Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا
سنڌي ادب: وحدت وطن سنڌ جي، سدا رھندي قائم (شاعري)
شاعر: اظھر “آزاد” مغل
اظھر آزاد مغل فري لانس ليکڪ آھي ۽ شڪارپور ۾ رھي ٿو. سندس ارٽيڪل مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيندا رھندا آھن.

وحدت وطن سنڌ جي، سدا رھندي قائم
وحدت وطن سنڌ جي، سدا رھندي قائم،
ديس پنهنجو دائم، آهي ٺار اکين جو۔
دائم رھندي دنيا ۾، وطن جي وحدت،
رھڻ نه ڏبي راھن ۾، بدمعاشن بدعت،
شودن جي شدت، مزاحمت سان مٽائبي۔
وطن جي وحدت خاطر، مِرُنِ ڪبي مزاحمت،
سنڌ عشق علامت، آهي اسان لاءِ جڳ ۾۔
ڪنڌ ڪبو قربان، وطن توسان آ وچن،
غيرت ڪري گلشن ۾، دفن ڪبو ديس دشمن،
ملھائبو جشن، ويري واڙي وقت تي۔
وطن جي وجود لئه، ويڇا سڀ وساريون،
ڏاڍن کي ڏاريون، جوڌا بڻجي جوءِ ۾۔
وطن جي وجود لئه، ويڇا سڀ وساريون،
جُوءِ کي جياريون، مڙسيءَ سان مغل چئي۔
___________

اظھر “آزاد” مغل



