Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

پاڪستان، ٽياڪڙي ۽ يوريشيا جا اَٺَ ملڪ: عالمي طاقت جو نئون مرڪز

پاڪستان انهن اٺن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي عالمي طاقت جي توازن کي بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهي ملڪ نه مڪمل طور تي اولهه جي تابع آهن ۽ نه ئي اوڀر جي، پر اهي پنهنجي جاگرافيائي حيثيت، معاشي رابطن ۽ سفارتي لچڪ ذريعي عالمي فيصلن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ پاڪستان، ترڪي، قازقستان، ازبڪستان، هنگري، منگوليا، آرمينيا ۽ آذربائيجان شامل آهن.

ليکڪ: محمد احسان لغاري

اپريل 2026ع ۾ پاڪستان صرف هڪ ٽياڪڙ طور نه پر هڪ ذميوار ۽ بااعتماد رياست طور دنيا آڏو پنهنجي حيثيت مڃرائي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگي ماحول، وڌندڙ ڇڪتاڻ، خليجي بي يقيني ۽ آبنائي هرمز جي بحران دوران پاڪستان اهو ڪردار ادا ڪيو جيڪو اڪثر وڏيون طاقتور رياستون به ادا ناهن ڪري سگهنديون. اسلام آباد نه رڳو ٻنهي ملڪن کي هڪ ميز تي ويهاريو پر هڪ نازڪ جنگ بندي،  ظاهر ۽ لڪيل رابطن جي تسلسل ۽ اعتماد سازي جي ڪوششن ۾ پڻ مرڪزي ڪردار نڀايو.

وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سفارتي سرگرمين پاڪستان کي هن بحران ۾ هڪ فيصلائتي حيثيت عطا ڪئي. شهباز شريف نه رڳو ايران، سعودي عرب، ترڪي، قطر ۽ ٻين علائقائي قيادتن سان مسلسل رابطا رکيا پر اسلام آباد کي هڪ اهڙي سفارتي مرڪز ۾ تبديل ڪيو جتي ڇڪتاڻ گهٽائڻ، جنگ بندي کي برقرار رکڻ ۽ ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون. ٻئي طرف جنرل عاصم منير ذاتي طور تي تهران، اسلام آباد ۽ ٻين اهم گاديءَ وارن شهرن وچ ۾ سفارتي نياپا پهچايا، غلط فهمين کي گهٽايو ۽ هن ڪوشش کي رڳو وقتي جنگ بندي مان ڪڍي هڪ ممڪنه مستقل معاهدي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي۔ اها ئي سياسي ۽ عسڪري هم آهنگي پاڪستان جي هن ڪامياب ٽياڪڙي جو اصل بنياد بڻي.

اڄ به اهو سفارتي عمل جاري آهي؛ ۽ سڄي دنيا ۾ اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪنهن عبوري يا مستقل معاهدي جو اعلان جلد سامهون اچي سگهي ٿو.

هن پوري سفارتي اڳڀرائي دوران ٻه اهم خبرون سامهون آيون آهن جن وچ اوڀر جي صورتحال ۾ هڪ نئين اميد پيدا ڪئي آهي. پهرين خبر لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڏهن ڏينهن جي جنگ بندي جي آهي، جنهن علائقي ۾ جاري تباهه ڪندڙ لڙائي کي وقتي طور روڪي ڇڏيو آهي. هن جنگ ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا، لکين بي گهر ٿيا، ۽ سڄو خطو مسلسل خوف، بي يقيني ۽ فوجي دٻاءُ واري ڪيفيت ۾ مبتلا رهيو. هاڻي هن جنگ بندي نه رڳو لبنان کي ڪجهه ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو آهي پر ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهين لاءِ به ڪنھن حد تائين سازگار ماحول پيدا ڪيو آهي.

ٻي ۽ شايد ان کان به وڌيڪ اهم اڳڀرائي آبناءِ هرمز جي ٻيهر کلڻ جي آهي. ايران اعلان ڪيو آهي ته لبنان ۾ جنگ بندي دوران سمورن تجارتي جهازن لاءِ آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولي ڏنو ويو آهي. اهو رڳو هڪ بحري رستي جو کلڻ ناهي پر عالمي معيشت لاءِ هڪ وڏي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي تيل ۽ گئس جو وڏو مقدار انهي رستي تان گذري ٿو. آبناءِ هرمز جي بند ٿيڻ سان نه رڳو عالمي تيل جون قيمتون وڌي ويون هيون پر توانائي، تجارت، خوراڪ جي شين ۽ نقل و حمل جي عالمي نظام تي به سخت دٻاءُ اچي ويو هو. هاڻي ان جي ٻيهر کلڻ کانپوءِ عالمي منڊين ۾ فوري هاڪاري ردعمل ڏسڻ ۾ آيو آهي، تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، ۽ اها اميد پيدا ٿي آهي ته خطو آهستي آهستي ڇڪتاڻ مان نڪري ڳالهين ۽ استحڪام طرف وڃي سگهي ٿو.

صحافي ڪين مورياسو پنهنجي هڪ تازي گفتگو ۾ دنيا جي انهن اٺن ملڪن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي عالمي طاقت جي توازن کي بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سندس موجب اهي ملڪ نه ته مڪمل طور تي اولهه جي تابع آهن ۽ نه ئي اوڀر جي، پر اهي پنهنجي جاگرافيائي حيثيت، معاشي رابطن ۽ سفارتي لچڪ ذريعي عالمي فيصلن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. انهن ملڪن ۾ پاڪستان، ترڪي، قازقستان، ازبڪستان، هنگري، منگوليا، آرمينيا ۽ آذربائيجان شامل آهن.

اهي سڀ ملڪ هڪ اهڙي وسيع خطي ۾ واقع آهن جنهن کي يوريشيا چيو ويندو آهي. هي دنيا جو سڀ کان وڏو مسلسل زميني خطو آهي، جيڪو يورپ ۽ ايشيا کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿو. اسپين جي ساحلن کان وٺي چين ۽ روس جي مشرقي ڪنارن تائين پکڙيل هي خطو دنيا جي اڪثريت آبادي، صنعت، توانائي، معدني وسيلن ۽ تجارتي رستن جو مرڪز آهي. اڄ دنيا جي وڏين طاقتن جي اصل ڊوڙ سمنڊن تي نه پر انهن ئي زميني لنگهن (corridors)، ريل نيٽ ورڪن، شاهراهن ۽ پائپ لائنن تي آهي جيڪي يوريشيا کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون.

ماضي ۾ طاقت جو دارومدار بحري ٻيڙن ۽ سامونڊي رستن تي هو، پر تازين جنگين اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهم بحري لنگهه جهڙوڪ آبناءِ هرمز هاڻي خطرناڪ بڻجي چڪا آهن. اهو ئي سبب آهي ته چين پنهنجي ”بيلٽ اينڊ روڊ“ حڪمت عملي ذريعي رستن، بندرگاهن، ريل لائنن ۽ صنعتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ته جيئن يوريشيا جي ملڪن کي پنهنجي چوڌاري گڏ رکي سگهي. ٻئي طرف آمريڪا به انهن ئي ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن خطي ۾ چين جي مڪمل برتري قائم نه ٿي سگهي.

هتي پاڪستان جي اهميت سڀ کان وڌيڪ نمايان ٿي وڃي ٿي. پاڪستان ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر، وچ ايشيا ۽ چين جي سنگم تي واقع آهي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان رڳو هڪ ملڪ ناهي پر هڪ جاگرافيائي پل، هڪ تجارتي لنگهه ۽ هڪ سفارتي دروازو بڻجي چڪو آهي. پاڪ-چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ذريعي پاڪستان چين سان گهرا معاشي تعلقات رکي ٿو، جڏهن ته آمريڪا، سعودي عرب ۽ خليجي ملڪن سان به ان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا مضبوط آهن. اهو ئي توازن پاڪستان کي منفرد بڻائي ٿو. پاڪستان نه رڳو بحرانن ۾ ٽياڪڙي ڪري سگهي ٿو پر توانائي، تجارت، نقل و حمل ۽ علائقائي استحڪام لاءِ متبادل رستا پڻ فراهم ڪري سگهي ٿو.

پاڪستان جي تازي ٽياڪڙي هڪ اهم حقيقت کي دنيا آڏو رکيو آهي: عالمي سياست هاڻي صرف واشنگٽن، بيجنگ يا ماسڪو مان نه هلندي. اسلام آباد، انقره، آستانه، باڪو ۽ ٻيا علائقائي گاديءَ وارا شهر به هاڻي عالمي فيصلن جا مرڪز بڻجي رهيا آهن. دنيا هاڻي هڪ قطبي ناهي رهي پر هڪ ڪثير القطبي (multipolar) دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي اثر رڳو طاقتور ملڪن وٽ ناهي پر انهن رياستن وٽ به آهي جيڪي جاگرافيائي طور وچ ۾ آهن ۽ سفارتي لحاظ کان سڀني سان گڏ هلڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

پاڪستان لاءِ هي هڪ سنهري موقعو آهي. جيڪڏهن اهو پنهنجي سفارتي صلاحيت، جاگرافيائي اهميت، معاشي لنگهن ۽ علائقائي لاڳاپن کي ڏاهپ سان استعمال ڪري ته هو نه رڳو خطي پر سڄي دنيا ۾ هڪ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ٽياڪڙي انهي نئين حقيقت جو چٽو مثال آهي. جنگ بندي اڃا مڪمل امن ۾ تبديل ناهي ٿي، پر رابطا قائم آهن، سفارتڪاري جاري آهي، ۽ ان ڳالهه جا امڪان اڳ کان وڌيڪ روشن آهن ته دنيا جلد هڪ اهڙي معاهدي جي خبر ٻڌندي جيڪو نه رڳو وچ اوڀر پر سڄي دنيا جي سياست ۽ معيشت تي گهرا اثر وجهندو.

______________

Muhammad-Ehsan-Leghari-Sindh-Courier

محمد احسان لغاري پاڻيءَ وارن معاملن جو ماھر، انڊس رِور سسٽم اٿارٽيءَ ۾ سنڌ جو اڳوڻو نمائندو ۽ سيڊا جو اڳوڻو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button