳوٺ نبي بخش پالاريءَ ۾ اسان جي ملاقات ڪمال پالاريءَ سان ٿي. ھُو ڪمال جو ماڻهو آھي، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجن ماڻهن، پکين، جنگلي جيوت، رسمن ۽ رواجن جي باري ۾ پوري ڄاڻ رکندڙ، جيڪڏهن بيان ڪرڻ شروع ڪري تہ ٿڪجي ئي ڪونہ.
ھن ٻڌايو تہ ڪھڙي ريت ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاھي جانورن کي ماريو وڃي ٿو. ھُن جنگلي جيوت ۽ ان جي ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي باري ۾ تفصيلي ڳالھيون ٻڌايون.
مون ڪمال پالاري کان پڇيو تہ ھتي ڪهڙن پکين ۽ جنگلي جانورن جو شڪار ٿئي پيو؟

ھن ٻڌايو تہ مقامي پکين ۾ تتر، ٻاٽيڙو، ۽ پرڏيهي پکين ۾ تلور، ڀونترو، ۽ ٻين پکين ۾ ڪامن ٽيل، ملر ملرڊ، ڳارڳني، پوچارڊ، ڪوٺ آڙي، ڪونج، پھڻ، تور، واٽر ھينڊ، ڳيرا، بلبل، مينائو ۽ ان کان علاوه ٻيا بہ ڪيترائي پکي آھن جن جي نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي.
ھن علائقي ۾ پکين جو گهڻي تعداد ۾ اچڻ جو سبب ڪينجهر ڍنڍ آھي ۽ ٻاھرين ملڪن کان ايندڙ پکين جو گس انڊس فلاءِ وي ھتان گذري ٿو.

پر ماضيءَ ۾ ڇا ٿيو تہ جهمپير ۾ ونڊ انرجي ٽربائينز لڳائڻ شروع ڪيا ويا. ڪمال پالاريءَ ٻڌايو تہ اسان ان منصوبي جي مخالفت ڪئي. پهرين ترڪي جي الٽرنيٽ انرجي تي ڪم ڪندڙ اداري زولو (ZORLU) جي پهرين پبلڪ ھيئرنگ ھتي ٿي جنهن ۾ اسان اعتراض رکيا ۽ چيوتہ انڊس فلاءِ وي آھي، ٻاھرين پکين جو لنگهه آھي، ھتي اھو منصوبو مقامي ايڪولاجي جي بر عڪس آھي، تنهن جي باوجود بہ ھنن ڪم کي جاري رکيو، ھاڻي تہ انهن جو انگ وڌي ويو آھي.
انھيءَ رات ھوا جو ديرو ھو، ٿڌي ٿڌي ڪينجهر جي ھوا ۽ ڪمال جي ڪمال ڪچھري ۽ رات دير سان شڪور پالاري جا آلاپ ۽ سُر ٻڌائڻ ۽ گڏوگڏ سائين انور پالاري ۽ شھنشاھ شر جي سياسي ڪچھري، ايئن محسوس ٿيو تہ اڙانگو جبلن جو پنڌ سجايو ٿيو.
_______________
فاروق سرگاڻي فري لانس ليکڪ آھي. ھن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آھي



