Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

لفظن جا ھي گُلاب تنھنجي نانءُ

شاعرن ۽ مصورن جي دل سدا جوان سدا گلاب وانگر ھوندي آھي جو موت تائين پيري اُنھن جي مقدر ۾ نہ ھوندي آھي. ھنن جو روح سدا گلاب وانگر ھوندو آھي، جو موت کان اڳ نہ مرجھائبو آھي

رشيد  احمد خاصخيلي

جڏھن بہ آئون احمد فراز جي شاعري ( سنا ہے لوگ اسے آنکھ بھر کے دکھتے ہیں ) کي سندس لفظن ۾ ٻڌندو آھيان، تہ مون کي منھنجا خيال پنھنجي پرن تي کڻي عاشقن جي حسين واڌين ۾ وڃي پھچائيندا آھن. جيڪي عاشق محبتن جا تخليقار آھن جنھن ديس ۾ محبتن جي مرڪ موناليزا جي روپ ۾ ھلڪي تبسم سان ٽڙيل نظر ايندي آھي جڏھن به آئون موناليزا جي تصوير تي نظر اڪچيار ڪندو آھيان ته اياز جا ليونارڊو ڊوانچي لاء چيل لفظ به ذھن جي باغ ۾ ڦٽي پوندا آھن:

”ليونارڊو جھڙي گھڻ ڪُنڊي شخصيت دنيا اڃا پيدا نہ ڪئي آھي. ھا ھندستان ۾ امير خسرو، ڪنھن حد تائين ھُن وانگر ھو. ستار جو موجد، موسيقيءَ ۾ خيال جو باني، فارسيءَ جو عظيم شاعر، ھندستاني شاعريءَ جو پايو رکندڙ، جنھن غزل جون ھھڙيون سٽون چيون آھن :

“سکھی پیا کو نہ دیکھوں تو کسے کاٹوں اندھیری رتیاں”

 ليونارڊو لاءِ ڪنھن آرٽ جي نقاد بہ تہ لکيو ھو :

”ڪيئي مرد ۽ عورتون عجيب وغريب خاصيتن ۽ وصفن سان پيدا ٿين ٿا. ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن انسان کي خدا حسن لطف و افضل ۽ ڏات ايڏي گھڻي ٿو ڏئي جو ھو ٻين کي گھڻو پُٺتي ڇڏي ٿو وڃي ھن جي سڀني عملن پٺيان ڪوئي جذبو ڪارفرما آھي ۽ سچ تہ جيڪي ڪجھ ھو ڪري ٿو خدا وٽان اچي ٿو ۽ نہ انساني آرٽ مان“

ڊوانچي جي مٿي ڳالھ اُن ڪري بہ نڪتي جو ھن جي فن پارن کي دوام آھي، اھڙو ئي دوام جھڙو وان گوگ جي تصوير پٽاٽا خور کي ( Potato Eaters) کي آھي وان گوگ پنھنجي مٿين فن پاري جي باري ۾ پنھنجي ڀاءُ ( theo) کي لکيو ھو: ” مان ان ڳالھ تي زور ڏنو آھي ته اُھي ماڻھو جي بتيء جي روشنيء ۾ پٽاٽا کائي رھيا آھن انھن ڌرتي پنھنجن ھٿن سان کوٽي آھي جن سان انھن اھي اوٻاڙيل پٽاٽا ٿالھيء ۾ رکيا آھن اھا تصوير انسان جي جسماني پورھئي جي باري ۾ ڳالھائي ٿي ۽ اُھو ڏيکاري ٿي ته ھنن ڪيئن ديانتداريء سان پنھنجي روزي حاصل ڪئي آھي”

 موٽي ٿا اچو پاڻ عاشقن جي ديس ڏانھن، ھتي ھڪڙي ڳالھ اُھا بہ لکجي تہ ھي عاشقن جو ديس ڪنھن بہ سرحد جو محتاج ڪونھي.! ھن ديس ۾ اسان کي مصوريءَ سان عشق ڪندڙ آرٽسٽ ايل گريڪو بہ مليو آھي. ھن لاءِ چيو ويندو آھي تہ ھي يوناني شاعر ڪازان زاڪس، جي وڏن مان ھُيو ھن کي پنھنجي فن سان چوٽي جو عشق ھو، آرٽ جي فرينچ نقاد زان ڪاشڪو، ھن جي باري ۾ واضح لکيو آھي : ” غيب جي اسرار مان گريڪو ايترا پيلا ۽ ڳاڙھا رنگ ھٿ ڪيا جي نہ رڳو ڀرپور آھن پر دنيوي نہ آھن ماروائي آھن. جن کي فقط ھُو ڄاڻي ٿو، ھو انھن کي استعمال ڪري ٿو جيئن فرشتا ڪنھن نقاري کي استعمال ڪندا  ھُجن. ھن جا ڳاڙھا ۽ پيلا رنگ ڪنھن ڌن وانگر مُگر مان تي وڄن ٿا، جن کي ٻُڌي مُئا پنھنجيءَ ابدي ننڊ مان جاڳي پون ٿا پنھنجا ھٿ اسان ڏانھن اُڀا ڪن ٿا ۽ پنھنجي پنھنجي مرقد مان ڪفن ڦاڙي نڪري اچن ٿا.”

ھسپانو مصور گويا (Goya) بہ تہ ھڪ عاشق ھُيو، جنھن چيو ھو تہ : ” ساري دنيا مڪر ۽ فريب آھي ان جا مُنھن اُن جا روپ جا ڏيکاءُ اُن جا آواز سڀ ڌوڪا آھن، ھر ماڻھو پاڻ کي ائين ڏيکارڻ ٿو چاھي، جيئن ھُو نہ آھي سڀ ھڪ ٻئي کي ٺڳن ٿا ۽ ڪوئي بہ پاڻ کي نہ ٿو سڃاڻي.” ھي لفظ تہ گويا پنھنجي دور لاءِ چيا ھُئا، جيڪي سراسر سچ آھن. پر ان کان بہ اڳتي جنھن ڳالھ تحت اسين گويا کي مان ڏيون ٿا تہ اُھا آھي ھن جي مصوري ۽ ھن جي البا جي ڊچس (Duchess) سان محبت جنھن جا ھن ڪيترائي پورٽريٽ ڪڍيا ۽ انھن کي عنوان بخشيائين ( Naked maja) جن پورٽريٽن کي ڏسي شيخ اياز جون اکيون بہ محبت منجھان جرڪي پيون ۽ ھن وڏي ديار دليءَ سان لکيو تہ : “ماجا جا پوٽريٽ ڏسي مون ائين محسوس ڪيو تہ جي ڪنھن آڙھتيءَ وٽان لاڙڪاڻي جي زيتونن جا ڪيئي ٽوڪرا خريد ڪري اُن مان ڪائي عورت ٺاھي سگھجي تہ اُھا ماجا وانگر لڳندي.”

اياز جي مٿي ڳالھ کي ذھن ۾ ٻکيندين ڇا ھتي زھي معيري جو ھي فارسي شعر نہ ٿو لکي سگھجي:؟

رفت و نرفت نگھت گيسو ئه او ھنوز

غرق کُل است بسترم او بوئي او ھنوز.

ترجمو : ھو ھلي وئي پر ھن جي وارن جي خوشبو اڃا نہ وئي آھي منھنجو بسترو اڃا گلن ۾ غرق آھي

گويا اُھو مصور  ۽ عاشق ھو جنھن جي مصوري ۽ رنگن ھسپانيا جي پوئين مصورن کي اُتساھيو ۽ اڳتي ھلي پڪاسو جھڙا مصور پيدا ٿيا.! پر ھڪڙو افسوس بہ ٿيئي ٿو تہ جڏھن ھن مصور جو جنازو اسپين موڪليو ويو، جڏھن ان جي مڙھ مٿان ڪفن ھٽايو ويو، تنھن وقت گويا جو سر ھن جي ڌڙ کان غائب ھُيو.! پر ان ڏک کي بہ ھن جو آرٽ پوئتي ڇڏي اڳتي نڪري ٿو اچي ھن جي ڪنئواس تي چٽيل تصوير بوڊوءَ جي ماھيڙيائي ( The milkmaid of bordeaux) اھڙي تصوير آھي جنھن لاءِ سنڌ جي ڪوي شيخ اياز بہ ڇرڪ ڀري سُجاڳ ٿي لکيو ھو تہ : ” بوڊوءَ جي ماھيڙيائي گويا جي اھڙي تصوير آھي جا ھن جو پنھنجي جوانيءَ کي آخري سلام آھي. شاعرن ۽ مصورن جي دل سدا جوان سدا گلاب وانگر ھوندي آھي جو موت تائين پيري اُنھن جي مقدر ۾ نہ ھوندي آھي. ھنن جو روح سدا گلاب وانگر ھوندو آھي، جو موت کان اڳ نہ مرجھائبو آھي. ھن ڏي موت تہ اچي سگھندو آھي پيري نہ ايندي آھي“ مٿين تصوير گويا جي شاھڪارن مان آھي جوانيءَ جي شعور جي گويا ڪيتري نہ پرستش ڪئي آھي. ان تصوير ۾ ھن جي اکين ٻوٽجڻ کان اڳ ۾ انھن ۾ حسن جي جھلڪ ڪيڏي نہ چٽي آھي تصوير ۾ مصوري ۽ شاعري ملي ويون آھن اُن ۾ ماھيڙيائي جو الھڙپڻو سونھن ۽ سوڀيا ڏيکارن ٿا تہ مصور جي دل ۾ اڃا زندگي ڌڙڪي رھي آھي” ھتي ھڪڙو سوال پاڻ کان بہ ڪجي تہ آخر آرٽ جي پيروي ئي ڇو ڪجي.؟  ناصر خسروءَ جو فارسيءَ جو شعر آھي جھن کي ھتي لکڻ پڄاڻان آئون نہ ٿو سمجھان تہ مٿين سوال جي وڌيڪ جواب جي گُھرج رھندي:

درخت تو گر بار دانش به گيرد

بزير آوري چرخ بار نيلو فري را

ترجمو: جي تنھنجي درخت ۾ دانش جو ميوو پچي تہ تون نيري آسمان کي ان جي ھيٺان جُھڪائي ٿو سگھين

مٿين ڳالھ کي قابل عمل بڻائڻ لاءِ اسان کي شيخ اياز جون ھي سٽون بہ نہ وسارڻ گُھرجن :

مصور ڪنھن چيز جي غلامانه نقالي نہ آھي اُھا ڪيئي رد عمل مد نظر رکي گرفت ۾ آڻڻي آھي ھڪ ذبردست ۽ قوي ذھن ئي فن جي تخليق ۾ حيات (Senses) جو بھترين معاون آھي.”

 عاشقن جي ھن ديس ۾ آئون ان دور وٽ اچي پھتو آھيان جيڪو دور حضرت عيسي جي پيدائش کان به پنجھٺ سال اڳ جو آھي ۽ مون کي ھن دور ۾ ھڪ عاشق رومي شاعر ڪئٽلس به مليو آھي جنھن جي عشق جي اُھا انتھا چئجي جو ھن فقط ھڪ نظم ۾ ئي پنھنجو محبوبه ڪلوڊيا ( Clodia) کي تاحيات امرتا بخشي آھي ھن اُھو نظم پنھنجي محبوبا جي جھرڪي تي لکيو آھي جيڪا اوچتو مري وڃي ٿي جيئن عام طور تي ٻيون جھرڪيون مري وينديون آھن پر ڪئٽلس نه صرف ان مئل جھرڪي کي ھميشه لاء امر ڪري ٿو پر پنھنجي محبوبا کي به امر ڪري ڇڏي ٿو ايڇ ٽي سورلي جھڙي ماڻھو کي به ھن عاشق ۽ شاعر لاء ھنيئن لکڻو پيو ” ھورس ۽ سينڪيا (رومي شاعر) پنھنجي دور جا عظيم شاعر آھن پر مان ڪئٽلس کان تمام گھڻو متاثر آھيان جنھن پنھنجي ڀاءُ ۽ ليسبيا جي جھرڪيء جي وفات تي غنائي قسم جو مرثيو لکي پنھنجي فن جي انتھا ڪري ڇڏي آھي “

جھرڪي منھنجو کيڏوڻو ھُئي

۽ نازڪ ڇا ته نفيس پکي

افسوس ڪيان افسوس چوان

اي قسمت توکي ويڻ ڏيان

ڏوھ ڪيو ان ڪھڙو تنھنجو

محبوب روئاريو تو منھنجو

ڳاڙھا سوڻل نيڻ انھي جا

ڳل تان ڳوڙھا بس نه ڪن

خشڪي جا ۽ پاڻي جا مان

ڪي ڪاٽي ڪشٽ ڪشالا

تو وٽ مٺڙا پھتو آھيان

ڊگھي سفر تان آيو آھيان

تنھنجي ڀاءُ تجھيز ڪندس مان

تنھنجي ڀاءُ تڪفين ڪندس مان

تنھنجي ڀاءُ تدفين ڪندس مان

رئندس پنھنجا وار پٽيندس مان

اڳ ۾ مون کان وسري وئين تون

ھاڻي مون کان کسجي وئين تون

ارٿي ڀرسان بيٺا آھيون

نيڻ مان ٿا نير وھايون

بابو ڀرسان سڏڪي بيٺو

ڳوڙھا ڳل تان ڳاڙي بيٺو

ممڪن آ اُھو عاشقن ۽ فن جي آرٽسٽن جو ديس ماضي جو اُھڃاڻ ئي ھُجي پر جي اُھڃاڻ آھي، تڏھن بہ ان جو ڪو تخليق ڪندڙ آرٽسٽ تہ ھوندو.؟ ممڪن آ اُھو ديس اھڙو ماضي بہ ھُجي جنھن لاءِ اياز لکيو ھو تہ: ” ماضي جو خواب وانگر گذري ٿو وڃي انسان جا خوبصورت جسم جھوري ٿو وجھي. چنڊ جھڙا چھرا گھنججي ٿا وڃن ۽ تصور بہ ڪري نہ ٿو سگھجي تہ اھي ڪنھن وقت گلاب وانگر شگفتہ ھا. وقت وڏو قاتل آھي اھو عمر جي ائين ڪڍ ھوندو آھي جيئن ڀيل ڪاتر سان ڪنھن ساھواري جي ڪڍ ھوندو آھي.

مصور فنا جي گود ۾ سمھي پون ٿا مصوري رھجي وڃي ٿي ۽ انھن ماڻھن جون يادگيريون رھجي وڃن ٿيون، جي ڪنھن وقت زنده ھا ۽ جن کي مصور زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آھي. آرٽ موت جو موت آھي، فنا ۾ بقا جو اُھو روپ آھي، جنھن جو نعم البدل انسان کي اڃا تہ نہ مليو آھي.“ احمد فراز جيئن جيئن پنھنجي لفظن سان  پنھنجي ھن شعر ۾ ترنم ۽ رواني آڻيندو آھي، تہ مون کي شيخ اياز جي اُھا ڳالھ بہ صداقت جي چُمي لڳندي آھي، جيڪا ڳالھ اياز نٽشيءَ جي ڳالھ کي مدي نظر رکندي لکي ھُئي:

“Of all that is written, I love what a person has written with his blood”

ترجمو: ھن وقت تائين جيڪي بہ لکيو ويو آھي، اُن مان مون کي اھو پيارو آھي، جو انسان پنھنجي خون سان لکيو آھي

”مون پنھنجي ساري عشقيہ شاعري پنھنجي خون سان لکي آھي. منھنجون يادگيريون بہ ائين ترو تازه آھن جيئن سدا گلاب ترو تازه ھوندا آھن ۽ جن تي سرخ رنگ ھوندو آھي.“

نہ صرف نٽشيءَ ۽ اياز جي مٿين ڳالھ، پر مون کي تہ تنھن وقت زھي معيريءَ جو ھي فارسي شعر بہ ياد پوندو آھي:

شب اين سرگيسوئي ندارد کہ داري،

آغوش گل اين بوئي ندراد کہ داري.

ترجمو: رات کي انھن وارن جو ڳجھ نہ آھي جو تو وٽ آھي، ۽ گل جي آغوش ۾ اھا خوشبو نہ آھي جا تو ۾ آھي

گھر جي آتڻ ۾ بيھي آئون اتر جي سرد ھوا کي پنھنجي مستيءَ ۾ ٽلندي محسوس ڪيان ٿو، ۽ سوچان ٿو ھي سرد ھوا ڄامشوري جي ڏنگن پٿرن کي ڪيئن نہ ٿڌو ۽ ماٺو ڪري ٿي. جيڪي پٿر ڪڏھن تہ تپش ۾ ايترو تہ تپي ويندا آھن جو ڪيترن ئي پيرن جون تريون ڇرڪ ڀري ڌانھن ڪنديون آھن. اتر جي ھوا جي مسلسل مستي ڏسي مون کي   رياض خير آباديءَ جو ھي شعر بہ ياد پئي ٿو :

کس غضب کی ہوا میں مستی ہے

کہیں برسیی ہے آسمان سے آج

ترجمو: ھوا ۾ ڪھڙي نہ غضب جي مستي آھي ڄڻ آسمان مان شراب وسيو آھي.

________________

رشيد احمد خاصخيلي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. تمام بهترين تحريرون پڙھڻ لاءِ ھتي ملنديون آهن تمام ڪمال ليکڪ آھن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button