تُحفو اھڙو ڏيو جيڪو سدائين ياد رھي
ترقي ڪيل ملڪن جا ماڻھو گهڻي قدر مادِي شين کان وڌيڪ تجربن جي تُحفن کي ترجيح ڏين ٿا. اهو وڌندڙ لاڙو مادي شين ڏيڻ کان وڌيڪ مقبول ٿي رهيو آهي ڇو ته تجربا اڪثر ڪري وڌيڪ ڊگهيون يادون ۽ مضبوط سماجي تعلقات پيدا ڪن ٿا
عبداللہ عثمان مورائي
منهنجي هڪ ساٿيءَ سندس دوست جي شاديءَ لاء ڪو تحفو ڏيڻ لاء پي سوچيو ته کيس سندس دوست کي ڇا ڏيڻ گهرجي. ڪجهه ڏينهن کان پوء اسان جي وري ملاقات ٿي ته پڇيومانس ته تو سوچيو ته دوست کي سندس شاديءَ ۾ ڇا ڏيندين؟ هن چيو ته ها بلڪل، جيئن ته کين ڪنهن به مادِي شئي جي ضرورت نه آهي سو مون هڪ ريسٽورنٽ، جتي مانيء سان گڏ ٻيون به ڪجهه سرگرميون يا مشغلا ڪرايا ٿا وڃن، شاديء جي تحفي طور ان ريسٽورنٽ جو ڪارڊ ڏنو آهي ته جيئن هو ان مان لطف اندوز ٿي سگهن. اهو تجربو کين وڏي عرصي تائين ياد رهندو.

ترقي ڪيل ملڪن جا نوجوان گهڻي قدر مادِي شين کان وڌيڪ تجربن کي ترجيح ڏين ٿا. اهو وڌندڙ لاڙو، جنهن ۾ تجربي جو تحفو ڏيڻ شامل آھي، مادي شين ڏيڻ کان وڌيڪ مقبول ٿي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته تجربا اڪثر ڪري وڌيڪ ڊگهيون يادون ۽ مضبوط سماجي تعلقات پيدا ڪن ٿا. خاص طور تي، نئون نسل هن رجحان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جيڪي شين جي ڀيٽ ۾ تجربن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا.
ٻين انيڪ فائدن سان گڏوگڏ ڪو به تجربو ڪرڻ سان انسان جي ذهني واڌ ويجهه ٿئي ٿي. مادي شيون ڪجهه وقت تائين هونديون آهن، جڏهن ته تجربا انسان سان سڄي عمر ساٿ نڀائيندا آهن. مستنصر حسين تارڙ سندس ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته آء جڏهن بلڪل پوڙهو ٿي هڪ جاء تي کٽ تي پئجي رهندس ته پوء مون کي اهي سفر جيڪي مون ڪيا آهن انهن کي ياد ڪندي ۽ انهن جي سهاري زندگي جا اهي ڏينهن گذاريندس ۽ بلڪل انهن کي ياد ڪري منهنجي منهن تي مشڪ هوندي. مان پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي مختلف ملڪن مان ورتل فرج تي لڳل مئگنيٽس کي ڏسي مشڪندو آهيان ۽ انهن تجربن کي ياد ڪندو آهيان ۽ مالڪ سائين جو شڪر ادا ڪندو آهيان.
انهن تجربن جي فهرست تمام وڏي ٿي سگهي ٿي مثال طور کاڌي جا شوقين ڪو نئون کاڌو پچائن يا ان جا ڪلاس وٺن يا مختلف ملڪن ۾ اتان جي کاڌن جو ٽوئر ڪن جنهن ۾ ماڻهو اهي مقامي کاڌا کائڻ جو تجربو حاصل ڪندا آهن. مڌ پيئڻ جا شوقين وري بيئر يا وائن ٽيسٽنگ جا ٽوئر ڪندا آهن. ان کان سواء بيڪنگ يعني پاڻ ڪيڪ، بسڪيٽ يا ٻيون شيون پاڻ ٺاهي کائڻ جو به وڏو تجربو آهي.

ايڊوينچر جا شوقين وري گرم هوا واري وڏي ڦوڪڻي جي سواري يا زپ لائيننگ جي تجربي مان گذرندا آهن يا وري محفوظ اسڪاء ڊائيونگ يا سي ڊائيونگ ڪندا آهن. ڪي انسان وري سياري جي مند ۾ ڪنهن ڄميل ڍنڍ ۾ ٽٻي هڻي اچي سائونا جي ڪمرن ۾ گرمي وٺڻ جو تجربو ڪندا آهن. اڄڪلهه اسڪيپ روم جو رواج به جام آهي جتي مختلف ادارا پنهنجن ملازمن کي اتي وڃڻ ۽ تجربو ڪرڻ جو خرچ پڻ ڏيندا آهن.
ان کانسواء پنهنجي ئي شهر ۾ ڪنهن هوٽل ۾ وڃي رهڻ ۽ ٻئي ڏينهن اتان جي نيرن مان لطف اندوز ٿيڻ يا وري ڪنهن موسيقيء جي پروگرام ۾ وڃڻ. ٻيو نه ته ڪنهن جاء تي وڃي مٽيء مان شيون ٺاهڻ يا وري مصوري ڪرڻ جا سبق وٺڻ، يا هٿ راڌو شيون ٺاهڻ جي تجربن مان گذرڻ انهن تجربن ۾ شامل آهي.
ڪي وري ڪنهن فارم تي وڃي ڪنهن هاريء سان هڪ ڏينهن گذارڻ ۽ اهو تجربو ڪرڻ ته اها فصلن جي دنيا ڪيئن آهي، سائيڪلون يا ننڍيون ٻيڙيون هلائڻ، جهر جهنگ يا پهاڙن ۽ نيچر ۾ نڪري وڃڻ وغيره تمام بهترين تجربا آهن .
دنيا جا مختلف ملڪ ۽ کنڊ گهمڻ، تمام سرد ۽ تمام گرم جڳهيون گهمڻ، مختلف سمنڊن ۽ درياهن ۽ ڍنڍن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ. اهي جانور جيڪي اسان رڳو چڙيا گهرن ۾ ڏٺا آهن انهن کي سندن قدرتي ماحول ۾ وڃي ڏسڻ وغيره پڻ ماڻهن جي تجربن واري لسٽ ۾ شامل هجن ٿا.

جيئن مون چيو اها لسٽ تمام وڏي ٿي سگهي ٿي ۽ ان ۾ شايد ڪجهه شيون اهڙيون هجن جيڪي رڳو شايد ڪجهه مخصوص شهرن يا ملڪن ۾ ئي هجن، پر جيڪڏهن ماڻهو مختلف تجربا ڪري ته پنهنجي اوسي پاسي ۾ به گهڻا تجربا ڪري سگهي ٿو.
مراڪش جي مدينه بازار ۾ مون جيڪي هٿراڌو شين جا دڪان ڏٺا ۽ اهي ڪاريگر جيڪي اتي سامهون ئي اهي شيون ٺاهي رهيا هئا ته ان سڄي ماحول مون کي صفا موهي وڌو. اتي به گهڻي قدر اهي ساڳيون شيون هيون جيڪي پاڻ وٽ موجود آهن، جيئن ڊکاڻڪو ڪم، لوهارڪو ڪم، سئي ۽ سڳي جو ڪم، ڪپڙا رنگڻ جو ڪم، چمڙي جي شين مان سامان ٺاهڻ.
انهن کان سواء پاڻ وٽ ماڻھو مثال طور مصوري يا اها جاء ڳولي لهڻ جتي ٽرڪن ۽ بسن تي مصوري ڪئي ٿي وڃي، اتي وڃڻ ۽ اهو تجربو ڏسڻ، ڪنهن سوناري جي ڪم کي غور سان ڏسڻ ، گهاڻي ۾ هلندڙ اٺ يا ڍڳي کي ڏسڻ ۽ ٻجن مان تيل جو نڪرڻ، ڪڻڪ جو پيسجڻ، يا کوهن مان جانورن جي ذريعي پاڻي ڪڍڻ جي تجربي مان گذرڻ يا مٽي مان ٿانو ٺاهيندي ڏسڻ يا ٺاهڻ جو تجربو ڪرڻ جا تجربا ڪري سگهجن ٿا. مون موري ۾ ننڍي هوندي سائين غلام محمد سومري وٽ مصوري جا ڪلاس ورتا هئا، اهي تجربا وسرڻ جوڳا ناهن.
گذريل سال مون ٿر ۾ سڪندر بلوچ ۽ سجاد سهاڳ سان گڏجي ٿر ۾ مارئي جي کوهه تان پخال جي ذريعي پاڻي ڪڍيو هو. پخال جو هيٺ وڃڻ، پاڻيء سان ڀرجڻ، واپسيءَ ۾ پخال مان پاڻي ڪرڻ جو آواز مون کي اڄ به ڪنهن بهترين موسيقيء کان گهٽ ناهي لڳندو.
___________
عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو دنيا گھمي چُڪو آھي ۽ سفرناما لڪڻ سان گڏ ڪھاڻيون ۽ آرٽيڪل لکندو رھي ٿو