انڊيا گليشيئرز مان روزانو سنڌو نديءَ ۾ ويندڙ 9 ڪروڙ لٽر پاڻي لداخ ڏانھن موڙي ڇڏيو
انڊيا جي يونين ٽيريٽري لداخ انتظاميا گليشيئرز مان ڳري سنڌو نديءَ ۾ ويندڙ پاڻيءَ کي موڙي مقامي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. نئين رٿا تحت روزانو لڳ ڀڳ 90 ملين (9 ڪروڙ) لٽر پاڻي ايگو-في آبپاشي ڪئنال ڏانھن موڙيو پيو وڃي، جنھن سان 12 ڳوٺن کي فائدو ٿيندو ۽ ھڪ ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ غير آباد زمين آبپاشي لائق بنجي ويندي.

مانيٽرنگ ڊيسڪ
انڊيا جي يونين ٽيريٽري لداخ جي انتظاميا گليشئرز مان برف جي ڳرڻ سبب وھي سنڌو نديءَ ۾ شامل ٿيندڙ پاڻيءَ کي موڙي پنھنجي علائقي ۾ زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آھي. جي
پنھنجي علائقي جي زراعت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تعمير ڪيل انھيءَ وڏي ۽ نئين رٿا ذريعي روزانو لڳ ڀڳ 90 ملين لِٽر (9 ڪروڙ لِٽر) گليشيئرز جو ڳري ايندڙ پاڻي ايگو-في (Igoo-Phey) آبپاشي ڪئنال ڏانهن موڙيو پيو وڃي. اها معلومات لداخ انتظاميا جي پڌرائي ۽ بزنس ٽہُ ڊَي (Business Today) ۾ شائع ٿيل خبر ۾ ڏني وئي آھي. لنڪڊاِن تي پڻ اھڙي تفصيلي پوسٽ موجود آھي.
تفصيلن موجب پاڻي ليھ (Leh) ويجهو “اسٽوڪ ڳوٺ جي نالي (Stok village Nallah) مان نڪري ٿو. اڳ ۾ هيءُ پاڻي مقامي آبپاشي لاءِ استعمال ٿيڻ کان سواءِ سڌو سنڌو نديءَ ۾ وڃي ملندو هو. ھن وقت روزانو لڳ ڀڳ 90 ملين لٽر گليشيئر پاڻي ڪئنال ۾ داخل ڪيو پيو وڃي.

سنڌو ندي ۾ شامل ٿيندڙ پاڻيءَ کي موڙڻ سان لداخ جي لڳ ڀڳ 12 ڳوٺن کي سڌو سنئون فائدو پهچي رھيو آھي، جڏھن تہ ھڪ ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ اُها زمين، جيڪا اڳ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار هئي، هاڻي آبپاشي لائق بڻجي ويندي. انهيءَ اضافي پاڻيءَ جي شامل ٿيڻ سان ايگو-في ڪئنال جو وھڪرو ۽ پاڻيءَ جي سطح ۾ نمايان بهتري آئي آھي.
لداخ هڪ ٿڌو ريگستاني علائقو آهي، جتي برسات تمام گھٽ ٿيندي آهي ۽ زمينداريءَ جو ذريعو صرف گليشيئرن مان ڳري ايندڙ پاڻي هوندو آهي. خبرن موجب پاڻيءَ کي زيان ٿيڻ کان بچائي ڪئنال ذريعي ٻنين ۽ فصلن تائين پهچائڻ سان لداخ ۾ پاڻيءَ جي تحفظ ۽ زرعي پيداوار کي وڏو هٿي ملندي. اھو بہ چيو ويو آھي تہ هي منصوبو سرسبز ۽ پاڻيءَ جي لحاط کان محفوظ لداخ لاءِ هڪ اهم قدم آهي.
لداخ، هندستان جي تحويل هيٺ هڪ يونين علائقو (Union Territory) آهي. 31 آڪٽوبر 2019ع تي هندستاني حڪومت آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ بعد اڳوڻي رياست جمون ۽ ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهائي جمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ کي ٻه الڳ تحويل وارا علائقا (Union Territories) بڻائي ڇڏيو. لداخ سڌوسنئون هندستان جي مرڪزي حڪومت (نئين دهلي) جي انتظام هيٺ اچي ٿو. لداخ ۾ ڪا به چونڊيل قانون ساز اسيمبلي يا وڏو وزير ناهي. ان جو انتظامي سربراهه ليفيٽيننٽ گورنر (Lieutenant Governor) هوندو آهي، جنهن کي هندستان جو صدر مقرر ڪندو آهي. اهو ليفيٽيننٽ گورنر ئي مرڪزي حڪومت جي طرفان سڄي لداخ جا سياسي، انتظامي ۽ ترقياتي ڪم سنڀاليندو آهي. لداخ ٻن ضلعن (ليھ ۽ ڪارگل) تي مشتمل آهي. مقامي سطح تي انتظام هلائڻ ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ ٻنهي ضلعن ۾ چونڊيل خودمختيار ڪائونسلون موجود آهن.
_____________



