Editor's pickMain Slideدنياڪالم

نيويارڪ جو نئون ميئر زوهران ممداني: اسرائيل مخالف ۽ سوشلسٽ خيال آھي

زوهران ممداني 1991ع ۾ يوگنڊا جي راڄڌاڻي ڪمپالا ۾ ڄائو۔ سندس والد پروفيسر محمود ممداني، اصل گجراتي ۽ هڪ نامور علمي ۽ سياسي ماهر آهي، جڏهن ته والده ميرا نائر عالمي شهرت يافته فلمساز آهي

مُشتاق ٽانوري

نيويارڪ، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مصروف شهر ۾، تاريخ لکجي وئي آهي، جتي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار زوهران ڪوامي ممداني ميئر جي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي ماڻي آهي۔ هُن ان فتح سان نه رڳو ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ لاءِ نئون باب کوليو آهي، پر پاڻ کي شهر جي تاريخ ۾ پهريون مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي نسل جو ميئر بڻايو آهي۔ ڪاميابيءَ جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ زوهران ممداني نيويارڪ جي مستقبل بابت ڳالهائيندي چيو ته هن جو خواب آهي ته شهر کي اهڙو بڻايو وڃي، جتي هر رهواسيءَ کي برابري، عزت ۽ سھولت ملي۔ تقرير دوران هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن هن پنهنجي وڏن مخالفن کي سڌو سنئون مخاطب ڪيو۔ ”ڊونلڊ ٽرمپ، مون کي خبر آهي ته توهان ڏسي رهيا آهيو، توهان لاءِ فقط چار لفظ آهن. واليم وڌائي ڇڏيو.“ ان جملي سان ئي ميدان ۾ گڏ ٿيل ماڻهن جو جوش ڇوليون هڻڻ لڳو۔ زوهران وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان اسان مان ڪنهن هڪ تائين پهچڻ چاهيو ٿا، ته توهان کي اسان سڀني مان ٿي گذرڻو پوندو. ساڳئي وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل پليٽفارم”ٽرٿ سوشل“ تي لکيوته”… ۽ هي شروع ٿي ويو.“

ڪاميابيءَ کان پوءِ پنهنجي حامين سان ڳالهائيندي زوهران ممداني چيوته ”منهنجا دوستو، اڄ نيويارڪ وارن تبديليءَ لاءِ ووٽ ڏنو آهي۔ اسان هڪ سياسي خاندان کي شڪست ڏني آهي.“ هن پنهنجي مخالف اينڊريو ڪوومو کي مخاطب ڪري چيو ته هو سندس ذاتي زندگي لاءِ بهترين جي خواهش رکي ٿو، پر اڄ رات آخري ڀيرو آهي جو هو سندس نالو کڻي رهيو آهي.“  ممداڻي چيو ته ووٽرن کيس تبديليءَ لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي، اهڙي شهر جي قيام لاءِ جتي هر ماڻهو باعزت زندگي گذاري سگهي۔

نيويارڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ زوهران مخالف اينڊريو ڪوومو ۽ ريپبلڪن اميدوار ڪرٽس سليوا ٻنهي کيس ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني۔ ڪوومو چيو ته هو شهري حڪومت جي هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي جڏهن ته سليوا چيو ته هڪ ميئر چونڊجي ويو آهي۔ جيڪڏهن هو سٺو ڪم ڪندو ته اهو اسان سڀني لاءِ سٺو هوندو۔ ساڳئي وقت اڳوڻي آمريڪي صدر براڪ اوباما پڻ سڀني ڊيموڪريٽڪ اميدوارن کي، خاص طور زوهران ممداني کي مبارڪ ڏني۔ هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”جڏهن به ماڻهو مستقبل ڏانهن ڏسندڙ ۽ عوام جي مسئلن جو خيال رکندڙ اڳواڻن جي چوڌاري گڏ ٿين ٿا، تڏهن هو ڪامياب ٿين ٿا۔ مستقبل هاڻي ٿورو وڌيڪ روشن لڳي رهيو آهي۔”

بي بي سي جي رپورٽ موجب زوهران ممداني ڪيترن حوالن سان تاريخي حيثيت رکي ٿو.  هو 1892 کان پوءِ نيويارڪ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو ميئر بڻيو آهي، پهريون مسلمان ۽ آفريڪا ۾ ڄاول ميئر پڻ آهي. هن جي ڪاميابي کي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ”اسٽيبلشمينٽ“  تي عوامي فتح به چيو پيو وڃي۔ ممداني پنهنجي مهم ۾ سستا گهر، مفت بس سروس ۽ ٻارن جي سار سنڀال لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪيا۔ جيڪڏهن سندس مخالفن موجب اهي واعدا پورا ٿيڻ مشڪل لڳن ٿا، پر عوام وٽ هن جي سچائي ۽ اعتماد ئي سندس وڏي طاقت بڻيا۔

زوهران ممداني جو پورو نالو زوهران ڪوامي ممداڻي آهي۔ هو 1991ع ۾ يوگنڊا جي راڄڌاڻي ڪمپالا ۾ ڄائو۔ سندس والد پروفيسر محمود ممداني، اصل گجراتي ۽ هڪ نامور علمي ۽ سياسي ماهر آهي، جڏهن ته والده ميرا نائر عالمي شهرت يافته فلمساز آهي، جنهن ”مون سون ويڊنگ“ ۽ ”دي نيم سيڪ“ جهڙيون شاهڪار فلمون ٺاهيون۔ زوهران پنهنجي ننڍپڻ جو ڪجهه حصو ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڪئپ ٽائون ۾ گذاريو پوءِ ستن سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ نيويارڪ منتقل ٿيو۔ هن برونڪس جهڙي محنت ڪش ۽ ثقافتي لحاظ کان ڀرپور علائقي ۾ پرورش پاتي۔ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن آفريڪن اسٽڊيز ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ فلسطيني حقن جي حمايت ۾ سرگرم رهيو۔ هن ”فورڪليوزر پريوينشن ڪائونسلر“ طور ڪم ڪيو، جتي هو انهن خاندانن جي مدد ڪندو هو جن قرض سبب گهر وڃايو هو۔ اهو ئي ڪم بعد ۾ سندس عوام دوست سياست جو مرڪز بڻيو۔ 2024ع ۾ زوهران ممداني پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي، شامي نسل  آمريڪي آرٽسٽ راما دواجِي سان شادي ڪئي۔

زوهران ممداني جي ڪاميابي نه رڳو سياسي تبديليءَ جي علامت آهي، پر اها ڳالهه به ظاهر ڪري ٿي ته نيويارڪ جهڙو وڏو شهر هاڻي مذهبي، ثقافتي ۽ نسلي ورڇ کان اڳتي وڌي رهيو آهي۔ زوهران ممداني نئين نسل جي علامت بڻجي اڀريو آهي، جيڪو اميد، برابري ۽ انصاف تي يقين رکي ٿو۔ زوهران ممداني چوي ٿو ته ”هي اهڙو شهر ٺاهيندو جتي هر ماڻهوءَ کي لڳي ته نيويارڪ واقعي سندس پنهنجو آهي۔

سياست ۾ اچڻ کان اڳ زوهران ممداني فن جي دنيا ۾ قسمت آزمائي ڪري چڪو هو۔هو ”مسٽر ڪارڊيمم (يعني الائچي وارو)“ جي نالي سان ريپ گانا ڳائيندو هو ۽ 2019ع ۾ سندس گيت ”ناني“ تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ۾ عالمي شهرت يافته ليکڪا مڌور جعفريءَ هڪ بهادر نانيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو۔ سندن هڪ ريپ گيت ۾ پاڪستاني گلوڪار علي سيٺي به شامل ٿيو. 2020ع ۾ زوهران ممداني نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبليءَ جي چونڊ ميدان ۾ آيو ۽ ڏهه ورهيه کان لڳاتار کٽيندڙ اميدوار کي شڪست ڏني۔ هو اسيمبليءَ ۾ چونڊجندڙ پهريون ڏکڻ ايشيائي مرد، پهريون يوگنڊا ڄاول  ۽ ٽيون مسلمان ميمبر بڻيو۔ ميئر جي چونڊ مهم ۾ نيويارڪ جي عام ماڻهن وڏي دلچسپي ڏيکاري، ڇو ته زوهران انهن مسئلن کي اجاگر ڪيو جيڪي شهر جي عام ۽ وچولي طبقي سان لاڳاپيل آهن۔ ظهران جي مهم ”سوشلسٽ نظريي“  تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ هن واعدو ڪيو ته شهر ۾ رهائش، ٽرانسپورٽ ۽ خوراڪ جي سهولتن کي وڌيڪ منصفاڻو بڻائيندو۔ پر نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊجو خيال آهي ته اهي منصوبا مالي طور ممڪن نه آهن۔ زوهران ممدانيءَ پنهنجي اسلامي عقيدي کي به مهم جو نمايان حصو بڻايو۔ هو باقاعدي مسجدن جو دورو ڪندو رهيو ۽ اردوءَ ۾ هڪ وڊيو جاري ڪري شهر جي مالي بحران تي ڳالهايو۔ زوهران جي چونڊ  مهم مزاح سان ڀرپور هئي پر ان ۾ گهري سنجيدگي به هئي۔ سندس وڊيوز بالي ووڊ جي اشارن ۽ سماجي انصاف جي پيغامن سان ڀريل هيون۔ هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن ٻڌايو ته سندس مهم ايتري مشهور ٿي وئي آهي جو ماڻهو اڪثر سندس هدايتڪار والده کان پڇن ٿا ته ڇا اهو وڊيو هنن ٺاهي آهي۔ زوهران جي حمايت ڪندڙن ۾ نوجوان ووٽر، پناھگير ۽ ترقي پسند حلقا شامل هئا۔نيويارڪ جي جئڪسن هائٽس جهڙن علائقن ۾، جتي ڏکڻ ايشيائي، لاطيني ۽ اوڀر ايشيائي برادريون رهن ٿيون، سندس مهم هڪ تحريڪ بڻجي وئي۔ رضاڪارن گهر گهر وڃي نه فقط انگريزي پر هندي، اردو، بنگالي ۽ اسپيني ۾ به مهم هلائي۔ سندس دعوي آهي ته اها چونڊ مهم نيويارڪ شهر جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فيلڊ آپريشن هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 40 هزار رضاڪار شامل هئا جيڪي هڪ  ملين (10 لک) گهرن تائين پهتا۔ ڪجھ تنظيمون زوهران تي تنقيد ڪن ٿيون ته هو فلسطين جي حمايت ڪري ٿو ۽ اسرائيل کي”يهودي رياست“ طور تسليم نٿو ڪري۔ ان تي زوهران وضاحت ڪئي ته هو يهود مخالف بيان جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ سڀني قومن، مذهبن ۽ نسلن لاءِ برابريءَ جو حامي آهي۔ ممداني سوشل ميڊيا، پوڊڪاسٽن ۽ وڊيوز ذريعي انهن ووٽرن تائين پهتو جيڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کان مايوس آهن.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا هو پنهنجا وڏا واعدا پورا ڪري سگهندو ۽ بنا ڪنهن انتظامي تجربن جي، ٽرمپ جي مخالفت جو مقابلو ڪيئن ڪندو؟ زوهران جا پارٽيءَ جي مٿاهين قيادت سان تعلق به ايڏا اُتساهيندڙ  ناهن ڇو ته هو هاڻي کاٻي ڌر جي ڊيموڪريٽس لاءِ قومي سطح تي هڪ اهم آواز بڻجي چڪو آهي۔ هو پاڻ کي ”جمھوري سوشلسٽ“ سڏيندو آهي  يعني اهڙو ماڻهو جيڪو وڏين ڪمپنين بدران عام مزدورن جي آواز کي اهميت ڏئي۔ اهو ساڳيو سياسي رويو آهي جيڪو برني سينڊرز ۽ اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز اختيار ڪيو آهي ۽ زوهران انهن سان گڏ اسٽيج شيئر ڪري چڪو آهي۔ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيويارڪ وارا ”ڪميونسٽ“ کي چونڊيندا ته وفاقي فنڊز روڪي ڇڏبا۔ ممدانيءَ جو جواب هو ته ”هو به هڪ اسڪينڊينيوين سياستدان وانگر آهي، فرق رڳو هي آهي ته سندس رنگ ٿورو سانورو آهي۔”

______________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button