Editor's pickMain Slideدنياوچ ايشيا

پاڪ- سعودي گڏيل بچاءُ ٺاھ : پُراڻي ڀائيواريءَ جو فطري نتيجو…!  

هيءُ ٺاھ اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن قطر جي گادي دوحا ۾ اسرائيلي حملي کان پوءِ عرب ملڪن ۾ سخت پريشاني پيدا ٿي آھي، پر سعودي اختياريون ان سبب کان انڪاري آھن

ڀارت هن معاهدي تي خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ چيو آهي ته هو ان جا ممڪن اثر ڏسندا رهندا

مُشتاق ٽانوري

پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا سدائين خاص رهيا آهن، جيڪي صرف سفارتي ۽ معاشي سطح تائين محدود نه رهيا آهن، پر انهن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ بچاءُ وارا رشتا به شامل آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب بچاءُ  معاملن ۾ تعاون ۽ سلامتيءَ سان لاڳاپيل هڪ گڏيل  اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي صحيون ڪيون آهن، جنهن تحت جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي ٻاهرين جارحيت ٿيندي ته اها ٻنهي ملڪن تي جارحيت سمجهي ويندي. هاڻي جڏهن ٻنهي ملڪن هڪ گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي صحيون ڪيون آهن، ته اهو نه رڳو هڪ نئون قدم آهي پر هڪ پراڻي ڀائيواري جو فطري نتيجو به آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي اڳواڻن هن معاهدي کي تاريخي قرار ڏنو آهي۔ سعودي ولي عهد شھزادي محمد بن سلمان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف، رياض ۾ 17 سيپٽمبر  جي شام هن معاهدي تي صحيون ڪيون۔ هي اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن اسرائيل پاران قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ ٿيل حملي کان پوءِ عرب ملڪن ۾ سخت پريشاني ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي۔ هي معاهدو خليج جي انهن خدشن کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي آمريڪا جي ڀروسي ۾ گهٽتائي سبب سامهون آيا آهن، خاص ڪري اسرائيل جي دوحا تي حملي کان پوءِ. پر ان جا اثر ڀارت تي به پون ٿا. سعودي اعلي عهديدار واضح ڪيو آهي ته هي معاهدو ڪنهن مخصوص واقعي جو ردعمل ناهي، پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ مدتي سهڪار جو عڪاس آهي. هي هڪ جامع دفاعي معاهدو آهي، جنھن ۾ سڀئي فوجي وسيلا شامل آھن. رياض جي قصر يمامه ۾ ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گذريل اٺ ڏهاڪن تي پکڙيل دفاعي ڀائيواري ۽ اسٽريٽجڪ مفادن جي پسمنظر ۾ ٻنهي ملڪن ”گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي“ تي صحيون ڪيون آهن۔ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بچاءُ سهڪار  کي وڌائڻ ۽ ڪنهن به جارحيت جي خلاف گڏيل تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي۔ هڪ ملڪ تي جارحيت ٻنهي ملڪن تي جارحيت سمجهي ويندي۔ انهيءَ سان گڏ اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي پنهنجي سلامتي ۽ دفاع سان گڏ خطي ۽ سڄي دنيا ۾ امن قائم رکڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو۔ معاهدي کان پوءِ سعودي بچاءُ واري وزير  خالد بن سلمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس  تي لکيو ”سعوديه ۽ پاڪستان… جارح جي خلاف هڪ ئي صف ۾… سدائين ۽ ابد تائين.“

ڀارت هن معاهدي تي خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ چيو آهي ته هو ان جا ممڪن اثر ڏسندا رهندا. ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال چيو آهي ته ”اهي ان اهم عمل کي پنهنجي قومي سلامتي، علائقائي ۽ عالمي استحڪام جي حوالي سان ڏسي رهيا آهن ۽ ان جي ممڪن اثر ن تي سندن اک آهي. ڀارت پنهنجي مفادن ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.“ اسرائيلي قطر تي حملي کان پوءِ عرب ملڪن ۾ پيدا ٿيل بيچيني معاهدي جي فوري پسمنظر طور ڏٺي پئي وڃي. آمريڪي اڳوڻن نمائندن سوال اٿاريا آهن ته ڇا هي معاهدو آمريڪا تي سعودي بي اعتماديءَ جو اظهار آهي. آمريڪا جي اڳوڻي نمائندي زلمي خليل زاد لکيو ته هي معاهدو ڪو مڪمل ٽريٽي ناهي، پر سوال آهي ته ڇا ان ۾ ڪي لڪل شرطون به آهن؟ ڇا هي معاهدو آمريڪي ڊٽرنس تي سعودي بي اعتماديءَ جو اظهار آهي؟

ان معاهدي جا ڪيترائي امڪاني نقصان به سامهون اچي سگهن ٿا، ان سان پاڪستان جي خودمختياري تي اثر پئجي سگھي ٿو، پاڪستان کي پنهنجي پاليسين ۾ سعودي مفادن کي اوليت ڏيڻي پوندي، جنهن سان قومي خودمختياري متاثر ٿي سگهي ٿي. ايران ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا خراب ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو، ڇاڪاڻ تہ سعودي عرب سان ويجهڙائي انهن ملڪن لاءِ منفي اشارو بڻجي سگهي ٿي. سعودي امداد تي دارومدار وڌڻ سان پاڪستان جي معيشت کي پاڻڀرو بڻائڻ بدران وڌيڪ ٻاهرين سهڪار تي ڀاڙيندي. سعودي اثر رسوخ سان پاڪستان ۾ مذهبي پاليسين ۽ داخلي سياست تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. وڏي سيڙپڪاري ۽ دفاعي سهڪار سعودي لاءِ مالي بار ۽ سيڪيورٽي ذميواري بڻجي سگهي ٿو.

پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو هڪ تاريخي قدم آهي، جيڪو دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ڪنهن به جارحيت خلاف گڏيل ردعمل جو واعدو ڪري ٿو. هي قدم وچ اوڀر جي موجوده سياسي صورتحال ۾ اهميت رکي ٿو، جتي غزه، لبنان ۽ ايران سان لاڳاپيل تڪرار وڌي رهيا آهن. هن معاهدي سان هڪ اهڙو فريم ورڪ قائم ٿئي ٿو، جنهن تحت جامع دفاعي تعاون ۽ اهو باھمي عھد شامل آهي ته ڪنهن هڪ ملڪ جي خلاف جارحيت کي ٻنهي تي حملو تصور ڪيو ويندو. ان سان  وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام پڻ ايندو. نئين معاهدي جو مقصد ڪيترن ئي سطحن تي فوجي تعاون کي وسعت ڏيڻ آهي. ان ۾ دفاعي صنعت ۾ تعاون، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، ۽ فوجي سازوسامان جي گڏيل تياريءَ جا موقعا، ۽ گڏوگڏ صلاحيت وڌائڻ ۽ تربيت جا منصوبا به شامل آهن، جيڪي پاڪستاني فوجي اهلڪارن جي سعودي افواج سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پراڻي روايت تي ٻڌل آهن. هي معاهدو پاڪستان لاءِ ڪيترائي بهتر نتيجا آڻيندو. سعودي عرب پاڪستان جو وڏو اقتصادي پارٽنر آهي. سعودي عرب مان پاڪستان کي اربين ڊالرن جي سرمايه ڪاري، قرض ۽ امداد ملي ٿي، جيڪا ملڪ جي معيشت کي سنڀالڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. هي دفاعي معاهدو اهڙي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو، خاص طور تي تيل جي سپلاءِ، روزگار جا موقعا ۽ فوجي سازوسامان جي حوالي سان. پاڪستان، جيڪو ايٽمي طاقت آهي، سعودي عرب کي سيڪيورٽي جو احساس ڏيندو، جڏهن ته پاڪستان کي سعودي عرب جي مالي مدد ملندي، جيڪا ملڪ جي دفاعي بجيٽ کي سپورٽ ڪندي. اهڙي طرح، هي معاهدو پاڪستان جي معيشت کي استحڪام بخشيندو. هي معاهدو يمن، شام ۽ ٻين تڪرارن ۾ نوان موڙ آڻي سگهي ٿو.مجموعي طور تي، هي معاهدو جتي پاڪستان لاءِ موقعو آهي ته اتي چئلينج پڻ آهي. اهو ملڪ جي بين الاقوامي حيثيت کي وڌائي ٿو، پر احتياط سان هلڻ جي ضرورت آهي ته جيئن علائقائي امن متاثر نه ٿئي. پاڪستان کي پنهنجي قومي مفادن کي اوليت ڏيڻي پوندي.

1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ئي سعودي عرب ان کي تسليم ڪندڙ پهريون عرب ملڪ بڻيو. ٻنهي ملڪن جا رشتا اسلامي ٻڌي، حرمين شريفين جي تقدس ۽ گڏيل مذهبي احساسن تي ٻڌل رهيا. پاڪستاني عوام جي دلين ۾ سعودي عرب لاءِ خاص عقيدت ۽ احترام آهي، جڏهن ته سعودي قيادت به پاڪستان کي ”اسلامي دنيا جو اهم قلعو“  تصور ڪندي رهي آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستاني فوجي ماهر سعودي فوج جي تربيت لاءِ رياض موڪليا ويا. 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ ڪيترائي پاڪستاني آفيسر سعودي عرب ۾ ڊفينس ۽ ايئر فورس جا اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.  1991ع جي “خليجي جنگ” دوران به پاڪستان سعودي عرب جي حفاظت لاءِ فوجي دستا روانا ڪيا. سعودي عرب ڪيترن ئي وقتن تي پاڪستان جي دفاعي ۽ معاشي ضرورتن ۾ مالي مدد ڪئي آهي، جنهن ۾ 1998ع جا ايٽمي ڌماڪا به شامل آهن، جتي رياض پاڪستان کي تيل ڏئي ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو. 2015 ع ۾ سعودي قيادت ۾ ٺهيل اسلامي ملڪن جو دهشتگردي مخالف فوجي اتحاد پاڪستان جي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف جي سربراهي ۾ ڪم شروع ڪيو. اهو اتحاد پاڪستان-سعودي فوجي تعاون جي مضبوط مثال بڻيو.

17 سيٽمبر تي جڏهن وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي رياض پهتو ته سعودي ايف 15 جهازن سندس استقبال ڪيو۔ وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته شهباز شريف پنهنجي جهاز مان سعودي جهازن کي سيليوٽ ڪيو۔ رياض ۾ سندس استقبال لاءِ نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان ۽ ٻنهي ملڪن جا سفير موجود هئا۔ وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ شهر کي پاڪستاني جهنڊن سان سينگاريو ويو۔ ٻنهي ملڪن ۾ سرڪاري عمارتن ۽ اهم جڳهن کي پاڪستاني ۽ سعودي جهنڊن سان سينگاريو ڪيو ويو۔ اسلام آباد ۾ به قومي جھنڊو ڦڙڪائي ۽ روشنيون ڪري خوشيون ملهايون ويون۔

پاڪستان ۽ سعودي عرب جو اسٽريٽجڪ معاهدو ٻنهي ملڪن لاءِ موقعا کڻي اچي سگهي ٿو، پر ان سان گڏ خطرا ۽ نقصان به موجود آهن. پاڪستان کي گهرجي ته هو اهڙي معاهدي ۾ پنهنجن قومي مفادن، خطي ۾ غير جانبداري ۽ معيشت جي اندروني مضبوطي کي پهرين ترجيح ڏئي.

_____________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button