Editor's pickMain Slideڪالم

بيٺل پاڻيءَ جيان بيھجي ويل شعور جا نقصان

جڏھن شعور ھڪ خاص ھنڌ تي بيھي رھندو آھي ۽ وقت سان گڏ واڌ کائڻ کان نابري واري ويھندو آھي ته ڪجھ عرصي کانپوءِ اھو شعور حالتن سان مطابقت نه رکڻ ڪري آھستي آھستي بي شعوريءَ جي شڪل اختيار ڪندو، نقصانن جو سبب بڻجي پوندو آهي. شعور کي ھڪ ھنڌ تي بيهارڻ بجاءِ وقت سان گڏ ان کي اڳتي وڌائڻ ايئن ضروري آھي جيئن درياھه وھي سمنڊ سان ملندا آھن. اتفاق سان جتي پاڻي بيھجي ويندو آهي، اتي ھو سينوارجي ڌپ پيدا ڪندو آهي. ايئن ئي بيٺل شعور به تيسيتائين انسانن ۽ سماجن جا نقصان ڪندو آهي جيسيتائين مڪمل طور تي رد ناھي ٿيندو.

حميد منگي

ھيءَ دنيا، ڪيترن ئي قسمن جي ماڻهن سان ڀري پئي آهي، ھڪڙا ماڻھو جھان کان بيخبر ۽ بي پرواهه، جن کي نه پنھنجن گھرن، گھرڀاتين، پاڙيوارن، مائٽن، سماج، سياست، علم، عقل ۽ ادب جي ڄاڻ ھوندي آھي، نه ئي اوچتا حادثا ۽ واقعا مٿن اثر ڪندا آهن. کين نه ماضيءَ سان غرض ھوندو آھي ته اھو ڪيئن گذريو، نه حال کان واقف ھوندا آھن ته ڪيئن گذرڻ گھرجي، ۽ نه ئي ايندڙ وقت بابت رٿابندي ڪندا آھن. مطلب اھڙا ماڻھو مڙئي زندگي گذاري، پنھنجي ازلي سفر ڏانھن روانا ٿي ويندا آهن. اھڙن ماڻھن لاءِ ئي شايد ھيءَ سنڌي چوڻي ٺھي آهي ته، “نه دشمن کي ڀئو، نه سڄڻ کي آسرو”. جيڪي وري اھڙن ماڻھن کي بيشعور سمجھي انھن جي مسئلن کان لاتعلق ٿي اڳتي وڌي ويندا آھن، اھي به لڳ ڀڳ بي شعور ئي ھوندا آھن. ھونئن به جيڪي ماڻھو ٻين جي مسئلن سان غرض يا دلچسپي ناهن رکندا ته، ڪير جيئي ٿو، ڪير مري ٿو، اھي به اڳتي ھلي ڪنھن نه ڪنھن حادثي، واقعي، بيماريءَ جو شڪار ٿي، بيوسيءَ جي موت مري ويندا آھن. اھڙن ماڻھن لاءِ به سنڌيءَ ۾ ھڪ چوڻي مشھور آھي “جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي” ڇو ته، گھڻو ڪري انھن جي به ڪو واھر ان لاءِ ناهي ڪندو جو، ھو به ٻين لاءِ ڪو سٺو رويو رکندڙ ناھن ھوندا. نتيجي طور تي اھڙن ماڻھن جو انجام به ساڳيو ئي ٿيندو آھي.

پر اٽي ۾ لوڻ برابر، انھن تمام ٿورڙن ماڻھن جو ھتي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھجي، جيڪي ٻين تي رحم کائي کين سمجهائيندا، سندن وس آهر مدد ڪندا يا ڪنھن چڱي دڳ لائڻ جون ڪوششون ڪندا آھن. اھڙن ڀلوڙ ماڻھن جي مثبت انساني سوچن ۽ عملن کي انساني شعور چيو ويندو آهي. شعور ڇاهي يا انسان شعور مان ڪھڙا ۽ ڪيترا فائدا حاصل ڪري سگھي ٿو؟ انھن ۽ اھڙن ٻين سوالن جي جوابن جي ڳولھا لاءِ ھيٺ بحث ڪجي ٿو.

ڪنھن به ماڻھوءَ کي سمجهڻ کان اڳ ان جي شعور کي سمجهڻ ضروري ھوندو آهي. انسان جيڪو ڪجهه سوچي، محسوس ڪري ٿو، ڪا ضروري ڳالهه ياد رکي ٿو، وسارڻ جوڳين ڳالهين کي وساري صبر ڪري ٿو، فيصلائتن موقعن تي ڪجهه عمل ڪري ٿو، ڪن مامرن تي ردعمل ڏيکاري ٿو، انھن سڀني جو تعلق رڳو سندس ظاهري سوچن يا ڏيکائن سان ناهي هوندو، انھن پويان کوڙ سارا احساس، يادگيريون، عادتون، اندروني لاڙا ھوندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ٻاھران يعني خارجي اثر به پون ٿا. ڄاڻ جو ھجڻ، نه ھجڻ، گھٽ يا حد کان وڌ جي ھجڻ بابت ڪي ڄاڻو، انھيءَ انساني عمل کي نفسيات سان به ڳنڍيندا آھن. علم نفسيات جي تاريخ ۾ اهڙن تصورن بابت دنيا جا مختلف مفڪر پنهنجا پنھنجا نظريا پيش ڪندا رھيا آهن. جن کي پڙھڻ انسان لاءِ ان ڪري به ضروري آھي جو ان سان ماڻھن جي ذهني سطح ۽ پختگيءَ کي به سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.

شعور، بابت جديد نفسياتي علم ۾ ڪيتريون ئي سائنسي وضاحتون اچي چڪيون آهن، جن کي وقت ڪڍي پڙھڻ، موجوده دور جي ھڪ ضرورت پڻ بڻجي چڪي آهي. ھونئن به پاڻ کي وقت به وقت شعور جا رھجي ويل رخ جاچڻ گھرجن، جيئن انھن جي مدد سان انسان اڳتي وڌي سگھي. منھنجي اڻپوري راءِ مطابق، شعور انسان جي اھا ذهني ڪيفيت آهي، جنهن ۾ ماڻھو پنهنجي سوچ، احساس، ماحول، تجربي جي ڄاڻ رکي ٿو. مثال طور، جڏھن اوهان هيءُ مضمون پڙهي رهيا آهيو ته ان ۾ ڪتب آيل لفظن، جملن جي معنيٰ به سمجهي رهيا آهيو يا نه، ٻيو اوھان کي اھو به معلوم ھئڻ گهرجي، موجوده حالتن ۾ ماڻھن جي ڪھڙن روين مان خوش آهيو، ڪن مان پريشاني پلئه پوي ٿي. اھو به سوچيو ٿا ته، ڪنهن مسئلي جو ڪهڙو حل نڪرندو، ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي، ان جو جواب ڏئي سگھو ٿا يا نه. اهي ۽ ان جھڙا ٻيا سڀئي عمل شعور جو حصو آهن، ڇاڪاڻ ته انھن مان ظاھر ٿئي ٿو، اوھان کي پنهنجي ھر جسماني حرڪت، مشقت ۽ ذهني سرگرميءَ جي ڄاڻ آهي.

شعور کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ، ھتي ان جون ڪجھه خاصيتون بيان ڪيون ٿا، منھنجي سمجھ موجب، شعور جي پھرين خاصيت آگاهي (ڄاڻ ۽ خبر ھجڻ) ضروري آھي. ڇو ته انسان جنھن ماحول ۾ رھي ٿو، کيس ان جي مختلف پهلوئن جي خبر هجڻ گهرجي. شعور جي ٻي خاصيت سوچ ۽ سمجهه آھي، يعني انسان کي ڪنهن به مسئلي توڙي وڻندڙ يا اڻوڻندڙ واقعي تي غور ڪرڻ جي سگھه ھجڻ گھرجي، جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ته، کيس ڪھڙين ڪھڙين حالتن، حقيقتن، خيالن سان مقابلي جي طاقت آھي يا ڪٿي ڪٿي سندس وس ھلي ٿو. شعور جي ٽئين خاصيت ۾، انسان جو ڪنھن به مامري تي پنھنجو ارادو ۽ فيصلو ڪھڙو ھئڻ گھرجي، ھو پنهنجن خاص مقصدن کي ذهن ۾ رکي به ٿو يا مورڳو ڪجھه عرصي کانپوءِ، پاڻ کي حالتن حوالي ٿو ڪري ڇڏي. شعوري ماڻھن لاءِ اھي ۽ اھڙيون ٻيون ھڙئي ڳالھيون سمجھڻ ضروري ھونديون آھن.

شعور جي چوٿين خاصيت ۾ انساني احساسن جي سڃاڻپ ھوندي آهي. مثال ڪا به ڳالهه ٻڌي، ماڻھو ڇا ٿو محسوس ڪري؟ کيس ان ڳالهه سان ڏک ٿيو، خوشي ٿي، ڪاوڙ آئي، ذھن ۾ همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿيو يا مورڳو ساڳي موڊ ۾ رھيو. شعور جي پنجين خاصيت ۾ ان جي خود آگاهي اچي ٿي، يعني ھو پنھنجي باري ۾ ڪيتري ڄاڻ رکي ٿو، يعني ان جي پنھنجي طبعيت ڪيئن ٿي رھي، ان ۾ ڪھڙن ڪھڙن ڪمن ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي طاقت آهي، ھو پنهنجن خيالن، صلاحيتن ۽ غلطين تي به غور ڪري ٿو يا نه. جيڪڏھن ھا ته، پنھنجين صلاحيتن مان ڪيترا ۽ ڪھڙا فائدا حاصل ڪيا، جيڪي کائنس غلطيون ٿيون يا تجربا ڪيا، انھن مان ڪيترو ڪجھ سکيو آھي.

خاصيتن سان گڏ، شعور جا ڪجھه قسم به ٿين ٿا. جن تي نظر ڦيرائڻ به ضروري آھي. شعور جو پھريون قسم “حسي شعور” ھجي ٿو، جنھن ۾ انسان کي ڏسڻ، سنگهڻ، ٻڌڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ سان ڄاڻ ملي ٿي ته شيون، ماڻھو يا حالتون فائديمند آھن يا نقصانڪار. ان سان گڏ ڪجھه ماڻھن ۾ “ڇھين حس” به ھوندي آھي، جيڪا ڪنھن اوچتي حادثي يا واقعي کان اڳ ذھن ۾ گھنٽي وڄائيندي آھي ته ڪا اڻ ٿيڻي، ٿيڻ واري آھي. شعور واري بحث کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ به ضروري آھي ته، ڪنھن به شعور واري ماڻھوءَ منجھ ٻيون به ڪيئي “حسون” ھجن ٿيون، جن جو عام طور ذڪر تمام گھٽ ٿيندو آھي، مثال طور تي انساني جسم جي ٿڪجن کان پوءِ آرام يا ننڊ ڪرڻ واري حس، کائڻ ۽ پيئڻ باوجود ڪجھه دير کانپوءِ کيس بک ۽ اڃ جو ٻيھر احساس ٿيڻ، حاجت کان اڳ محسوس ٿيڻ، کيس وڏي يا ننڍي پيشاب جي ضرورت پئي آھي يا خاص حالتن تي سيڪس ايپليڪيشن موصول ٿيڻ به شامل آھن. ڪجھه ماڻھو آرام، بک، حاجت يا سيڪس کي “حس” نه پر انساني ضرورت سمجھندا آھن پر، جيڪڏھن اھي ضرورتون آھن ته، منھنجي نظر ۾ انسان جو ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگھڻ ۽ ڇھڻ به ته ضرورتون ئي آھن. بھرحال انھيءَ حوالي سان وڌيڪ بحث جي گنجائش کي رد نه ٿو ڪري سگھجي.

شعور جو ٻيو قسم “خودي يا حواسن جو شعور” چيو ويندو آھي يعني، ڪنھن به ماڻھوءَ کي پنهنجي وجود، سڃاڻپ، خيالن ۽ احساسن کان واقف هجڻ ضروري آهي. مثال مان ڪير آهيان؟ منهنجون خوبيون ۽ خاميون ڪهڙيون آهن؟ مان ڇا ٿو چاهيان؟ منهنجي عملن ۽ رد عملن جا ٻين تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟ جڏھن ته خودي يا حواسن وارو شعور انسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻ ۽ پاڻ کي سڌارڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو. شعور جي ٽيون قسم “سماجي شعور” آھي. انسان پنهنجي سماج يا سماج ۾ رھندڙ ٻين انسانن جي حالتن، حقن، ذميوارين ۽ مسئلن بابت آگاهيءَ کي سماجي شعور چئبو آهي. مثال طور غربت، انصاف، تعليم، صحت، مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ کي سماجي مسئلو سمجهڻ، عورتن ۽ مردن جي برابريءَ کي اهميت ڏيڻ. ٻين جي حقن جو احترام ڪرڻ، ٻارن، پوڙھن ۽ اقليتن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ کي سماجي شعور چئي سگهجي ٿو. هيءُ شعور هڪ بهتر ۽ انصاف پسند سماج جي اڏاوت ۾ مددگار ٿيندو آهي.

چوٿين نمبر تي “اخلاقي شعور” اچي ٿو، جنھن ۾ سٺي ۽ خراب، صحيح ۽ غلط، انصاف ۽ ناانصافيءَ ۾ فرق ڪرڻ جي آگاهي ملي ٿي. جيئن رشوت وٺڻ غلط آهي، ڪنهن سان ظلم ڪرڻ ناانصافي آهي، سچ ڳالهائڻ ۽ وعدو پورو ڪرڻ انسان جي اخلاقي ذميواري آهي. اخلاقي شعور انسان جي ڪردار توڙي عملن کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پنجين نمبر تي “فڪري شعور” به وڏيءَ اھميت وارو آھي، جنھن تحت انسان کي ڪنهن به مامري تي خيال پچائڻ، سوچڻ، سوال ڪرڻ، دليل ڳولھڻ، منطق بيان ڪرڻ ۽ حقيقتون سمجهڻ جي صلاحيت ھوندي آهي. مثال ڪنهن ڳالهه کي بنا تحقيق قبول نه ڪرڻ، تاريخي واقعن جو غير جانبداراڻو جائزو وٺڻ، انسان مخالف نظرين جو مقابلو ڪرڻ، سائنس ۽ فلسفي جي مدد سان نظرين کي سمجهڻ، اصل ۾ هيءُ شعور انسان کي انڌي تقليد کان بچائي ٿو.

ڇھين شعور طور “جذباتي شعور” به پنھنجي جاءِ تي وڏي اھميت رکي ٿو، جنھن ۾ پنهنجن جذبن جي اظھار توڙي ٻين جي احساسن کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾ وڏو ڪردار ھوندو آھي. مثال، پنهنجي ڪاوڙ کي سڃاڻڻ، خوشيءَ ۽ ڏک جا سبب سمجهڻ، ٻين جي تڪليفن جو احساس ڪرڻ ۽ پنهنجن جذباتن کي مناسب نموني ظاهر ڪرڻ وغيره وغيره شامل آھن. ستين نمبر تي “سياسي شعور” وڏو اھم آھي، جنھن جي بدولت شھرين کي حڪومت، قانون، اقتدار، جمهوريت، شهري حقن ۽ سياسي نظامن بابت ڄاڻ ايندي آهي ۽ پڻ حڪومتن، حڪمرانن ۽ قاعدن، قانونن، ضابطن جي ذميوارين کي سمجهڻ. عوامي حقن جي ڄاڻ رکڻ، سياسي پروپيگنڊا ۽ حقيقت ۾ فرق رکڻ، حڪومتي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ به شامل آهن.

اٺين نمبر تي “تاريخي شعور” به پنھنجي جاءِ تي اھميت رکندڙ آھي. ھي شعور ماضيءَ جي واقعن، انهن جي سببن ۽ نتيجن کي سمجهڻ ۽ انهن جو موجوده دور سان تعلق ڳولڻ تاريخي شعور سڏائيندو آهي. مثلن بادشاهتي دورن جي تاريخن کي سمجهڻ. وقت به وقت تبديل ٿيندڙ نظامن ء انقلابن جا سبب معلوم ڪرڻ. ماضيء جي قومي غلطين مان سکڻ، انساني سماجن جي تبديليءَ جو مطالعو ڪرڻ وغيره وغيره شامل آھن. نائون نمبر “ماحولياتي شعور” کي ڏجي ته بھتر ٿيندو جو، ھاڻوڪين حالتن ۾ اھو وڏي اھميت اختيار ڪندو پيو وڃي. جنھن ۾ فطري تبديليون، مشينن مان نڪرندڙ دونھين جا ڪلور، ڪارخانن مان نڪرندڙ پاڻياٺي مادن جا منفي اثر، ڊرينيج جي کوٽيل کوھن سبب، زمين، ھوا ۽ پاڻيءَ ۾ آلودگيءَ جو شامل ٿيڻ، وڌندڙ آباديءَ سبب وڻن جي واڍي ۽ ٻيا انسان جا اھي نقصانڪار عمل جيڪي ماحولياتي آلودگيء جو سبب بڻجي رھيا آھن.

ھتي هڪ اهم سوال اھو به پيدا ٿئي ٿو ته، ڇا “حسي”, “حواسي”, “سماجي”، اخلاقي”، “سياسي” يا “فڪري” شعورن جي ترقيءَ بنا انسان پرامن ۽ انصاف پسند دنيا قائم ڪري سگهي ٿو؟ مثال طور، ڪنهن ماڻهوءَ کي خبر آهي ته ٻئي انسان کي بک لڳي آهي، اها ڄاڻ حسي شعور سان حاصل ٿي سگهي ٿي، پر ان جي بک ختم ڪرڻ جي ذميواري محسوس ڪرڻ اخلاقي ۽ سماجي شعور سان لاڳاپيل آهي. مطلب ته انسان جي مڪمل فڪري ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ شعور جي سمورن مختلف پاسن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ضروري آهي. حسي شعور دنيا کي محسوس ڪرائي ٿو، فڪري شعور ان کي سمجهائي ٿو، اخلاقي شعور صحيح ۽ غلط جو احساس ڏياري ٿو ۽ سماجي شعور انسان کي ٻين انسانن سان ڳنڍي ٿو. مطلب ته شعور، انساني ذهنن جو اهم تصور ليکيو ويندو آهي. ان جو انساني سوچن، احساسن، عادتن، فيصلن، شخصيتن ۽ سماجي روين سان تمام گهرو تعلق آهي. جن مان گھڻي قدر ته فائدا حاصل ٿيندا آهن پر، ڪڏھن ڪڏھن بي ڌيانيءَ سبب نقصان به ٿي سگهن ٿا. اچو ته پھريان شعور جا فائدا ڳولھيون، بعد ۾ نقصانن تي وس آھر لکون ٿا.

شعور جو پھريون وڏو فائدو غلط ۽ درست جي سڃاڻپ وارو آھي، يعني انسان پنهنجن عملن جي اخلاقي ۽ غير اخلاقي نتيجن کي سمجهي سگهي ٿو. شعور جو ٻيو فائدو ان ۾ فيصلن ڪرڻ جي طاقت يا صلاحيت ڪيتري آھي، يعني ڪو به ماڻھو مختلف امڪانن ۽ حالتن جو جائزو وٺي ترت يا دير سان فيصلو ڪري ٿو. شعور جو ٽيون فائدو خود شناسي وارو آھي، يعني ھو پنهنجي خوبين، خامين ۽ ذميوارين کي سڃاڻي سگهي ٿو يا نه. شعور جو چوٿون فائدو انسان کي شعور ھجڻ جي صورت ۾ علم يا فن حاصل ڪري سگھي ٿو، يعني شعوري ماڻھو نئون علم، نوان فن سکي زندگيءَ جو گاڏو گھلي سگھي ٿو، ڀر پاسي جون ڳالهيون سمجهي سوال ڪري ۽ دليلن ذريعي حقيقتن تائين پهچي سگهي ٿو. شعور جو پنجون فائدو اھو آهي ته، انھيءَ شعور سان ھو سماجي سڌارا آڻي سگھي ٿو، يعني سماجي ناانصافين، تعصبن، غلط ريتن روايتن کي سمجهي، انهن جي تبديليءَ لاءِ ڪوشش ڪري سگهي ٿو. جڏھن ته شعور جي مدد سان انسان غلطين کي قبول ڪندي پنھنجي اصلاح ڪري سگهي ٿو.

جڏھن شعور ھڪ خاص ھنڌ تي بيھي رھندو آھي ۽ وقت سان گڏ واڌ کائڻ کان نابري واري ويھندو آھي ته ڪجھ عرصي کانپوءِ اھو شعور حالتن سان مطابقت نه رکڻ ڪري آھستي آھستي بي شعوريءَ جي شڪل اختيار ڪندو، نقصانن جو سبب بڻجي پوندو آهي، پھرين مرحلي ۾ اڌ اکري شعور ۽ بعد ۾ مدي خارج به ٿي پوندو آھي، انڪري جيڪي ماڻھو شعور سان پيچ پائين ٿا انھن مٿان اھو فرض به بڻجي ٿو ته، ھو وس آهر شعور جي پاڇي کان پاڻکي جدا نه ڪن. ان حوالي سان جيڪڏھن جاچ ڪبي، پاڻ کي اھا ڄاڻ ضرور ملندي ته، شعور بذات خود نقصانڪار ناهي، پر ان جي محدود هجڻ يا غلط استمال جا نقصان وڌن ٿا. يعني شعور جتي جامد ٿئي ٿو، اتي ان جو غلط استعمال به ٿيڻ لڳي ٿو.

جڏھن ته ڪنھن به مامري تي ضرورت کان وڌيڪ سوچڻ سان ذهني ٿڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون، جنھن ڪري کائنس غلط فيصلا به ٿي سگھن ٿا. شعور ڪڏھن ڪڏھن خوشفھمي ۽ غلط فھميء جو به سبب بڻجي پوندو آهي ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي مڪمل سمجهي، ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ڇڏي ڏي ٿو. جڏھن ته شعوري سوچ سبب ماڻهو پنهنجي پسند واري سوچ، خيال، نظرئي ۽ شخصيت کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. بلڪل اھڙيءَ طرح اڌ اکري شعور، ماڻھوءَ کي خود غرضيء ڏانھن ڌڪي ڇڏيندو آھي ۽ ماڻهو پنهنجي فائدي کي اوليت ڏيندي، ٻين جي نقصان کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آھن. ان ڪري شعور کي ھڪ ھنڌ تي بيهارڻ بجاءِ وقت سان گڏ ان کي اڳتي وڌائڻ ايئن ضروري آھي جيئن درياھه وھي سمنڊ سان ملندا آھن. اتفاق سان جتي پاڻي بيھجي ويندو آهي، اتي ھو سينوارجي ڌپ پيدا ڪندو آهي. ايئن ئي بيٺل شعور به تيسيتائين انسانن ۽ سماجن جا نقصان ڪندو آهي جيسيتائين مڪمل طور تي رد ناھي ٿيندو.

_____________  

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سرگرم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ م رھي ٿو  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button