شاهه عنايت شهيد: ”جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ھڻندڙ سنڌ جو پهريون سوشلسٽ صوفي
صوفي شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ صرف هڪ مذهبي ويڙهه نه هئي، پر اها پورهيت طبقي جي بقا ۽ انساني وقار جي جنگ هئي. اڄ جيڪڏهن اسان سنڌ کي هڪ خوشحال ۽ برابري واري رياست ڏسڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي شاهه عنايت جي ان “کيڙي سو کائي” واري فلسفي کي جديد تناظر ۾ سمجهڻو پوندو
قاضي ساگر
صوفي شاهه عنايت شهيد سنڌ جي تاريخ جو اهو روشن ستارو آهي، جنهن نه صرف روحانيت جو گس ڏيکاريو پر سماجي انصاف ۽ معاشي برابريءَ جو عملي علم پڻ بلند ڪيو.

سنڌ جي تاريخ جتي پيرن، فقيرن ۽ درويشن جي رواداريءَ سان ڀريل آهي، اتي صوفي شاهه عنايت شهيد جو نالو هڪ اهڙي انقلابي ڪردار طور اڀري ٿو، جنهن “تصوف” کي خانقاهن مان ڪڍي کيتن ۽ سماجي عدالت جي ميدان ۾ آندو. پاڻ صرف هڪ روحاني پيشوا نه هئا، پر سنڌ جا پهريان عظيم “سوشلسٽ وطن پرست” هئا، جنهن جو نعرو هو: “جيڪو کيڙي سو کائي”.
سترھين صديءَ جي آخر ۽ ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾، جڏهن مغليه سلطنت جي زوال دوران سنڌ ۾ جاگيرداري نظام عروج تي هو، تڏهن صوفي شاهه عنايت جهوڪ ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو. هن مدي خارج نظام ۾ هاري ميزبان نه پر غلام هئا. شاهه عنايت محسوس ڪيو ته روحاني آزادي تڏهن ممڪن آهي جڏهن انسان معاشي غلامي ۽ بک کان آزاد هجي. هن پنهنجي مريدن ۽ هارين کي گڏ ڪري هڪ اهڙي گڏيل زرعي نظام (Commune) جو بنياد وڌو، جتي زمين ڪنهن هڪ جي ملڪيت نه هئي، پر پورهيتن جي گڏيل محنت جو ثمر هئي.
شاهه عنايت جو فلسفو اڄوڪي جديد سوشلزم کان ٻه صديون اڳ جو آهي. هن وٽ مالڪ ۽ نوڪر جو فرق ختم ٿيل هو. جڏهن جهوڪ جي کيتن مان لڻيل فصل سڀني ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهايو ويو، ته ان سان تر جي ظالم جاگيردارن ۽ مغليه درٻار جي نمائندن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. کين پنهنجي لٽ مار واري نظام جو خاتمو نظر آيو. اها ئي اها “وطن پرستي” هئي، جنهن ۾ سنڌ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ اناج تي سنڌ جي پورهيت جو حق تسليم ڪيو ويو.

شاهه عنايت جي وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي، وقت جي حاڪمن مٿس ڪفر ۽ بغاوت جا الزام لڳائي وڏو لشڪر چاڙهي موڪليو. ڪيترن ئي مهينن جي گهيري کانپوءِ، جڏهن جنگ ذريعي کيس شڪست نه ڏئي سگهيا، ته قرآن شريف کي وچ ۾ آڻي صلح جي بهاني کيس گرفتار ڪيو ويو. 1718ع ۾ هن عظيم انسان کي شهيد ڪيو ويو، پر سندس آخري لفظ: “سر در قدمِ يار فدا شد چه بجا شد” (يار جي قدمن ۾ سر فدا ٿي ويو، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿيو)، اڄ به سنڌ جي شعور ۾ گونجن ٿا.
صوفي شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ صرف هڪ مذهبي ويڙهه نه هئي، پر اها پورهيت طبقي جي بقا ۽ انساني وقار جي جنگ هئي. اڄ جيڪڏهن اسان سنڌ کي هڪ خوشحال ۽ برابري واري رياست ڏسڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي شاهه عنايت جي ان “کيڙي سو کائي” واري فلسفي کي جديد تناظر ۾ سمجهڻو پوندو. هو سنڌ جو اهو صوفي هو جنهن تڪرار بدران تقسيم (پورهيي جي ورهاست) جو درس ڏنو۔۔
______________

قاضي ساگر صحافي آھي ۽ نوشھري فيروز ۾ رھي ٿو.



