Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

آئين ۾ 27ھين ترميم وارو بل ۽ آزمائش جي ٻہ_ واٽي تي بيٺل سنڌ

سنڌ هڪ اهڙي آزمائش جي ٻہ_ واٽي تي بيٺي آهي جتي مستقبل جي سڃاڻپ، حق ۽ اختيارن جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي.

جيڪڏهن 27هين ترميم سنڌ جي وحدت لاءِ خطرو آهي، ته پوءِ سنڌين کي پاڻ ئي پنھنجي وحدت جو قلعو بڻجڻو پوندو۔

عرفان سنڌي

سنڌ! اها ڌرتي جنهن انسانيت، محبت ۽ فڪر جي پھرين ڀڻڪ ڏني، اڄ وري هڪ اهڙي آزمائش جي ٻہ_ واٽي تي بيٺي آهي جتي مستقبل جي سڃاڻپ، حق ۽ اختيارن جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي.

27هين آئيني ترميمي بل ڪيترن ماڻھن کي صرف آئين ۾ ڪجھ تبديلين جو ڪو معمولي عمل لڳندو ھجي، جيئن موجودہ حڪمران، خاص طور سنڌ جا حڪمران تاثر ڏئي رھيا آھن، پر حقيقت ۾ اهو بل سنڌ جي سياسي، آئيني ۽ قومي وحدت لاءِ هڪ نئون خطرو آهي. هيءُ بل اهو دروازو کولڻ ٿو چاهي، جنھن مان مرڪز جي طاقت ٻيھر صوبن تي حاوي ٿي سگھي، ۽ جيڪي حق 18هين ترميم ذريعي صوبن کي نالي ماتر مليا هئا، سي بہ آهستي آهستي واپس ورتا وڃن۔ اها صرف ڪاغذن تي لکيل ترميم نه آهي، پر هڪ اهڙي سوچ جي عڪاسي آهي جيڪا وفاقيت جي روح کي دٻائي، مرڪزيت کي وڌائڻ چاهي ٿي.  

سنڌ لاءِ هيءَ ڳالھ نئين ناهي۔ جڏهن به هن ڌرتيءَ جي ماڻھن پنھنجو حق گھريو آهي، مٿن الزام مڙھيو ويو آهي، کين ڌمڪايو ويو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن گم ڪيو ويو آهي۔ پر سنڌ جا ماڻھو اڄ به اتي ئي بيٺا آهن، جتي حيدر، سچل، سامي ۽ جي ايم سيد بيٺا هئا — يعني حق ۽ آزاديءَ جي رستي تي۔

27هين ترميمي بل کي جيڪڏهن غور سان ڏسون ته ان جو مقصد صرف “اصلاح” نه آهي، پر صوبائي وسيلن، تعليم، صحت، ۽ عدالتي اختيارن کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ آڻڻ آهي۔ اهو بل وفاقي حڪومت کي اهو اختيار ڏئي سگھي ٿو ته هو صوبن جي معاملن ۾ مداخلت ڪري، ۽ اهو ئي سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي ڇو ته جيڪو صوبو پنهنجو فيصلو پاڻ نه ٿو ڪري سگھي، جيڪو پنهنجن وسيلن جو مالڪ نه آهي، اهو عملي طور آزاد نه ٿو رهي.

سنڌ جي نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته هو سمجھن ته هي بل ڪنھن سياسي پارٽي جو مسئلو نه آهي، پر سڄي سنڌ جي بقاءَ جو سوال آهي۔

جيڪڏهن هي ترميمي بل منظور ٿي ويو، ته سنڌ جي تعليم، سنڌ جي وسيلن، ۽ سنڌ جي نمائندگيءَ جو حق گھٽجي ويندو ۽ جڏهن قومن جا حق گھٽجن ٿا، تڏهن سندن آواز به دٻجي ويندو۔

سوال اهو آهي ته آخر حڪومتون ڇو اهڙيون ترميمون آڻڻ چاهن ٿيون؟ ڇو ته اهي ڄاڻن ٿيون ته جتي شعور وڌندو، اتي حڪمراني مشڪل ٿيندي۔ کين اهو خطرو آهي ته سنڌ جي جاڳرتا ۽ اتحاد سندن طاقت کي چئلينج ڪري سگھي ٿو۔ اهو ئي سبب آهي جو اهڙيون قانوني ترميمون آنديون وڃن ٿيون جن سان قومن کي ٻيھر “تابع” بڻايو وڃي۔ پر سنڌين کي ثابت ڪرڻو پوندو ته سنڌ ڪنھن جي تابع نه پر پنهنجي تقدير جي مالڪ آهي۔سنڌين کي پنھنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ علمي، سياسي ۽ سماجي سطح تي متحد ٿيڻ ضرورت آهي۔

سنڌين کي هاڻي اهو سمجھڻو پوندو ته جيڪڏهن 27هون ترميمي بل واقعي سندن خلاف آهي، ته پوءِ رڳو شڪايت نه پر مزاحمت به ڪرڻي پوندي. اهڙي مزاحمت جيڪا قانوني، فڪري ۽ پرامن هجي۔ هر ليکڪ، هر استاد، هر شاگرد، ۽ هر شعور رکندڙ ماڻھوءَ کي پنھنجي حصي جو آواز اٿارڻو پوندو۔

هيءٌ وقت خاموشيءَ جو نه پر بيداريءَ جو آهي۔

اسان کي اهو سمجھڻو پوندو ته جيڪڏهن اڄ سنڌ جي حقن تي ڌڪ لڳو ته سڀاڻي اهو ڌڪ اسان جي اولاد تي لڳندو۔ جيڪڏهن اڄ وسيلن تي قبضو ٿيو ته سڀاڻي اسان جي ٻارن جا خواب وڪامجي ويندا۔

سنڌ جي ماڻھن کي ياد رکڻو آهي: قومون تڏهن مرنديون آهن جڏهن سندن اندر سوال ڪرڻ جو حوصلو مري وڃي۔ اسان کي سوال ڪرڻو آهي، اسان کي سمجھڻو آهي، ۽ اسان کي پاڻ کي هڪ آواز بڻائڻو آهي۔

جيڪڏهن 27هين ترميم سنڌ جي وحدت لاءِ خطرو آهي، ته پوءِ سنڌين کي پاڻ ئي پنھنجي وحدت جو قلعو بڻجڻو پوندو۔

اهو قلعو علم، اتحاد، ۽ جرئت سان ٺهندو۔

جي ايم سيد چيو هو: “سنڌ پنهنجي حقن لاءِ اٿندي، پر اهو اُٿڻ شعور جي ذريعي ٿيندو، بندوق جي ذريعي نه.

سو، باشعور سنڌيو هيءُ وقت آهي ته توھان پنھنجو آواز بلند ڪريو… پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ، پنھنجي زبان، پنھنجي وسيلن ۽ پنھنجي حقن لاءِ اٿي پئو۔

جيڪڏهن توھان اڄ نه اُٿيو، ته سڀاڻي ترميمون نه، پر تقديرون لکيون وينديون۔

سنڌ کي بچائڻ لاءِ، سنڌ بڻجڻو پوندو۔ ۽ سنڌ تڏهن بڻبي، جڏهن هر سنڌي پاڻ کي ذميوار سمجهندو.

______________

Irfan Sindhi-TheAsiaN

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button