Editor's pickMain Slideڪالم

پئسي جي هَوس ۽ پامال ٿيندڙ انسانيت: طبي شعبي جو اونداهو پاسو

هڪ دور هو جڏهن ڊاڪٽر کي ‘مسيحا’ سمجهيو ويندو هو، پر اڄ اها مسيحائي خانگي اسپتالن جي سجايل ڪمرن ۽ ڊاڪٽرن جي ڳرين فيسن ۾ دفن ٿي چڪي آهي. حيدرآباد جي ناليواري ڊاڪٽر ۽ اسپتال جو قصو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل ڪارٽون

تحرير پروفيسر مدد علي جهتيال

اڄ جو موضوع انساني جانين سان کيڏندڙ ڊاڪٽرن ۽ انهن جي ادارن جي حوالي سان آهي. پنج اڱريون برابر نه آهن، انهن ۾ ڪي الله جو خوف رکندڙ به ضرور هوندا، ليڪن مان انهن کي وائکو ڪندس جيڪي الله جو خوف وساري پيٽ پويان ڊوڙي رهيا آهن.

اهو به دور هو جو ماڻهو ڊاڪٽرن کي مسيحا جو درجو ڏئي ايتري ته عزت ۽ احترام ڪندا هئا جنهن جو ڪو مثال ئي نه ملندو هو. ماڻهو پري پري کان انهن کي ايلاز منٿون ڪري علاج خاطر وٺي ايندا هئا. اڄ واري دور کي ٿو ڏسجي ته لڳي ٿو ان کان ته ماضي بهتر هو. اهڙي جديديت جو ڪهڙو فائدو جنهن ۾ انسانيت نالي شئي نه هجي! مريض آيو ناهي ڪٺو ناهي، ڀلي امير هجي يا غريب، کين فرق نه ٿو پئي.

منهنجي هڪ مائٽ جي گھر واري ٺيڪ نه هئي. سندس ٻئي بُڪيون ڪمزور ٿي ويون هيون، بُڪين ۾ اڍائي، اڍائي سينٽي ميٽر جون پٿريون هيون، اسان حيدرآباد جي نالي واري ڊاڪٽر وٽ آياسين ته ان کان چيڪ اپ ڪرائي آپريشن ڪرايون، ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪري ايڪسري کان ويندي دل واري ڊاڪٽر جي اوپينين ۽ الائي ڪيترين ٽيسٽن کان پوءِ اسان کي چيو تہ مان حيدرآباد جي هڪ نالي واري پرائيوٽ اسپتال ۾ آپريشن ڪندو آهيان، اوهان سڀاڻي اتي داخلا وٺو ته ٻئي ڏينهن اٺين وڳي رات جو هڪ آپريشن ڪندس، ٻي وري مهيني کان پوءِ. اوهان جو هڪ آپريشن جو خرچ گهٽ ۾ گهٽ سَٺ هزار ايندو. اسان ان کي مسيحا سمجهي جيئن ھن چيو اسان ڪيو، ٻيو ڏينهن ٿيو مريض کي وٺي جڏهن ان اسپتال پهتاسين ڇا ٿا ڏسون اسپتال گھٽ ڪوس گھر وڌيڪ هجي. هڪ انتهائي خراب ڪمري جي هڪ ڏينهن جون چارجز 2200 روپيه، ڪمري ۾ ايتري ته بدبؤ هجي جو ڀنگيءَ کي 100 روپيه ڏئي اسان ڪمرو ڌوئرايو جنھن کان پوءِ وڃي ويهڻ جھڙو ٿيو. اتي موجود ميڊيڪل اسٽاف جي معلومات ورتي سين. ڊيوٽي ڊاڪٽر وارڊ ۾ اچي سلام ڪري غائب ٿي ويو، اتي موجود نرسون اهڙيون هيون جيڪي اڃان سيکڙاٽ هيون جن کي ڪينولا ته پري جي ڳالهه، بلڊپريشر چيڪ ڪرڻ ۽ انجيڪشن ھڻڻ به نه پيو اچي.

اهو سڀ ڪجھه ڏسي به اسان درگزر ڪيو. آپريشن لاءِ تيار ويٺا هئاسين، ٻيو ڏينهن ٿيو آپريشن ڪرڻ وارو ڊاڪٽر روم ۾ آيو. مريض کان معلوم ڪيائين ڪجھه کاڌو پيتو ته نه اٿئو، مريض کيس ٻڌايو تہ هينئر تائين پاڻي جو ڍڪ به نه پيتو آهي، ڊاڪٽر شاباس ڏيندو آپريشن ٿيٽر پهتو. پوءِ اتان جو وارڊ بواءِ ٽرالي ڪاهي اچي پهتو. مريض سان گڏ مان ۽ منهنجو عزيز به گڏ هجون، مريض ۽ اسان کي آپريشن ٿيٽر ڀرسان هڪ ڪمري ۾ ويهاريو ويو جتي ٽي ٻيا مريض اسان کان پهريان ويٺا هجن. اسان جي پڇڻ تي ٻڌاين تہ ساڳيو ئي ڊاڪٽر سندن آپريشن ڪندو. اسان پريشان ٿي وياسين ڊاڪٽر صاحب ته اٺين وڳي جو اسان کي ٽائيم ڏنو آهي. ڏسون اسان کي ٿو گهرائي يا هنن مان ڪنهن کي، ڪمري ٻاهران نظر ڦيرائي ورانڊي ۾ ڇا ٿو ڏسان اتي به پندرهن کان ويهه مريض ويٺا هجن، مون آپريشن ٿيٽر جي گيٽ تي بيهندڙ پٽيوالي کان پڇيو ته هي ڇو ويٺا آهن هنن جو آپريشن ٿيٽر اندر مريض آهي ڇا؟ چيائين نه ادا ڊاڪٽر صاحب جو آپريشن ٿيٽر ڀرسان هڪ ڪمرو آهي اتي مريض ڏسندو آهي، مون ان کي چيو ڊاڪٽر صاحب جي ته OPD هيٺ به ته آهي اتي مريض ڏسندو آهي، هي مٿي وري ڇو پيو ڏسي؟ هتي ته ڊاڪٽر کي آپريشن ڪرڻا آهن، مونکي چوڻ لڳو ادا هتي به مريض ڏسندو آهي. ويچارا پري پري کان ٿا اچن، انھن کي ڪهڙو جواب ڏئي، هي مريض ڏسي آخر ۾ آپريشن ڪندو آهي. مون وري پٽيوالي کي چيو اگر هي مريض ڏسندو ته آپريشن رات جو ٻارهين کان پوءِ ڪندو ڇا؟ مونکي چيائين، ادا اها ڊاڪٽر جي مرضي آهي. اوهان منهنجو مٿو نه کائو وڃي ڪمري ۾ ويهو. پٽيوالي جون ڳالهيون ٻڌي منهنجا ته نٽ بولٽ ڍرا ٿي ويا. ڊاڪٽر واقعي مريض ڏسندو رهيو. رات جا ٻارهن ٿي ويا، اسان جي مريض جو کاڌو پيتو هڪ بجي منجهند کان بند هجي. اچي جو ان کي پٿرين جو سور پيو، دانهون ڪرڻ لڳو، اسان ڀڄندا وڃي ڊاڪٽر سان ملياسين، ان ڪمپونڊر کي چيو سور جي انجيڪشن وڃي هڻوس، ڪمپونڊر ڀڄندو آيو انجيڪشن مريض کي انجيڪشن هنيائين پوءِ وڃي مريض جي دانهن گھٽ ٿي.

اسان سوچي رهيا هئاسين ايئن ته سرڪاري اسپتال ۾ به نه ٿيندو آهي هي ايترا پيسا به وٺن پيا ۽ پريشان به ڪن پيا، خير مريض ڏسي ڊاڪٽر هڪ آپريشن واري مريض کي آپريشن ٿيٽر گهرايو. اهو اسان کان پهريان جو آيل هجي، ان جي آپريشن تي ڊاڪٽر صاحب ڏيڍ ڪلاڪ لڳايو، ٽائيم ڏٺوسين رات جا ٻه پيا ٿين، اسان جا ترا نڪري ويا. شپريشن ٿيٽر ٻاهران ائين بيٺا هئاسين جيئن ڪو ملزم عدالت ٻاهران سڏ جي انتظار ۾ هوندو آهي. خبر تڏهن پئي ته ڊاڪٽر هٿ منهن ڌوئي ٻاهر اچي اسان کي چوڻ لڳو اوهان مريض کي O.T موڪليو آءٌ هيٺان مريض ڏسي اچان ٿو. اسان مريض کي اندر موڪليو ۽ ٻاهر ڊاڪٽر صاحب جو انتظار ڪندا رهياسين. ڪلاڪ گذري ويو، ڊاڪٽر ڪون آيو. رات جا ٽي ٿي ويا، اسان گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، ان گوڙ تي اوٽي اندران ننڍا ڊاڪٽر ۽ نشي وارو ڊاڪٽر اچي ٻاهر نڪتا ۽ اسان کي چوڻ لڳا ڊاڪٽر صاحب کي ڪو ڪم ٿي ويو، آهي اوڏانهن ويو آهي، اسان به آپريشن ڪندا آهيون. هي ته پٿري جو آپريشن آهي اسان ته دل جا به آپريشن ڪيا آهن، اوهان ڇو ٿا گھٻرايو. مون انهن کي ايئن سمجهو ته هو چوڻ پيا چاهين ته ڊاڪٽر جو رڳو نالو هلندو آهي، آپريشن ته اسان ڪندا آهيون. ان تي مون سخت احتجاج ڪيو ته اسان ڊاڪٽر صاحب جو نالو ٻڌي آپريشن ڪرائڻ آيا آهيون، اسان ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان آپريشن نه ڪرائينداسين.

انهن اسان جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي اسان جي مريض کي ٻاهر ڪڍيو جيڪو نشي واري حالت ۾ هو، اسان وڏا شڪرانا ادا ڪيا. اگر گوڙ نه ڪريون ها ته هي ته آپريشن ڪري ڇڏين ها. اسان مريض کي واپس روم ۾ وٺي آياسين سڄي رات مريض تڙپندو رهيو. ٻئي ڏينهن اسان ساڳئيءَ ڊاڪٽر سان ملياسين ته رات اسان سان اوهان ڪهڙي جٺ ڪئي آهي. ڇا پراڻو حساب ڪتاب رهيل هيو ڇا؟ اسان کي چوڻ لڳو ادا اسان خدمت خلق ۾ لڳا پيا آهيون، ٿوريون گھڻيون ڪوتاهيون ٿي ٿيون وڃن، اوهان گھٻرايو نه اڄ اٺين وڳي اوهان جي مريض جي آپريشن ڪندس. اسان کي ڪوڙيون تسليون ڏئي اهڙو ته مطمئن ڪيائين جو اسان وري خوشفهمي ۾ ٿي مريض جي ڪمري ۾ آياسين، اتي اچي سوچڻ ويٺاسين ته هي رڳو مريض ڏسي پيو آپريشن سان هن جي دلچسپي نه آهي، آپريشن وري به جونيئر ۽ سيکڙاٽ ڪندا ڇو نه هن ڊاڪٽر کي ڇڏيون، ڪٿي ائين نه ٿئي مريض سڄي عمر پيو لوڙي، گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ اسان فيصلو ڪيو ته اسان کي مريض مارائڻو ناهي، بس هلون ٿا هتان اسپتال مان ڊسچارج ٿي. جڏهن ڏنل ايڊوانس واپس وٺڻ آياسين ته اڌ پيسا ڪٽي اسان کي ڏنائون.

مقصد چوڻ جو اهو آهي ته اگر ڪنهن کان ڪو ڪم نه ٿو ٿئي پوءِ به ان ڪم ۾ لالچ جي بنياد تي چمبڙيو پيو آهي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي، مسيحا جھڙي شعبي جا ماڻهو به ماڻهن سان ايئن ڪن ته ٻين جو ڪهڙو ڏوهه آهي. ھي تہ اسپتال ۽ ڊاڪٽرن جي مريضن سان ڪيل جُٺ جي ڳالھ ڪئي آھي، وري جڏھن ميڊيسن ڪمپني وارا اچن ٿا، انھن جي الڳ کل کاھين ٿا، خدارا ڪجھه خيال ڪريو، ڪجھ رحم ڪريو، پيسو سڀ ڪجھ نه آھي، سڀ ڪجھ ھتي رھڻو آھي، ڪٿي ايئن نه ٿئي مظلومن جون دانهون ۽ آهون اوهان کي سخت عذاب ۾ مبتلا ڪن.

______________

Madad Ali Jhatial-TheAsiaN

پروفيسر مدد علي جهتيال حيدرآباد ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button