Editor's pickMain Slideڪالم

دليل: انساني عقل جي ٻولي ۽ سچ جي ڳولا

مستقبل ۾ شايد معلومات تمام گهڻي هجي، پر دليل جي ضرورت ختم نه ٿيندي. ڇو ته جيترو شور، پروپيگنڊا ۽ غلط ڄاڻ واڌ کائيندي، اوتري دليل جي اهميت به وڌندي. مختصر طور تي اهو نتيجو نڪري ٿو ته، مستقبل جو انسان ڀلي وڌيڪ طاقتور اوزارن ۽ علمن سان ليس ڇو نه هجي، پر سچ تائين پهچڻ لاءِ دليل، منطق ۽ ثبوت اڄ وانگر ئي بنيادي حيثيت رکندا، بلڪي شايد اڄ کان به وڌيڪ حيثيت وارا ٿي پون۔

حميد منگي

جيتوڻيڪ عام زندگيءَ جي ونهوار ۾ انسان کي دليل جي ضرورت گهٽ پوندي آهي پر، حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا خاص موقعا به اچي ويندا آهن، جن ۾ يا ته انسان دليل ڏئي، پنهنجي ڳالهه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي يا ڪنهن جي ڳالهه کي مڪمل طور سمجهڻ لاءِ اڳلي کان دليل گهرندو آهي، جيئن اهم موقعي تي کيس فيصلي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي۔ ٻيو ته انسان کي خاص موقعن تي دليل جي ضرورت انهيءَ ڪري به پوي ٿي، جو هو هر ڳالهه کي صرف ٻڌڻ يا مڃڻ بدران سمجهڻ، پرکڻ ۽ سچائيءَ تائين پهچڻ به چاهيندو آهي. جڏهن ته دليل جي ضرورت جا ڪجهه اهم ٻيا سبب هي به آهن جو، هو سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ انسان کي مدد ڏئي ٿو، جيئن صحيح ۽ غلط وچ ۾ فرق ڪري سگهي. سياسي، سماجي، سائنسي معاملن بابت بهتر فيصلن ڪرڻ لاءِ به دليل مان انسان کي مدد ملي ٿي ۽ ۽ پڻ دعوي کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا ڳالهه ڪري، ته کيس قبول ڪرائڻ لاءِ دليل يا ثبوت پيش ڪرڻو يا گهرڻو پوندو آهي.

انهيءَ کانسواء ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن ۽ ڌرين ۾ ڪن ڳالهين تي اختلاف پيدا ٿي پوندا آهن، جن کي به حل ڪرڻ لاءِ جڏهن ماڻهن ۽ ڌرين جا رايا هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿا، ته دليل جي بنياد تي اهي مسئلا منصفاڻي نموني حل ٿي سگهندا آهن. ڪنهن اداري، شعبي يا ڪم جي ترقي جو دارومدار به تحقيقن، مشاهدن، تجربن ۽ دليلن جي بنياد تي بيٺل هوندو آهي۔ ڇو ته دليل اندازن، عقيدن ۽ انڌي تقليد کان بچائڻ لاءِ انسان کي غور ڪرڻ سيکاري ٿو، جيئن هو بنا سوچ ويچار جي هر ڳالهه قبول نه ڪري. نتيجي طور ايئن چئي سگهجي ٿو ته دليل، انساني عقل ۽ علم جي ٻولي آهي. اهو سچ جي ڳولا، درست فيصلي، انصاف، علم ۽ فڪر جو بنياد آهي. ڇوته دليل کانسواءِ ڪابه ڳالهه رڳو دعوي رهجي وڃي ٿي، دليل ان دعوي کي وزن ۽ اعتبار ڏئي ٿو. هونئن به سٺا سماج جذبات سان گڏ مضبوط دليلن، عقل ۽ سچائي تي بيٺل هوندا آهن.

دليل عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي سولي سنڌيء ۾ معني نڪرندي، رهنمائي وٺڻ ۽ ڏيڻ يا درست واٽ تي هلڻ يا هلائڻ، دڳ ڏيکارڻ، نشانيون ڏيڻ، ثبوت پيش ڪرڻ۔ دليل جو مطلب اهڙو ثبوت ۽ شاهدي، جنهن جي بنياد تي ڪنهن دعوي يا خيال کي درست ثابت ڪري سگهجي. فلسفي ۾ دليل اهڙي منطقي ترتيب کي چئبو آهي، جنهن ۾ هڪ يا وڌيڪ مقدما هجن، جن مان ڪو بهتر نتيجو ڪڍيو وڃي. مثال طور جيڪڏهن ڪو چوي ته “باهه شين کي ساڙيندي آهي” ته ان جو دليل اهو ئي ٿي سگهي ٿو، باهه جي ويجهو هٿ يا جسم جو ڪو به حصو آڻڻ تي گرمي محسوس ٿئي ٿي يا سڙي به سگهي ٿو، ان ڪري احتياط ڪجي.

فلسفي ۾ دليل جا ٻه اهم پاسا آهن، هڪ رخ ۾ شاهديون، حقيقتون، مشاهدا ۽ تجربا هوندا آهن ۽ ٻئي پاسي ۾ استدلال يعني ساڳين شاهدين، حقيقتن، مشاهدن ۽ تجربن مان نتيجا ڪڍڻ جو منطقي طريقو هوندو آهي. قديم يوناني مفڪرن دليل ۽ منطق کي علم حاصل ڪرڻ جا ٻه اهم ذريعا قرار ڏنا آهن. مطلب ته دليل ۽ منطق اهي اوزار آهن، جن جي مدد سان انسان سچ ۽ ڪوڙ، صحيح ۽ غلط يا حقيقت ۽ وهم وچ ۾ فرق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بهتر دليل جون ڪجهه نشانيون هيٺ ڏجن ٿيون, دليل کي اندازن، افواهن يا خواهشن بدران مشاهدن، تجربن يا تصديق ٿيل حقيقتن تي ٻڌل ۽ منطقي هجن ۽ دليل جا نتيجا ڪنهن به شئي جي بنيادن مان صحيح نموني نڪرڻ گهرجن.

جيڪڏهن ڪٿي بنيادي حقيقتن ۽ نتيجن وچ ۾ تعلق ناهي جڙندو ته، ان کي ڪمزور دليل سمجهيو ويندو آهي. دليل لاء چيو ويندو آهي ته، اهو جاچ لائق به هجي ۽ ٻين لاءِ ممڪن به هجي ته، هو دليل کي چڱيء طرح جانچين، پرکين ۽ ان جي تصديق يا ترديد به ڪري سگهن. ٻيو ته دليل واضح ۽ صاف به هجڻ گهرجن، مطلب ته دليل مبهم، ڳجهو يا مونجهارا پيدا ڪندڙ نه هجي، سادي، سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ هجي. ٽيون ته دليل جانبدار يا هڪ طرفو به نه هجي، يعني اهو ذاتي، گروهي، نسلي تعصب، نفرت، مفادن کان پاڪ به هجي، مقصد ته ان جو نتيجو اڳواٽ طئي ٿيل نه هجي. هتي اها ڳالهه به ڪندا هلون ته، بهتر دليل اهو ناهي، جيڪو رڳو پنهنجي ڳالهه ٻڌائي، پر ٻين ممڪن وضاحتن جو به جائزو وٺندڙ هجي ۽ نئين شاهدي سان تبديل ٿيڻ جي گنجائش رکندڙ به هجي۔ جيڪڏهن نوان ثبوت سامهون اچن ته، دليل کي بهتر يا درست به ڪري سگهجي۔ سائنس ۾ اهو هڪ اهم اصول ليکيو ويندو آهي.

فلسفياڻي لحاظ کان، ارسطو دليل جي قوت کي منطق سان ڳنڍيو آهي، جڏهن ته جديد سائنس ۾ دليل جي طاقت جو دارومدار بار بار تصديق، مشاهدي ۽ تجربي تي رکيو ويندو آهي. مطلب ته بهتر دليل اهو آهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ سچائيءَ ويجهو وٺي وڃي، اهو حقيقتن سان هم آهنگ به هجي، منطقي به هجي، جاچ جي ڪسوٽيءَ تي به پورو لهي. ڪجهه ماڻهو منطق ۽ دليل هڪ ٻئي سان لاڳاپيل سمجهندا آهن، اهي لاڳاپيل ضرور آهن، پر ساڳئي شيءِ ناهن. منطق سوچڻ، استدلال ڪرڻ جو اصول آهي. اهو علم به آهي ته تجرباتي طريقو به آهي، جيڪو پاڻ کي ٻڌائي ٿو، صحيح نتيجو ڪيئن ڪڍجي. مثال طور سڀئي انسان ۽ ٻيا هڙئي ساهوارا فاني آهن، جيئن ته حميد منگي به انسان آهي تنهن ڪري اهو به هڪ نه هڪ ڏينهن فنا ٿي ويندو. هتي نتيجو ڪڍڻ جو طريقو منطق آهي. جڏهن ته دليل اهي سبب، حقيقتون يا شاهديون آهن، جيڪي ڪنهن به دعوي جي حمايت ۾ پيش ڪيون ويون.

هتي هڪ ٻيو مثال وٺون ٿا “ڌرتي گول آهي” شروعاتي دور ۾ اها رڳو هڪ دعوي هئي پر، اڳتي هلي جڏهن خلائي تصويرون آڏو آيون، سائنسي مشاهدا ٿيا ۽ ڌرتيء جي ماپ ٿي ۽ ماپ وارا اوزار به نظر آيا ته، اهو پڪو پختو دليل ٿي پيو ته ”ڌرتي واقعي گول آهي“. دليل ۽ منطق ۾ هڪ مختصر فرق هي به آهي ته، منطق رڳو سوچڻ جو اصول يا طريقو ناهي پر نتيجو ڪڍڻ جو فن به آهي۔ جڏهن ته، دليل ثبوت، سبب ۽ نتيجي جي حمايت ڪندڙ شاهدي آهي، ان جو هڪ سادو مثال هيٺ ڏجي ٿو ته، جيڪڏهن ڪو چوي “وڻن جي پنن جو لڏڻ ٻڌائي ٿو ته، هوا هلي رهي آهي.” ته هن ننڍڙي جملي ۾ دليل به موجود آهي ۽ منطق به نظر اچي ٿو، هتي پنن جي لڏڻ کي دليل چئبو ۽ انهيء جملي مان هوا جي گهلڻ جو نتيجو ڪڍبو ته اهو منطق به هوندو۔ تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته، دليل ۽ منطق هڪ گاڏيءَ جي ٻن ڦيٿن وانگر آهن. دليل کانسواءِ منطق وٽ مواد ناهي ۽ وري منطق کانسواءِ دليلن مان صحيح نتيجا ڪڍڻ مشڪل ڪم آهي.

فلسفي جي تاريخ ۾، خاص طور تي ارسطوءَ کان وٺي اڄ تائين، سچ جي ڳولا لاءِ منطق ۽ دليل ٻنهي کي بنيادي اهميت حاصل رهي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو دليل نه مڃي، ته ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر هر ڀيري اهو ضروري به ناهي ته، دليل ڪمزور هجي، ڪڏهن مسئلو دليل ۾ هوندو آهي ۽ ڪڏهن انسان جي سوچ، عقيدي يا مفادن ۾. مثال طور ماڻهوءَ وٽ مختلف معلومات هجي. هو جذباتي طور تي ڪنهن خيال سان ڳنڍيل به هجي، سندس ذاتي مفاد متاثر ٿيندو هجي يا هو دليل کي صحيح نموني سمجهي نه سگهيو هجي يا شايد پيش ڪيل دليل واقعي ئي اڻپورو هجي. جڏهن ته منطق جي لحاظ کان، جيڪڏهن ڪو مضبوط دليل کي به بنا ڪنهن متبادل دليل يا شاهدي جي رد ڪري، ته ان سان دليل غلط ثابت نٿو ٿئي. سچائيء جو دارومدار دليل ۽ شاهدي تي هوندو آهي، نه ڪي ماڻهن جي قبوليت تي.

ان بابت تاريخ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن. گيليلو جي دور ۾، ڪيترن ئي اڌ اکري عالمن ۽ ماڻهن سندس دليل نه مڃيا، پر پوء وڌيڪ شاهديون سامهون اچڻ سان، سندس خيال دل سان قبول ڪيا ويا. تنهنڪري دليل جو مقصد زوري ۽ زبردستيء سان مڃرائڻ ناهي، رڳو حقيقت کي واضح ڪرڻ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو نه ٿو مڃي، ته پوءِ به بهتر طريقو وڌيڪ وضاحت ڪرڻ، شاهديون ڏيڻ ۽ کليل گفتگو ڪرڻ آهي، نه ڪي تڪرار يا جبر ڪرڻ. هتي هڪ فلسفياڻو سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو، ڇا سچائي ماڻهن جي مڃڻ سان ٺهي ٿي يا ماڻهن جي مڃڻ کانسواءِ به موجود هوندي آهي؟ گهڻا فلسفي ۽ سائنسدان چون ٿا ته، سچائي انسان جي راءِ کان آزاد به موجود ٿي سگهي ٿي، انسان ته رڳو کيس ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

هاڻي پاڻ اچون ٿا، دليل جي مستقبل بابت، ڪجهه ماڻهن جو سوال آهي ته، ايندڙ وقت ۾ جڏهن علم شين کي وڌيڪ واضح ڪندو ته، ان وقت دليل جي اهميت گهٽبي يا وڌندي؟ پاڻ جواب ۾ چونداسين ته، مستقبل ۾ دليل گهٽجڻ بدران وڌيڪ اهم ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ انسان هڪ اهڙي دئور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جتي ڄاڻ جي اهميت ۽ مقدار انتهائي وڌيڪ هوندا، پر اهو ضروري ناهي ته هر ڄاڻ درست هجي. اهڙيء صورت ۾ دليل ۽ منطق، سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ جا اهم اوزار رهندا.

هڪ ته سائنس، ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جينياتي انجنيئرنگ ۽ خلائي تحقيق جهڙن شعبن ۾ فيصلا صرف دعوائن تي نه هوندا، پر مضبوط دليلن ۽ ثبوتن تي ٻڌل هوندا. جيترو سائنسي علم ۽ ٽيڪنالاجي ترقي ڪندا، اوترو ئي دليل جي ضرورت به وڌندي.

ٻيو ته سياسي ۽ سماجي حوالي سان ايندڙ وقت ۾ شهري حڪومتن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن توڙي اڳواڻن کان وڌيڪ شفافيت جي گهر ڪندا. ان دور ۾ ماڻهن کي رڳو نعرن تي استعمال ڪرڻ ممڪن نه هوندو يا انهن لاء جذباتي تقريرون به ڪافي نه سمجهيون وينديون، وس وارن کي پنهنجين پاليسين جي حق ۾ پختا دليل ۽ جدوجهدن جي موٽ ۾ نتيجا پيش ڪرڻا پوندا. مطلب ته جيئن ماضيء ۾ عوام کي رڍ، ٻڪري سمجهي هڪليو ويندو هئو، هاڻي به کڻي ايئن هوندو پر مخصوص ڳوٺاڻن علائقن ۾ پر شهرن ۾ اهو عمل هاڻي ممڪن ڪونهي، بلڪل ايئن جڏهن اڳتي دنيا ترقي ڪندي ته، انساني ذهن به واڌ ويجهه مان گذري اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياڻا ٿي پوندا، نتيجي طور تي انهن جي سوالن ۾ نواڻ سان گڏ واڌارا به ايندا۔

ٽيون ته عالمي مسئلن جا حل، جن ۾ غربت، تعليم، علاج، بيروزگاري، ماحولياتي تبديلين، جنگين ۽ انساني حقن جهڙن مسئلن تي عالمي اتفاق، جذبات کان وڌيڪ دليلن، تحقيقن ۽ گڏيل حقيقتن جي بنياد تي ٺهي سگهندو۔

چوٿون ته تعليم ۾ رٽو ۽ تقليد بدران تنقيدي سوچ کي وڌيڪ اهميت ملندي. شاگردن کي اهو سيکاريو ويندو ته، هر دعوي جي پويان دليل ڇا آهي ۽ ان جي جاچ ڪيئن ۽ ڇو ڪجي؟ هڪ اهم ڳالهه هيء به ڪندا هلون ته مستقبل ۾ شايد معلومات تمام گهڻي هجي، پر دليل جي ضرورت ختم نه ٿيندي. ڇو ته جيترو شور، پروپيگنڊا ۽ غلط ڄاڻ واڌ کائيندي، اوتري دليل جي اهميت به وڌندي. مختصر طور تي اهو نتيجو نڪري ٿو ته، مستقبل جو انسان ڀلي وڌيڪ طاقتور اوزارن ۽ علمن سان ليس ڇو نه هجي، پر سچ تائين پهچڻ لاءِ دليل، منطق ۽ ثبوت اڄ وانگر ئي بنيادي حيثيت رکندا، بلڪي شايد اڄ کان به وڌيڪ حيثيت وارا ٿي پون۔

______________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button