Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ڇا جا صوبا، ڇا جو ريفرنڊم: صوبن جي وحدت تي وار بدران حڪمراني سُڌاريو

نون صوبن جي بحث ۾ سنڌ جو معاملو سڀ کان وڌيڪ حساس حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، لساني ۽ سياسي سڃاڻپ سبب هتي صوبائي وحدت جو سوال رڳو انتظامي جوڙجڪ تائين محدود ناهي، پر اهو عوام جي اجتماعي سڃاڻپ ۽ تاريخي وجود سان به جڙيل آهي. محسن نقوي چوي ٿو  ته مختلف عوامي سروي نون صوبن جي قيام بابت وڌندڙ حمايت ظاهر ڪن ٿا. اهم سوال اهو آهي ته اهي ڪهڙا سروي آهن، انهن ۾ ڪيترا ماڻهو شامل هئا، ڪهڙن علائقن مان راءِ ورتي وئي ۽ ماڻهن کان اصل ۾ ڪهڙو سوال پڇيو ويو؟ سنڌ جي تاريخي ۽ آئيني وحدت کي سياسي سوديبازيءَ جو موضوع بڻائڻ بدران عوام جي اعتماد ۽ جمهوري اصولن کي بنياد بڻائڻ لازمي آهي.

نسيم بخاري

ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت جاري بحث هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ جي اوچتي نوابشاهه آمد، صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ سان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جاري رهندڙ ملاقات ۽ ان کان اڳ نون صوبن بابت ريفرنڊم ڪرائڻ واري تجويز ملڪ جي سياسي حلقن ۾ ڪيترائي نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن. خاص طور تي سنڌ ۾ هن سڄي سرگرميءَ کي رڳو هڪ ملاقات سمجهي نظرانداز ڪرڻ بدران ان جي سياسي پسمنظر، مقصدن ۽ ممڪن نتيجن کي سمجھڻ ضروري آهي .

محسن نقوي اسلام آباد کان خاص جهاز ذريعي نوابشاهه پهتوھو. نوابشاهه روانگيءَ کان اڳ محسن نقويءَ لاهور ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نون صوبن جي قيام بابت  ھڪ ڀيرو وري تجويز پيش ڪئي. سندس چوڻ هو ته جڏهن سياسي جماعتون جمهوريت ۽ عوامي راءِ جي بالادستيءَ تي يقين رکن ٿيون ته پوءِ هن معاملي جو فيصلو به عوام جي راءِ ذريعي ڇو نه ڪيو وڃي؟ هن سياسي جماعتن کي اپيل ڪئي ته نون صوبن بابت ريفرنڊم ڪرايو وڃي. جيڪڏهن عوام نون صوبن جي قيام جي مخالفت ڪري ته هو پاڻ به ان مخالفت سان گڏ بيهندو، پر جيڪڏهن عوام حمايت ڪري ته پوءِ ان راءِ کي تسليم ڪرڻ گهرجي.

محسن نقويءَ اهو پڻ چيو ته مختلف عوامي سروي نون صوبن جي قيام بابت وڌندڙ حمايت ظاهر ڪن ٿا. پر هتي هڪ اهم سوال اهو آهي ته اهي ڪهڙا سروي آهن، انهن ۾ ڪيترا ماڻهو شامل هئا، ڪهڙن علائقن مان راءِ ورتي وئي ۽ ماڻهن کان اصل ۾ ڪهڙو سوال پڇيو ويو؟

ملڪ کي موجوده انتظامي ڍانچي کان وڌيڪ صوبن ۾ ورهائڻ بابت بحث گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جاري آهي. محسن نقويءَ 31 جولاءِ 2026ع تي پاڪستان اڪنامڪ سمٽ ۾ به وڌيڪ انتظامي يونٽن يا صوبن جي ضرورت تي زور ڏنو هو. ان کان پوءِ وفاقي وزير خواجه آصف طرفان 12 وڌيڪ صوبن جي قيام واري ڳالهه پڻ سياسي بحث کي وڌيڪ تيز ڪيو.

ڇا نون صوبن جي قيام سان ڪرپشن، بيروزگاري، مهانگائي، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن جا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا؟ يا رڳو نوان گورنر هائوس، وزيراعليٰ هائوس، اسيمبليون، وزارتون ۽ انتظامي خرچ وڌي ويندا؟

انتظامي بهتري ۽ سياسي ورهاست کي هڪ ئي شئي سمجهڻ درست نه ٿيندو. جيڪڏهن موجوده صوبائي حڪومتون مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائين، ضلعن ۽ تعلقن تائين اختيار منتقل ڪن ۽ بجيٽ جي ورڇ ۾ انصاف ڪن ته ڪيترائي انتظامي مسئلا صوبن جون حدون تبديل ڪرڻ کان سواءِ به حل ٿي سگهن ٿا.

نون صوبن جي بحث ۾ سنڌ جو معاملو سڀ کان وڌيڪ حساس حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، لساني ۽ سياسي سڃاڻپ سبب هتي صوبائي وحدت جو سوال رڳو انتظامي جوڙجڪ تائين محدود ناهي، پر اهو عوام جي اجتماعي سڃاڻپ ۽ تاريخي وجود سان به جڙيل آهي.

پيپلز پارٽي،  سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي ۽ وفاقي حڪومت جي اتحادي پڻ آهي، سنڌ جي ورهاست جي تجويزن جي مخالفت ڪندي رهي آهي.

 محسن نقويءَ جي صدر زرداريءَ سان نوابشاهه ۾ ملاقات کي غيرمعمولي سياسي اهميت حاصل ٿي وڃي ٿي. ڇو ته صدر زرداري صرف ملڪ جو آئيني سربراهه نه، پر پيپلز پارٽيءَ جي سياسي تاريخ ۽ قيادت جو اهم مرڪز پڻ رهيو آهي.

هن سڄي معاملي جو هڪ ٻيو اهم پاسو پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو سياسي نظام کي ري سيٽ ڪرڻ وارو بيان آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ تازو سياسي جماعتن کي اختلافن کان مٿانهون ٿي ملڪ جي مسئلن تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو هو.

محسن نقويءَ ان بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته هو ۽ بلاول ڀٽو زرداري گهڻي حد تائين هڪ ئي صفحي تي آهن، پر ٻنهي جي تجويزن جي دائري ۾ فرق آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول سياسي نظام جي تبديليءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، جڏهن ته سندس خيال ۾ سڄي نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هتي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته سياسي نظام جي اصلاح، انتظامي ڍانچي جي تبديلي ۽ صوبن جي نئين سر جوڙجڪ ٽي الڳ موضوع آهن. انهن کي هڪ ئي سياسي پيڪيج ۾ شامل ڪرڻ سان بحث وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿو.

جيڪڏهن ملڪ کي واقعي ري سيٽ ڪرڻو آهي ته ان جي شروعات حڪمرانيءَ جي معيار، احتساب، قانون جي حڪمراني، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ صوبائي خودمختياريءَ کان ٿيڻ گهرجي. رڳو نون صوبن جزندگيءَ ۾ تبديلي اچڻ جي ضمانت نٿي ملي.

سنڌ جي اندر ڪيترائي علائقا اڄ به تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، روزگار، روڊن، اسپتالن ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. اتر سنڌ، ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان ۽ سامونڊي پٽيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ترقيءَ جي رفتار اڃا به گهربل معيار کان پري آهي.

 ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن جي بحث کي سياسي نعريبازيءَ کان ٻاهر ڪڍي هڪ سنجيده قومي، آئيني ۽ عوامي بحث بڻايو وڃي.

محسن نقويءَ جي خصوصي جهاز ۾ نوابشاهه آمد ۽ صدر زرداريءَ سان ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن نون صوبن جي تجويز تي وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن جي وچ ۾ مختلف موقف سامهون اچي رهيا آهن. ان پسمنظر ۾ اها ملاقات سياسي لحاظ کان اهم ضرور آهي، پر ان کي ڪنهن حتمي فيصلي يا سنڌ جي ورهاست بابت طئي ٿيل منصوبي جو نالو ڏيڻ هن وقت مناسب نه ٿيندو.

اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت هن بحث کي ڪهڙي رخ تي وٺي وڃي ٿي، پيپلز پارٽي پنهنجي سنڌ بابت اعلانيل موقف تي ڪيتري مضبوطيءَ سان بيهي ٿي ۽ پارليامينٽ ۾ هن معاملي تي ڪهڙي نوعيت جو بحث ٿئي ٿو.

جيڪڏهن وفاق واقعي عوامي راءِ جو احترام ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي سنڌ سميت سمورن صوبن جي تاريخي، ثقافتي ۽ آئيني حيثيت جو به احترام ڪرڻو پوندو. جمهوريت جو مطلب رڳو اڪثريت جي نالي تي فيصلا ڪرڻ نه، پر آئيني حقن، وفاقي توازن ۽ مختلف قومن جي سڃاڻپ جو تحفظ ڪرڻ پڻ آهي.

آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته محسن نقويءَ جي نوابشاهه واري ملاقات نون صوبن جي بحث کي هڪ نئين سياسي مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. پر ان بحث جو اصل امتحان بيانن، ملاقاتن ۽ خصوصي جهازن جي آمدرفت ۾ نه، پر پارليامينٽ جي سنجيدگي، صوبائي اسيمبلين جي آئيني اختيارن ۽ عوام جي حقيقي مسئلن جي حل ۾ آهي.

سنڌ کي انتظامي بهتري، ترقي، انصاف ۽ اختيارن جي منصفاڻي ورڇ جي ضرورت آهي، پر انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ سنڌ جي تاريخي ۽ آئيني وحدت کي سياسي سوديبازيءَ جو موضوع بڻائڻ بدران عوام جي اعتماد ۽ جمهوري اصولن کي بنياد بڻائڻ لازمي آهي.

____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button