Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

شِو ۽ ڪرشنا مندر جوهي: سنڌ جو منفرد تاريخي ورثو

جوهيءَ جي مندر جون ٻہ گنبذ نما اڏاوتون آهن. هڪ گول ۽ ننڍو گنبذ آهي جنهن تي ٻاهران  بُت لڳل هئا جيڪي برصغير جي ورهاڱي وقت ٽوڙيا ويا هئا ۽ ٻيو تمام اونچي گنبذ واري اڏاوت وارو آهي جنهن کي مقامي طور قُبِي سڏجي ٿو. هن مندر جي طرز تعمير هندستان ۽ نيپال جي ڪن مندرن سان مشابهت رکندڙ آهي. ھيءُ مندر ڏکڻ ايشيا جي اهم مذهبي اثاثن ۾ شامل آھي جنھن کي مڪمل آجائپ، مرمت ۽ بحاليءَ جي شديد ضرورت آهي.

اصل تصوير تان ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

عزيز ڪنگراڻي

ضلعي دادو جو تعلقو جوهي سنڌُو سڀيتا جي ماڳن کان وٺي انگريزن جي دور تائين جي تاريخي ورثي ۾ شاهوڪار آهي. انهيءَ تاريخي ورثي ۾ جوهيءَ ۾ قبي جي نالي سان مشهور شِوَ، ڪرشنا مندر پڻ شمار ڪري سگهجي ٿو. هيءُ ماڳ جوهي شهر ۾ نهايت خوبصورت ۽ منفرد ماڳ آهي جيڪو طرز تعمير جي لحاظ کان  اهم  ۽ منفرد سڃاڻپ رکندڙ قديم تاريخي ورثو ٿو. هيءُ مندر اٽڪل 276 سال پراڻو آهي. هيريٽيج آف پاڪستان ويب سائيٽ موجب مندر 1850ع واري ڏهاڪي ۾ تعمير ڪيو ويو هو. مندر جي طرز تعمير نهايت منفرد آهي. اهڙي طرز تعمير واري مندر جو مثال سنڌ يا پاڪستان ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن مندر جي طرز تعمير هندستان ۽ نيپال جي ڪن مندرن سان ملي ٿي يا مشابهت رکندڙ آهي.

جوهيءَ جي مندر جون ٻہ گنبذ نما اڏاوتون آهن. هڪ گول ۽ ننڍو گنبذ آهي جنهن تي ٻاهران  بُت لڳل هئا جيڪي برصغير جي ورهاڱي وقت ٽوڙيا ويا هئا ۽ ٻيو تمام اونچي گنبذ واري اڏاوت وارو آهي جنهن کي مقامي طور قُبِي سڏجي ٿو. مندر  تمام وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل هو. هن مندر کي ٻہ مُک دروزا هئا. هڪ اوڀر ۾ ٻيو ڏکڻ پاسي دروازو هوس. اوڀر واري دروازي وٽان ڀِتِ تي هاٿي ۽ سُوئر جون تصويرون اُڪريل آهن. مندر جي تعمير ۾ پڪيون سرون، چيرولي ۽ لوھ ڪم آيل آهي. مندر جي مٿان بُت ٺهيل هئا جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ٽوڙيا ويا هئا. انهن جا اڌ يا ڌڙ اڄ به موجود آهن. قبيءَ کي غور سان ڏسبو ته ان ۾ مستطيل خانن يا فريم نما تعمير ۾ اوتارن جون تصويرون چٽيل نظر اينديون.

مندر جي تعمير نهايت مظبوط ٿيل آهي جنهن ڪري بي ڌياني هوندي به صفحہ هستي تي موجود آهي. مندر کي نقصان ضرور پهتل آهي جو قبيءَ جي چوٽيءَ ۾ به ڏار نظر اچن ٿا. مندر جي ٻاهران سمورين ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ شاندار ٿيل آهي پر اها هاڻ ميسارجي چڪي آهي.

مندر جي اندر گول گنبذ واري تعمير توڙي ديوارن سان پڻ نهايت خوبصورت فريسڪو چٽسالي ٿيل آهي. انهيءَ چٽسالي ۾ اوتارن شِوَ، گهڻيش، پاروتي، وشنو، لڪشمي، ڪرشنا ۽ راڌا جون مختلف تصويرون چٽيل آهن. ڪٿ وشنو ستن منڍين واري نانگ سان ٽيڪ ڏئي ويٺل ڏيکاريل آهي ته ڪٿ لڪشميءَ ساڻ چٽيل آهي. هن مندر ۾ ڪرشنا جون تصويرون وڌيڪ پينٽ ٿيل آهن. ڪٿي ستن منڍين واري نانگ کي ماريندي ته ڪٿي راڌا سان ڏيکاريو ويو آهي، ڪٿي بانسري سان ڳئون ڀرسان ڏيکاريل آهي، ڪٿي گوپين جي چاڏين منجهان مکڻ کڻندي ڏيکاريل آهي ته ڪٿي ندي يا تلاءُ ۾ وهنجندڙ گوپين جا ڪپڙا کڻي وڻ تي چڙهي ويل ڏيکاريل آهي ۽ ننگـيون گوپيون پاڻي ۾ بيهي کيس هٿ ٻڌي ڪپڙا واپس ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندو ڏيکاريل آهن.

هن مندر ۾ شِوَ جي نندي (ڍڳو)، ڳئون به چٽيل آهي ته عورتون ۽ اڏامندڙ پَرِيُون به پينٽ ٿيل آهن. پکين کان علاوه جوڳي ۽ جن ڀُوت به ڏيکاريل آهن. عورتون وڻن ۾ پينگھ تي لُڏندي نقش ٿيل آهن. هڪ هنڌ ديوار تي پَرِي پڻ چٽيل آهي. مندر جي ديوارن تي انهن تصويرن کانسواءِ گلن ٻُوٽن جون ڊزائنون پڻ بهترين نموني نقش ٿيل آهن.

مندر تي قبضي خلاف پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي باشعور ماڻهن آواز اٿاريو. جنهن جي نتيجي ۾ مندر تان قبضو هٽائي هندو برادري جي پنچائت حوالي ڪيو ويو آهي. هن وقت مندر سندن هٿ هيٺ آهي پر ان جي مرمت لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي.

بهرحال جوهيءُ وارو شِوَ ۽ ڪرشنا مندر دادو ضلعي سان گڏ سنڌ جو قيمتي تاريخي اثاثو آهي هيءُ مندر انگريزي ۾ لکڻين سبب ڏکڻ ايشيا جي اهم مذهبي اثاثن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. هن جي مڪمل آجائپ، مرمت ۽ بحاليءَ جي شديد ضرورت آهي.

____________

Aziz-Kingrani-TheAsiaN-1

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، محققق،مورخ ۽ ٻوليءَ ماهر آهي. سندس انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ 22 ڪتاب شايع ٿيل ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو ۾ ڪيترائي ڊراما ۽ مقالا پڻ لکيل آهن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button