گيتن جي گُونجار: ساري ڌرتي وستي وستي، ريٽا ريٽا رنگ…
مير محمد پيرزادو گيت جو اھڙو انوکو شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ جي گونجار ڌرتي جي پھاڙن مان پڙاڏو بنجي گونجي ٿي ۽ فطرت جا حسين منظر آڏو آڻي سونهن جو سنگم جوڙي ٿي
وحيد محسن
شاعري نفيس احساسن ۽ گلن جي خوشبوئن سان مھڪي شاعر جي وجود ۾ وسي ٿي ۽ وري گيت اھڙي صنف آهي جيڪو سموري ماحول کي پري پري تائين پنهنجي سڳنڌ سان مھڪائي ٿو ۽ احساس جي جادوءَ سان اھڙو ته مُنڊ ھڻي ٿو جنهن ۾ شاعر پاڻ به مُنڊجي وڃي ٿو ۽ پڙھندڙ جي وجود ۾ به احساس جا انوکا سُر ڇِڙن ٿا ۽ اھڙا خيال ماڻهو کي جھومڻ لاء آمادا ڪرن ٿا ! —-

مير محمد پيرزادو گيت جو اھڙو انوکو شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ جي گونجار ڌرتي جي پھاڙن مان پڙاڏو بنجي گونجي ٿي ۽ فطرت جا حسين منظر آڏو آڻي سونهن جو سنگم جوڙي ٿي. انهيءَ سٻنڌ کي پسي پڙھندڙ سندس شاعري مان زندگي جا انيڪ پيچرا ڳولي ٿو ۽ اھڙا پڙاڏا ٻڌي تڙپي اٿي ٿو !
مير محمد پيرزادي شاعري جي شروعات 1962ع کان ڪئي ۽ سندس پھريون شعري مجموعو ” مکڙيون ماڪ ڦڙا ” 1981ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو” ليار نيڻن ۾ ڦٽا ” 1999ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوء ” ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ ” 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ان کان علاوه ريکائون پبليڪيشن ڪراچي سندس ڪتاب ” مکڙيون ماڪ ڦڙا ” جو ٻيو ڇاپو شايع ڪيو.
مون جڏهن به ان جي شاعري کي پڙھيو آهي ته هُو مون کي گيت جو منفرد شاعر نظر آيو آهي. توڙي جو ان جا غزل ۽ نظم پڻ پُر اثر آهن جيڪي دل جي تارن کي ڇيڙيندڙ آهن پر تڏهن به مير محمد پيرزادي جا گيت ان جي سڃاڻپ بنجي رھيا آهن. سندس گيت سنڌ ڌرتيءَ جي سڳنڌ سان واسيل آهن ۽ انهن جي گونجار پکين جي ٻڙڪو ڏيئي اڏامڻ جيان محسوس ٿيندي آهي –

مير محمد پيرزادو فطري شاعر آهي. سندس سٽ سٽ موتين جي مالھا آهي. سندس گيت جا گھاڙيٽا به منفرد آهن ۽ ان جا خيال نئين نويلي جوان ڇوڪريءَ جي دل جيان پڌر تي رقص ڪندا آھن جنهن ۾ سونهن ۽ سندرتا جا ڪيئي روپ سامهون اچي بيھن ٿا جيڪي سنڌ جي سونهن جا ساکي به آهن ته ان جي محبت جا متلاشي به آهن. اھي پوپٽ بنجي ديس جي سندرتا ۽ ان جي رکوالي جا امين بنجن ٿا !
ھڪ گيت مطالعي ھيٺ آڻيون ٿا –
جنهن جي ڪنهن کي اونء نه پونء؛
نچي ٿي شايد ان لاء ڀونء !
آڌيء ويلي ساڌ ٻيلي ۾ ; ڪنهن لئہ مور مچائي گونج ;
ڪوھ ڪنان ڪا وڇڙي آيل اڀ ۾ ڪرڪي ڪنهن لئہ ڪونج؛
سڏجي ان کي راڳ ڀلا يا سڏجي ان کي سانت ؛
ماٺ سڄو ماحول ھيو پر لنئي پکين جا لات ؛
انهي سان ڪانڊاري آ لونء ؛
نچي ٿي شايد ان لائہ ڀونء !
مير محمد پيرزادي جي گيتن جا گھاڙيٽا منفرد آهن ۽ ان جي تخليق جا رنگ فطرت سان سلھاڙيل آهن جنهن جي نفاست ذھن کي تراوت بخشي ٿي !
ھڪ ٻيو گيت مطالعي ھيٺ آڻيون ٿا –
ڳاء وري اڄ ڳاء؛
او راڳي !
ڳاء وري اڄ ڳاء؛
تنهنجي ڳائڻ ريء نه سرندي; ھيء حياتي ھئين سان لاء !
جھونگاري اٿ ڳائج مانجھ ; ھير وڄائي جنهن سان جانجھ;
ڪندا سواگت جنهن جي سانجھ ; بيراڳي-من; دلڙي بانجھ;
کٽ بڻي آ خاڪ جنين جي ; تن کي جوڳ جڳاء ;
او راڳي !
ڳاء وري اڄ ڳاء;
تنهنجي ڳائڻ ريء نه سرندي ھيء ھئين سين لاء !
مير محمد پيرزادي جي گيت ۾ ٻوليء جي حسناڪي ۽ فطرت جي اپٽار نينهن سان اھڙي ته ڳنڍيل آهي جنهن ۾ ڳوٺ جي حسن ۽ ثقافتي رتبي جي به پرک ٿئي ٿي ۽ خوبصورت علامتن سان گيت ذھن جا بند تاڪ کولي ٿو !—
ھڪ ٻيو گيت مطالعي ھيٺ آڻيون ٿا –
باھ وڇوڙا شال لڳيئي; جان جدائي کائي ;
ساجن !
تو ريء سار ستائي !
ھوء ڇڳي انگورن جي جيان ڪتي کڙي آ اڀ مٿان ;
جھرڻي ۾ ٿيون کيڏن مڇيون عڪس جنهن جي سان ;
ڪنول کڙي ۽ وچ ٻنهي ۾ جھمريون ٿو پائي;
ساجن !
تو ريء سار ستائي !
ھن گيت ۾ مير محمد پيرزادي محبوب جي ياد جو ذڪر پينٽ ڪيو آهي جنهن جي نفاست انتھائي شاندار آهي ۽ ان ۾ شاعر جو تخليقي جوھر عيان ٿئي ٿو: اوھان جنهن کي چاھيو ٿا ان جي جدائي جو ڪرب ماڻهو کي ڪيئن کائيندو آهي اھو احساس ھن مٿئين گيت ۾ نمايان طور نظر اچي ٿو. شاعر پنهنجي اظهار ۾ منفرد آهي –
سنڌي ٻوليءَ ۾ گيت جا تخلقيڪار جنهن ۾ شيخ اياز؛ نياز ھمايوني؛ بردو سنڌي؛ ڊاڪٽر قيوم طراز؛ سرمد چانڊيو؛ ماڻڪ ملاح ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر انهيَ صنف تي طبع آزمائي ڪندا رھيا آھن. مير محمد پيرزادي جي خدمت کي پڻ سدائين ساريو ويندو ۽ ان جي گيتن جي گونجار ھميشھ رھڻي آهي. مضمون جي پڄاڻيءَ ۾ سندس ھڪ اھڙو گيت ڏيان ٿو جيڪو اسان کي پنهنجي ڌرتي سان ڳنڍي رکي ٿو.
سونا سونا سنگ،
ٻنين ۾، سونا سونا سنگ!
ڪنهن جي پوتي، ڪنهن جو چولو،
ڪنهن جي پيٽ ڀرڻ جو لولو،
ڪنهن جي عزت، شان ۽ شوڪت،
ڪنهن جا آهن ننگ،
ٻنين ۾ سونا سونا سنگ!
مرڻ جيئڻ جو ڪنهن جو سوال،
هيڻا هڏڙا هيڻو حال،
ڪنهن جا پيار ته ڪنهن جي سار،
ڪنهن جا آس امنگ،
ٻنين ۾ سونا سونا سنگ!
ريج جي عيوض رتڙو هارڻ،
آب اڃين کي اهڙو پيارڻ،
ساري ڌرتي وستي وستي،
ريٽا ريٽا رنگ،
ٻنين ۾ سونا سونا سنگ!
پوک پڪل جا سنگ نچن ٿا،
خاموشيءَ ۾ ساز وڄن ٿا،
جھولن جھولن جھومن ڳائن،
ڄڻ ته هوا ۾ چنگ،
ٻنين ۾ سونا سونا سنگ!
هر ڪا ڪاٺي ڦٽي ڦاٽي،
موسم آ ڄڻ مڌ جي ماٽي،
شالون سايون مند ڍڪايون،
جھُومن ٿا جھر جنگ.
ٻنين ۾ سونا سونا سنگ!
جاڏهون ڪاڏهون جھاريون هڪلن،
ورهن جا ٿا وڇڙيل گڏجن،
تون جي ناهين توريءَ سائين،
ڏينهن هڻن ٿا ڏنگ،
ٻنين ۾سونا سونا سنگ!
هاڻ هوا ۾ ڳيچ ٻرن ٿا،
چپ سندا چپ چرن پرن ٿا،
سيڄون سايون مند وڇايون،
ڍول اچڻ جا ڍنگ،
ٻنين ۾ سونا سونا سنگ.
________________

وحيد محسن اصل ڳوٺ رستم ضلعي شڪارپور جو آهي، ھاڻ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو، ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪندو رھي ٿو، سندس ڪجھ ڪتابن تي کيس ايوارڊ پڻ مليا آهن.



