Editor's pickMain Slideسياست

18هين آئيني ترميم کي تبديليءَ بنا ڪمزور ڪيو پيو وڃي

ڪنهن به آئيني ترميم کي مڪمل شفاف، جمهوري ۽ کليل عمل ذريعي آندو وڃي، جنهن ۾ ملڪ جي چئن ئي صوبن جي برابر ۽ بامعنيٰ شرڪت يقيني بڻائي وڃي.

ويمنز ايڪشن فورم (WAF) ڪراچيءَ طرفان صوبي جي خودمختياري جي تحفظ بابت ڪوٺايل هڪ ويبينار ۾ سول سوسائٽي اڳواڻن جواظھار.

تنظيم جو چوڻ هو ته هي ويبينار انهن خدشن جي پسمنظر ۾ منعقد ڪيو ويو، جن موجب مستقبل ۾ اهڙيون آئيني تبديليون آڻي سگهجن ٿيون جيڪي صوبائي خودمختياري کي وڌيڪ ڪمزور ڪن.

ڪراچي

ويمنز ايڪشن فورم (WAF) ڪراچيءَ تازو صوبي جي خودمختياري جي تحفظ بابت هڪ آن لائين ويبينار منعقد ڪيو.

 هن موضوع کي تازين خبرن کان پوءِ وڌيڪ اهميت ملي آهي، جن ۾ امڪاني آئيني ترميمن ۽ 18هين آئيني ترميم ذريعي حاصل ڪيل اختيارن کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي.

ويبينار ۾ چار مقرر شريڪ ٿيا: اڳوڻو سينيٽر ۽ انساني حقن بابت پاڪستان ڪميشن (HRCP) جو اڳوڻو چيئرمين افراسياب خٽڪ، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي وفاقي جنرل سيڪريٽري عاليه بخشل، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جو اڳوڻو سينيٽر ثناءُ الله بلوچ ۽ صحافي مظهر عباس.

 ويبينار جي نظامت ڊاڪٽر ارم هاشمي ڪئي، جيڪا WAF ڪراچي جي ميمبر آهي.

ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ هن بحث دوران ڪيترن ئي معاملن تي تيز اختلاف سامهون آيا، خاص طور تي ان سوال تي ته 18هين ترميم کي ڪمزور ڪرڻ جي ذميواري ڪيتري فوجي اسٽيبلشمينٽ تي ۽ ڪيتري سياسي پارٽين تي عائد ٿئي ٿي.

اين ايف سي ايوارڊ معطل، سي سي آءِ غيرفعال

افراسياب خٽڪ، جيڪو 18هين آئيني ترميم تيار ڪندڙ پارلياماني ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو ،   چيو ته 2010ع ۾ ترميم منظور ٿيڻ کان پوءِ ئي ان کي ڪمزور ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو هو.

هن چيو:  “اسٽيبلشمينٽ نه 1973ع جي آئين کي ڪڏهن دل سان قبول ڪيو ۽ نه ئي 18هين آئيني ترميم کي.”

هن ياد ڏياريو ته ستين نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) ايوارڊ تحت صوبن جو وفاقي ورهاست مان حصو 57.5 سيڪڙو ڪيو ويو هو، پر ان کان پوءِ گذريل 15 سالن کان ڪو نئون NFC ايوارڊ جاري ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته: “ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته نئين آدمشماري جي بنياد تي پنجاب جو حصو گهٽجي ويندو.”

افراسياب خٽڪ وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم تحت ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس (CCI) کي هر 90 ڏينهن اندر اجلاس ڪرڻ لازمي آهي ، پر هڪ سال گذري وڃي ٿو ۽ اجلاس ئي نٿو ٿئي، ۽ ان بابت ڪنهن کان به پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي.

هن اها به نشاندهي ڪئي ته صحت ۽ تعليم جا اهي کاتا، جيڪي آئين موجب صوبن حوالي ڪيا ويا هئا، هاڻي بغير ڪنهن آئيني جواز جي وري وفاق ڏانهن منتقل ڪيا پيا وڃن.

سندس خيال موجب پاڪستان جي حڪمران اشرافيه ۾ طاقت جو وڏو مرڪز هڪ ئي صوبي وٽ آهي. “تقريباً 70 سيڪڙو حڪمران اشرافيه پنجاب سان تعلق رکي ٿي، جيڪو ڪنهن به وفاقي رياست لاءِ غيرمعمولي ۽ غيرمتوازن صورتحال آهي.”

سنڌ جا 260 ارب رپيا وفاق حوالي

بحث دوران سڀ کان وڌيڪ تڪراري موضوع  ھوجُون 2026ع ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل (NFC) جي اجلاس دوران سنڌ حڪومت پاران وفاق کي منتقل ڪيل 260 ارب رپيا. هن رقم جي تصديق  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ڪئي، جڏهن ته روزاني ڊان ان کي “ڳجھ ڳوھ ۾ NFC ۾ تبديلي” قرار ڏنو.

مظهر عباس چيو ته: “هي رڳو اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو ناهي، سياسي پارٽيون به مڪمل طور تي سمجهوتو ڪري ويٺيون آهن. 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم ڪنهن پاس ڪئي؟ انهن ئي سياسي پارٽين ڪئي ۽ انهن ئي  18هين ترميم ، ميثاق جمهوريت ۽ 1973ع جي آئين جي روح کي به  پڻ نقصان پهچايو .“

عاليه بخشل وڌيڪ سخت تنقيد ڪندي چيو ته: 1986ع کان پوءِ پيپلز پارٽي پنهنجي نظرياتي سڃاڻپ وڃائي ويٺي آهي. جاگيردار ڌرين کان سواءِ پارٽي وٽ ڪو نظرياتي بنياد ناهي. اها ڪينجهر، ڪراچي پورٽ ۽ سنڌو درياهه تائين وڪڻڻ لاءِ تيار آهي.”

عاليه بخشل ۽ ثناءُ الله بلوچ ٻنهي ڪراچي يا گوادر کي وفاقي انتظام هيٺ آڻڻ واري ڪنهن به تجويز کي رد ڪندي چيو ته:  “نه سنڌ ۽ نه بلوچستان جا ماڻهو اهڙو فيصلو قبول ڪندا.”

قربانيون ۽ سمجهوتا

ويبينار دوران هڪ اهم بحث سياسي پارٽين جي ڪردار بابت ٿيو.

ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي (ANP) جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، بينظير ڀٽو شهيد ٿي، هزارين ڪارڪن جيلن ۽ جلاوطنيون ڀوڳيون، جڏهن ته اي اين پي جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن دهشتگرد حملن ۾ مارجي ويا.

مظهر عباس انهن قربانين کان انڪار نه ڪيو، پر چيو ته: “قربانيون ڏيڻ ۽ مختلف وقتن تي اسٽيبلشمينٽ سان سمجهوتو ڪرڻ ٻئي ڳالهيون گڏ به ٿي سگهن ٿيون .

هن وڌيڪ چيو ته مختلف سياسي پارٽين ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي سياسي مخالفن خلاف اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪم ڪيو، جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڊگهي حڪمراني باوجود صوبي جي سماجي ترقي جي صورتحال اطمينان بخش ناهي.

افراسياب خٽڪ نسبتاً متوازن راءِ ڏيندي چيو ته سياسي پارٽيون سخت دٻاءُ ، بليڪ ميلنگ ۽ ٻين ادارتي رڪاوٽن کي منهن ڏين ٿيون، پر هن به مڪمل دفاع ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

بحث جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان جي سياسي قيادت ڪيترن ئي موقعن تي هڪ ئي وقت “متاثر ڌر” به رهي آهي ۽ “ساٿي” پڻ، ۽ ٻنهي ڪردارن کي الڳ ڪرڻ هميشه آسان ناهي.

شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ ۾ هڪ گڏيل جمهوري سياسي محاذ جي سخت ضرورت آهي.

  “بلوچستان ۽ آدمشماري

ثناءُ الله بلوچ وفاقي نظام بابت تفصيلي تجزيو پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ وفاقيت جا ٽي بنيادي اصول ناڪام ٿي ويا آهن:

 1/ سياسي اختيارن جي منصفاڻي ورهاست

2/  مالي وفاقيت (Fiscal Federalism)

3 / سيڪيورٽي ادارن جي وفاقي بنيادن تي جوڙجڪ ۔

هن الزام هنيو ته 2023ع جي آدمشماري ۾ بلوچستان جي آبادي کي لڳ ڀڳ 70 لک گهٽ ڏيکاريو ويو. سندس چوڻ هو ته: “پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪنهن صوبي جي سرڪاري آبادي گهٽ ٿي وئي ھجي .” هن چيو ته جيڪڏهن بلوچستان جي اصل آبادي ظاهر ڪئي وڃي ها ته اين ايف سي ۾ ان جو حصو وڌي وڃي ها ۽ پنجاب جي برتري گهٽجي وڃي ها.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ مقرر ٿيل سيڪيورٽي فورسز مقامي ماڻهن تي مشتمل ناهن، جيڪو وفاقي اصولن جي ابتڙ آهي . ھن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن بنيادي مسئلن کي حل نه ڪيو ويو ته پاڪستان آهستي آهستي “بالڪنائيزيشن” (Balkanization) ڏانهن وڌي سگهي ٿو.

  مزاحمت ڪٿان ايندي؟

ويبينار جي آخري حصي ۾ مزاحمت بابت به بحث ٿيو.

مظهر عباس چيو ته شاگرد يونينن ، مزدور يونينن ۽ مضبوط بلدياتي ادارن جي خاتمي جي ذميواري صرف فوج تي نٿي وجھي سگهجي، ان ۾ چونڊيل حڪومتون به برابر جون ذميوار آهن.

عاليه بخشل اختلاف ڪندي چيو ته: “مزاحمت ختم ناهي ٿي. اها سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ننڍن ننڍن عوامي تحريڪن جي صورت ۾ موجود آهي. رياستي جبر شايد وڌندو، پر ان سان گڏ وڌيڪ منظم ۽ مضبوط مزاحمت به اڀرندي.”

ويبينار جي پڄاڻيءَ تي افراسياب خٽڪ هڪ قومي گول ميز ڪانفرنس (Roundtable) جو مطالبو ڪندي ،  ٽي بنيادي گهرجون پيش ڪيون:

  1973جي آئين مطابق مڪمل جمهوريت جي بحالي ۽ آزاد، منصفاڻيون چونڊون.

  18هين آئيني ترميم جي روح ۽ متن مطابق صوبائي خودمختياري جي مڪمل ضمانت.

سياست مان فوجي اسٽيبلشمينٽ جو مڪمل خاتمو.

WAF ڪراچي جو موقف

ويبينار جي شروعاتي خطاب ۾ WAF ڪراچي واضح ڪيو ته ڪنهن به آئيني ترميم کي مڪمل شفاف، جمهوري ۽ کليل عمل ذريعي آندو وڃي، جنهن ۾ ملڪ جي چئن ئي صوبن جي برابر ۽ بامعنيٰ شرڪت يقيني بڻائي وڃي.

تنظيم جو چوڻ هو ته هي ويبينار انهن خدشن جي پسمنظر ۾ منعقد ڪيو ويو، جن موجب مستقبل ۾ اهڙيون آئيني تبديليون آڻي سگهجن ٿيون جيڪي صوبائي خودمختياري کي وڌيڪ ڪمزور ڪن، ۽ WAF اهڙن اهم قومي معاملن تي بحث جاري رکندي .(پريس رليز)

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button