سعودي عرب جي عراق ۾ ايراني حمايت يافته مليشيا خلاف جنگي ڪارروائي
سعودي عرب چوي ٿو ته فوجي ڪارروائي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت دفاع جي حق ھيٺ ڪئي وئي آهي

بحرين مان حبيب تومي لکي ٿو
رياض: سعودي عرب اربع جي ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته سندس هٿياربند فوج، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) سان گڏيل سھڪار تحت، ملڪ جي تيل جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ واري تازي ڊرون حملن جي جواب ۾ عراق اندر ايران جي حمايت يافته مليشيا جي مخصوص اڏن تي پوري ڇنڊڇاڻ سان جنگي ڪارروائي ڪئي آهي.
اهو اعلان ڪندي سعودي اختيارين ٻڌايو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران عراقي علائقي مان ايران جي حمايت يافته مليشيا پاران باهه ڏنل ڪيترن ئي ڊرونزکي مشرقي صوبي ۽ رياض واري علائقي ۾ پيٽروليم تنصيبات تي حملي جي ڪوشش ڪندي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو ويو.
سعودي پريس ايجنسي (SPA) جي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، پرڏيهي معاملن واري وزارت چيو ته فوجي آپريشن گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ملڪ جي پنهنجي دفاع جي حق مطابق ڪيو ويو، ۽ انهن حملن کي سعودي پيٽروليم تنصيبات تي ٿيندڙ حملن جو جواب قرار ڏنو.
وزارت چيو ته اهي تازا حملا ان وقت ٿيا جڏهن سعودي عرب علائقائي تڪرارن کي گھٽائڻ ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو هو.
بيان ۾ چيو ويو: ”ان وقت جڏهن ملڪ علائقي ۾ تڪرار گھٽائڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهيو هو، ايران جي حمايت يافته دهشتگرد مليشيا غير ذميواراڻي رستي جي چونڊ ڪئي، بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي ڪئي، ۽ اسلامي ڀائيچاري جي فرضن، جن ۾ سٺي پاڙيسريءَ جا اصول شامل آهن، کي نظرانداز ڪيو.“
سعودي عرب واضح ڪندي چيو آهي ته هُو ڪو بہ وڏو علائقائي تڪرار نٿو چاهي، پر خبردار ڪيائين ته مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪنهن به حملي جو سختي سان جواب ڏنو ويندو.
سعودي پريس ايجنسيءَ جي رپورٽ موجب، وزارت چيو: ”ملڪ پنهنجي تنصيبات جي حفاظت ۽ پنهنجي شهري ۽ قومي اثاثن جي تحفظ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ڪندو.“
ان کان اڳ، دفاع واري وزارت جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي تصديق ڪئي ته سعودي هٿياربند فوج، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سان گڏجي ڪم ڪندي، عراق ۾ ڊرون حملن سان لاڳاپيل مليشيا جي اڏن تي جوابي جنگي ڪارروائي ڪئي آهي.
المالڪي چيو ته اهو آپريشن دفاع واري وزارت پاران 27 ۽ 28 جولاءِ تي ٿيو ۽ سعودي فضائي دفاعي نظام ڪيترن ئي ڊرونز کي تباهه ڪيو هو جن اھم تيل تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تفتيش مان معلوم ٿيو ته اهي حملا عراقي علائقي مان ايران جي حمايت يافته مليشيا پاران ڪيا ويا هئا.
هن چيو ته اهو آپريشن بين الاقوامي قانون تحت سعودي عرب جي پنهنجي دفاع واري حق جي تعميل ۾ ڪيو ويو ۽ ٻيهر ورجايائين ته سندس ملڪ وٽ پنهنجي پسند جي ”وقت ۽ جڳهه“ تي جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ آهي.
سعودي عرب پنهنجي بيان جي آخر ۾ ورجايو ته جيتوڻيڪ اهو علائقائي استحڪام لاءِ پرعزم آهي ۽ تڪرار وڌائڻ نه ٿو چاهي، پر پنهنجي علائقي، شهري يا حڪمت عملي واري بنيادي ڍانچي لاءِ ٿيندڙ ڪنهن به خطري خلاف حتمي ڪارروائي ڪندو.
______________

بحرين ۾ رھندڙ حبيب تومي سينئر صحافي ۽ ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جو چيف ايڊيٽر آھي



