جڏھن بہ ساوڻيون اچن
رشيد خاصخيلي
سانوڻ پنھنجي آمد جا سنھيا (نياپا) آرھڙ جي ڪڪرن ذريعي ھاڪاري موڪليا آھن، تہ آئون اوس اچڻو آھيان. ورتر دئيت سان اِندر ديوتا جي جنگ وڏي شدت سان جاري آھي جيڪا اجھو ٿي سُوڀاري ٿئي، ۽ ڇمر (اڇا ڪَڪَر جيڪي مينھن نہ وسائيندا آھن) جھڙا ڪڪر بہ ويس مٽائي گنگھور گھٽائون ٿي ٿا ورن. ھوڏانھن ڪاليداس جي ميگھہ دوت کان شاھ لطيف جي سُر سارنگ تائين ۽ لطيف جي سُر سارنگ کان شيخ اياز جي گنگھور شاعريءَ تائين، ھن ديس جو تخيل ۽ تخليق ڪيترائي ارتقا جا ڏاڪا بہ پوئتي ڇڏي آئي آھي.
ڪاليداس چيو ھو :
وسيو ملڪ ملير ۾، شيتل ٿيو سرير
گڙن ھاٿي سونڍ سان، ماڻن سر جي ھير
پڪا جھنگلي وڻن ۾، اڻ ميا انجير
سنجھي ٿج سڌير، نيندءِ ھوا ديوگري
ڀاڳ ڀريا بادل تون ئي، ان جو پيٽ ڀريج
سڪي ٿيليون ٿي، پيلو رنگ ۽ ريج
ڪڪا وڻ ڪومائجي، تن تي مھر ڪريج
ڪج ڀڄائي ڀيڄ، تہ ويچاريءَ وڙ ٿئي
ڏيئي ريج رانڪ کي، ڪيائين لوتڙيءَ تي گل
ڏلھي ڇڏيائين ڏر کي، پاڻيءَ ڀريائين تل
آندائين آبُ اڇل، موڪل ٿي مينھن کي.
(ڪاليداس)
اڳتي ھلي شاھ لطيف چيو :
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺوجيسرُميرَ،
آگَمَ ڪَري آئيون، پائُرِ ڀَري پِيرَ،
لاٿائُون، لَطِيفُ چئي، وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ؛
سَرَھا ڪَيائُون سيرَ، سَرَھيُون سَنگھارِيُون ٿِيُون.
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرِيُون ڪاريُون،
وَسي ٿو وَڏ ڦُڙو، ٽَهَڪَن ٿِيُون ٽاريون،
لَٿَين لُکَ لَطيفُ چَئي، ڍايُون تاسارِيُون،
ڀڄَندِيون ڀَٽارِيُون، وَري وَٿاڻ آيون.
(شاھ لطيف)
سانوڻ جي سار جا سُڏڪا ڀريندي شيخ اياز بہ وراڻيو:
ٿيندا سانوڻ جا وسڪارا،
پل پل ايندا ياد پيارا،
ڪاريون راتيون
۽ برساتيون،
گجندا بادل ڪارا ڪارا،
بوندون ڪرنديون ٿينديون ڌار،
ڪا بہ نہ لھندي ڪنھن جي سار،
(شيخ اياز)
آئون گذريل ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لڳا ٿو جيڪو ھلندڙ حال جي گھڙين کان الڳ ڪو وجود نہ ٿو رکي.! ماضيءَ جي صداقت ئي اُنھيءَ گھڙين ۾ آھي، جيڪي گھڙيون گھڙيال جي گول دائري ۾ ساڳي پيڇري تي ڪيترين ئي صدين کان انساني سفر وانگر راھي آھن. ڀلي تہ انھن گھڙين ڪيتريون ئي مُورتون مٽايون ھُجن. جيئن انسان ڪيترائي ئي مُھانڊا مٽايا آھن، پر انھن جو سفر ساڳيو آھي. جيڪو سفر آدجڳاد کان ھلندو اچي پيو، اُھو سفر يا ان سفر جو احساس ڪڏھن ۽ ڪٿي ختم ٿيندو.؟ ڪير بہ نہ ٿو ڄاڻي.! اُنھيءَ سوال جي جواب ۾ محض انديشن جا ڳوٺ ئي آباد ڪري سگھجن ٿا. گذريل ماضيءَ ۾ ڪيتريون ئي يادون آھن جن يادن جي ڳوٺن کي اکيون ٻوٽڻ سان ڏسي سگھجي ٿو. ائين ئي اڄ اکيون ٻوٽيون اٿم تہ مون کي سڀئي غيور وطن دوست دلبر بہ ڏاڍا ياد پيا آھن جيڪي اونداھن زندانن جي ديوارن اندر آھن. ھن ميگھ ملھار موسم کي ڏسي دل چئي ٿي تہ ان سڀن قيد ڪيل وطن دوست دلبرن کي چوان:
آءُ زندان جي جھروڪي مان نھار
ڪھڙي پياري رات آھ!
اسمان مان ڪري ٿو چاندي جو آبشار،
ڪھڙي پياري رات آھ!
ٻن جھانن تي ڪري ٿي وار ڪويل جي پڪار،
ڪھڙي پياري رات آھ!
ھيءَ ھوا ھي ھيج ھي سامھون کجورين جي قطار،
ڪھڙي پياري رات آھ،
چنڊ تنھنجي لاءِ سيخن مان نھاريو بار بار،
ڪھڙي پياري رات آھ!
تون ڪڙين ۾ بہ ڪُڏي سگھندي گھڙي جي لاءِ يار،
ڪھڙي پياري رات آھ!
ڳاءِ پيارا ھي درو ديوار ناھي پايدار،
ڪھڙي پيارا رات آھ!
آءُ زندان جي جھروڪي مان نھار_
ڪھڙي پياري رات آھ!
(شيخ اياز)
ڪمري جي سانت ۾ مينھن جو احساس منھنجي ذھن ۾ اُڀري اچي ٿو. نظرون ڪمري جي دريءَ کي اورانگھي ٻاھر پُڄن ٿيون، گھر جي احاطي ۾ آرھڙ جا ڪڪر پنھنجون ڪڻيون وسائي رھيا آھن ۽ اُھي سڀئي مينھن ڪڻيون گڏجي ھلڪن سُرن سان تتل ڄامشوري جي پٿريلي مٽيءَ کي آنند بخشي رھيون آھن. اُھو سچ آھي تہ موسقي اھڙي سگھ رکي ٿي جيڪا نہ صرف پرٿوي (ڌرتي) کي آنند بخشي ٿي پر فطرت جي ھر جيو کي بہ ڪيترائي ڪيف چاڙھي ٿي ڇڏي. آغا سليم، پنھنجي ڪتاب (لات جا لطيف جي) ۾ لکيو آھي، ”موسيقي اھڙو فن آھي جنھن جو سڌو سنئون تعلق انسان جي جذبن ۽ احساسن سان آھي. موسيقيءَ جو ٻڌڻ وارن تي ڪيترو اثر ٿو ٿئي تنھن لاءِ گھڻا ئي عجيب و غريب ۽ ويساھ ۾ نہ ايندڙ واقعا مشھور آھن. مثال چيو ويندو آھي تہ ميگھ راڳ سان بي مندائتو مينھن وسندو آھي ۽ ديپڪ راڳ سان اجھاميل ڏيئا ٻري پوندا آھن. مٺي ۽ سريلي آواز سان ماڻھو رئندا، رڙيون ڪندا، نچندا ۽ ڪڏھن ڪڏھن مري بہ پوندا آھن. حضرت داؤد لاءِ چيو ويندو آھي تہ پاڻ جڏھن مٺي آواز ۾ زبور پڙھندو ھو تہ انسان، جن، حيوان ۽ پکي سندس قرائت ٻڌندا ھئا ۽ مري بہ پوندا ھئا. عرب اٺن جي رفتار وڌائڻ لاءِ حدي ڳائيندا ھئا جنھن جي ڪري اٺ ايڏا تکا ھلندا ھئا جو ٽن ڏينھن جو سفر ھڪ ڏينھن ۾ پورو ڪندا ھئا.“
ھن وقت منھنجي مطالعي واري ٽيبل تي پيل ايش ٽري ۾ وائٽ گولڊليف دُکي رھيو آھي. تماڪ تي ھلڪا ٽانڊا ائين اُجھامي ٻرن ٿا جيئن ڪنھن عمر کان موٽ کائيندڙ انسان جا جيھڻا ساھ پنھنجي جواني کي ياد ڪندا آھن.! رکي رکي ورتر دئيت ۽ اندر ديوتا جو پاڻ ۾ جنگي ٺڪراءُ مينھن ڪڻين جي ھلڪي رڌم کي ٽوڙي انھن ۾ ڏھڪاءُ وجھي ٿو ۽ مينھن ڪڻيون ھرڻين وانگر ھيسجي ڌرتيءَ ڏانھن تڪڙيون وکون کڻن ٿيون. دُکيل سگريٽ جا دُونھا آھستي آھستي ٿي ڪمري ۾ ائين گول ڦيرا کائين ٿا جيئن ڪو رومي جو مُقَلَد (پوئلڳ) رقص ۾ محو ٿي گول ڦيرا کائيندو آھي. صادق فقير، جي آواز ۾ شيخ اياز، جي شاعري منھنجي سوچن کي اُنھن گھڙين ڏانھن وٺي وڃي ٿي جيڪي گھڙيون سانوڻ جي مُند ۾ محبتن جي تُربتن تي پاڻ گڏجي گذاريون ھُيون، انھن جو احساس اڄ اياز جو شعر صادق جي آواز ۾ کڻي واپس وريو آھي.
”جڏھن بہ سانوڻيون اچن،
ڇمر الوٽ ٿي نچن،
جڏھن بہ ڀٽ ڀٽ تي گھٽا گجي وسي،
تڏھن نہ ھي وسارجو تہ ڪير سُڃ ۾ ستو.“
آئون سوچي رھيو آھيان ڇا يادن کي دماغ جي ڏيھ مان محمود درويش وانگر جلاوطن ڪري سگھجي ٿو.؟ يا ساڳين جلاوطن يادن کي مولانا عبيد الله سنڌي وانگي واپس ڏيھ ورائي سگھجي ٿو.؟ سوچجي جيڪي پل گذري ويا سي ڪالھ ٿي ويا يا اُھو ڪالھ جو احساس بہ اڄ کي ئي آھي، جي اڄ ڪالھ جي سنڀار نہ لھي تہ ڇا اُھو پنھنجو وجود يا ان وجود جي ظمانت محفوظ رکي سگھندو.؟ نہ ،ممڪن ئي ڪونھي ڇو تہ سڀ ڪجھ حال ئي آھي ۽ حقيقت اڄ سان ئي سلھاڙيل آھي. نہ اڄ ڪو ڪالھ کان الڳ رھي ٿو سگھي نہ ئي ڪالھ اڄ کان سواءِ رھي ٿي سگھي.! تڏھن تہ شيخ اياز بہ چيو ھو:
ڏينھن بہ ساڳيا نيھن بہ ساڳيا مُنڌ بہ ساڳي مينھن بہ ساڳيا،
ڪنھن جا ڪنھن جا ڏک ساريندو ڪيسين گذريءَ ۾ گھاريندو.؟
چنڊ بہ ساڳيو رات بہ ساڳي بوند بہ ۽ برستات بہ ساڳي،
ھر شئي ۾ ڪا ياد رھي ٿي ڏاھپ جنھن جا ڏنگ سھي ٿي.
رُوپ بہ پل لَيءَ رنگ بہ پل لَيءَ ساٿ بہ پل لَيءَ سنگ بہ پل لَيءَ،
ھار بہ پل لَيءَ جيت بہ پل لَيءَ مٺڙا مٺڙا ميت بہ پل لَيءَ.
(شيخ اياز)
آرھڙ کي الوداع الوداع ڪندي سانوڻ جي آجيان لاءِ تہ اکين کي ڪورنش (آداب) جي حوالي ڪري سگھجي ٿو پر تون ھن سانوڻ ۾ بہ جيڪر اچين. پر مون تہ ٻڌو آھي تون ڏور آھين، ۽ تنھنجي اچڻ جي مرضي بہ تنھنجي سوچن ۾ ناھي ،تڏھن تہ منھنجي دماغ اڳواٽ ئي اُھو مڃي ورتو آھي تہ ھن سانوڻ ۾ بہ آئون اياز جي ھي شاعري جھونگاريندس :
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات،
بادل گرجيو بجلي ڪڙڪي مينھوڳي جا جھلڪا آيا،
ڪجھ اک ڦڙڪي ڪجھ دل ڌڙڪي، من تي پل پل الڪا ڇايا،
آلاپي آلاپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات،
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات!
منھنجي من جيئن موڳا تارا، جھڙ جي جھاڳ ڏسر گھٻرايا،
آس بہ ٽمڪي جھمڪي پيارا، جئن جئن تن جا جھلڪا آيا،
چپ تي نينھن نياپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات،
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات،
کلنديون کوڻيون ٽلندا بادل پل ۾ وڄندي ڀڄندي آيا،
وسڪارو وڄ پاڻي جل ٿل موت پئي ڄڻ ڏند ڏڪايا،
ٻک ۾ موت جياپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات،
گذري وئي برسات،
تو بن گذري وئي برسات.
(شيخ اياز)
توکان پوءِ منھنجا پرين جھڙ ٿيا جھاٽي،
پڇ نہ ڪيئن مون ڪاٽي رم جھم ۾ راتڙي.
(شيخ اياز)
__________________
* سانوڻ، سنڌي ڪلينڊر، جو پنجون مھينو ھن مھيني ۾ بارشون تمام گھڻيون پونديون آھن.
*آرھڙ، سنڌي ڪلينڊر جو چوٿون مھينون جيڪو گرمي ۽ تپش جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
*ورتر دئيت ۽ اندر ديوتا ھندو ديو مالائي ڪردار، جن لاءِ آغا سليم لکيو آھي ،” ھندو ديو مالا ۾ بادل ۽ بارش الاءِ ديوتائون ۽ دئيت آھن. ورتر نالي دئيت ڪارا ڪڪر بڻجي، سج، چنڊ ۽ ستارن کي ڍڪي ڇڏيندو آھي ۽ ڪڪرن کي وسڻ کان روڪيندو آھي. اندر ديوتا ورتر دئيت جي ڪارن ڪڪرن جي ڪوٽن کي ڀڃيندو آھي ۽ وڄ جي چھبڪ سان ڪڪرن کي ھڪليندو ۽ مينھن کي روڪڻ وارن دئيتن کي قتل ڪندو آھي. پر ھو وري جيئرا ٿي پوندا آھن. ڪڪرن کي وسڻ کان روڪيندا آھن ۽ ملڪ ۾ سوڪھڙو ٿيندو آھي.“
*ڪاليداس، سنسڪرت جو شاعر ۽ ڊراما نويس، شيخ اياز لکيو آھي تہ ڪاليداس، چندر گپت ٻئي ڪمار گپت پھرين جي دور ۾ شھرت حاصل ڪيائين (375ع کان 450ع تائين) ھندستان جي درٻاري تھذيب ۾ چوٽي تي ھو. ھن جا ڪُل ڇھ ڪتاب آھن، جنھن مان پھريون ڪتاب ميگھ دوت آھي (اھو بادل جيڪو پيغام رسائي) آھي جنھن ۾ ھندستان جو فطري منظر نھايت ترنم سان چٽيو ويو آھي. ۽ سنسڪرت جي ساھيتہ جا ٻہ وڏا رزميہ نظم ”ڪمار جو ڄم“ جو شيوِ ۽ پاروتيءَ جي پيار ۽ ان جي پُٽ يُڌ جي باري ۾ آھي. ٻيو ”رگھو ونش“ جو رگھو ڪُل جي باري ۾ آھي، ۽ جنھن جو اتساھ ھن کي رامائڻ مان مليو. ڪاليداس جي ٽاٽڪن ۾ مالا وڪا ۽ اگني مترا درٻار جي پيار جي طور طريقن جي باري ۾ طربيہ نظم آھن. وڪروم اروشي ۾ پراڻي پيار جي ڪھاڻي پرُو رواس ۽ اُروشي جي باري ۾ آھي. ھن جو شاھڪار جنھن کي گوئٽي(جرمن شاعر، ناول نويس ڊراما نگار ۽ فطرت جو فلسفي) بہ ساراھيو آھي، سو شڪنتلا آھي. جنھن ۾ دشينت نالي ھڪ راجا پنھنجي پِٽ جي اثر ھيٺ پنھنجي زال کي بہ وساري ٿو ڇڏي ۽ آخر ۾ ھن کي پنھنجي منڊي ڏسي سڃاڻي ٿو . مون پنھنجي نثر ۽ نظم ۾ بار بار ڪاليداس جو ذڪر ڪيو آھي. منھنجي نظر ۾ ھن ننڍي کنڊ جا ٽي وڏي ۾ وڏا شاعر ڪاليداس، ڀٽائي ۽ ٽئگور ھُيا.“
*فلسطين جو قومي شاعر، ليکڪ (1941ع 2008ع) جنھن کي فلسطين مان جلاوطن ڪيو ويو ھو.
* مولانا عبيد الله سنڌي ( 1872_ 1944ع) سنڌ جو برجستو انقلابي اڳواڻ، ثناءُ الله سومرو لکي ٿو تہ ”مولانا ننڍي کنڊ جي آزاديءَ خاطر افغانستان جي پھاڙن کان روس جي برف پوش سبزه زارن تائين ۽ تُرڪي جي سامونڊي ڪنارن کان مڪي معظمہ جي مقدس سرزمين تائين پُر خطرناڪ سفر ڪيا.“ مولانا کي انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌ بدر(جلاوطن) بہ ڪيو ويو جنھن جي واپسي سنڌ پھرين وزير اعظم شھيد الله بخش سومري ممڪن بڻائي ۽ ھن جو خود ڪراچي بندر گاھ تي استقبال پڻ ڪيائين. ثناءُ الله سومرو لکي ٿو تہ مولانا عبيدالله سنڌي امام شاھ ولي الله جي فڪر جي بنياد تي ھڪ اھڙو ھم گير فڪر ۽ فلسفو پيش ڪيو، جيڪو ھڪ طرف قران ۽ سنت جي بنياد تي مسلمانن جي داخلي مذھبي ۽ فقھي تضادن ۽ مونجھارن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ھُيو تہ ٻئي طرف ھندن ۽ ٻين مذھبن سان فلسفيانہ ھم آھنگي ۽ ان سان گڏو گڏ اقتصادي ۽ سياسي معاملن ۾ سماجواديت سان ڀرپور ھيو. جنھن کي مولانا جي لفظن ۾ ”خدا پرستي ۽ انسان دوستي“ چئي سگھجي ٿو.“
_______________
ليکڪ سنڌ جي شھر ڄامشوري ۾ رھي ٿو



