Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

اڪيلائيءَ جو فن ۽ ان جي تخليقي اهميت: شعوري خَلوت جو فلسفو

شعوري اڪيلائي يا خلوت مايوسي ناهي، پر اها تخليقي قوت جي ماءُ آهي. اها هڪ نفسياتي ٽيڪنڪ آهي. اها اڪيلائي اسان کي نه رڳو تخليقي طاقت ڏئي ٿي، پر زندگيءَ جي فيصلن ۾ صوفياڻي عقل (Wisdom) جي روشني به پيدا ڪري ٿي

اڪيلائي جا ٻه قسم آهن: هڪ آهي مجبوريءَ واري اڪيلائي (Loneliness)، جيڪا انسان کي اندر کان ٽوڙي ٿي ۽ ٻي آهي شعوري اڪيلائي (Solitude)، جيڪا انسان کي اندر کان جوڙي ٿي ۽ تخليقي قوت ڏئي ٿي

عبدالله عثمان مورائي

اسان جي جديد سماج ۾ ‘اڪيلائي’ (Loneliness) هڪ منفي تصور آهي، جنهن کي مايوسي، اداسي، ۽ سماجي محروميءَ سان ڳنڍيو ويندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اسان اڪثر ماڻهن جي وچ ۾ هجڻ کي ڪاميابي ۽ سڪون جي علامت سمجهون ٿا. پر اصل ۾ اڪيلائي جا ٻه قسم آهن: هڪ آهي مجبوريءَ واري اڪيلائي (Loneliness)، جيڪا انسان کي اندر کان ٽوڙي ٿي ۽ ٻي آهي شعوري اڪيلائي (Solitude)، جيڪا انسان کي اندر کان جوڙي ٿي ۽ تخليقي قوت ڏئي ٿي. هيءُ مضمون ان شعوري اڪيلائيءَ جي فن تي زور ڏئي ٿو ۽ ان جي ذهني ۽ تخليقي اهميت کي سنڌ جي صوفياڻي فڪر سان جوڙي ٿو.

اڪيلائي ۽ شعوري خلوت ۾ فرق

پهرين ضروري آهي ته اسين بنيادي فرق کي سمجهون. اڪيلائي (Loneliness) تڏهن محسوس ٿيندي آهي، جڏهن انسان کي ٻين ماڻهن جي ضرورت هجي پر اهي موجود نه هجن، يعني اهو هڪ گهٽتائيء جو احساس آهي جيڪو نفسياتي تڪليف ڏيندڙ آهي.

ان جي ابتڙ، شعوري اڪيلائي (Solitude) ماڻهوءَ جي پنهنجي آزادي ۽ مرضي جي چونڊ آهي. ان ۾ ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان ٻاهرئين آواز، دٻاءَ ۽ گڏجاڻين کان پاسو ڪري، پنهنجي اندروني دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو. اها هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي ڪو به فيصلو ٻاهر جي اثر هيٺ نه ٿو ٿئي. هيءَ اڪيلائي ذهني سڪون ۽ اندروني قوت پيدا ڪري ٿي.

ذهني آرام ۽ سڪون جو ذريعو

جديد دور ‘لڳاتار گوڙ’ جو دور آهي. موبائيل فون، سوشل ميڊيا نوٽيفڪيشن، ڪم جو دٻاءُ ۽ ٽريفڪ جو آواز لڳاتار اسان جي ذهن کي مصروف رکي ٿو، جنهن ڪري اسين پنهنجي ذات تي غور نٿا ڪري سگهون. شعوري اڪيلائي هن گوڙ ۽ شور کي روڪي ٿي.

نفسياتي طور تي، جڏهن اسين اڪيلا ٿيون ٿا، تڏهن اسان جو نروَس سسٽم (Nervous System) آرام ڪري ٿو. اسان جو ذهن external stimulation کان آزاد ٿي، ‘ڊيفالٽ موڊ نيٽ ورڪ’ (Default Mode Network) ۾ داخل ٿئي ٿو. هيءَ حالت ذهني دٻاءَ (Stress) کي گهٽائي ٿي، ۽ ماضيءَ جي تجربن کي سمجهي مستقبل جي منصوبابندي لاءِ راهه هموار ڪري ٿي. اهو وقت آهي، جڏهن اسين پنهنجي حقيقي احساسن ۽ ضرورتن کي سمجهي سگهون ۽ سکي سگهون ٿا ته اسان کي زندگيءَ ۾ حقيقي طور تي ڇا گهرجي. اهو خود-آگاهي يا پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ (Self-Awareness) جو سڀ کان اهم مرحلو آهي.

اڪيلائي ۽ تخليقي سوچ (Creativity) جو گهرو ناطو

تخليقيت رڳو مصور يا شاعر جو ورثو ناهي، پر اها هر انسان جي مسئلا حل ڪرڻ جي هڪ صلاحيت آهي ۽ هن صلاحيت کي جنم ڏيڻ لاءِ اڪيلائي هڪ لازمي شرط آهي.

دنيا جي عظيم آرٽسٽن، ليکڪن، سائنسدانن ۽ فلسفين اڪيلائيءَ ۾ ئي وڏا ڪم ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته تخليقي سوچ کي گهرائيءَ يا اونهائيء (Deep Focus) ۾ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي. گوڙ، شور ۽ مداخلت ان ڌيان کي ٽوڙي ٿي. اڪيلائيءَ ۾ اسين هڪ خيال کي وقت ڏيئي سگهون ٿا ته جيئن اهو پنهنجي پوري روپ ۾ سامهون اچي. ان کانسواءِ اڪيلائيءَ ۾ ذهن کي اهو موقعو ملي ٿو ته هو مختلف ڄاڻ، معلومات ۽ خيالن کي هڪ ٻئي سان جوڙي ٿو ۽ انهن خيالن جي ميلاپ’ (Association) مان ئي نوان ۽ اڻ ڏٺل تصور جنم وٺن ٿا.

ان سان گڏوگڏ مزي واري ڳالهه ته هر ماڻهوءَ وٽ هڪ پنهنجو ‘اندروني آواز’ هوندو آهي، جيڪو سندس اصل تخليقي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. اڪيلائيءَ ۾ ئي اسين سماج جي دٻاءَ ۽ ٻين جي راءِ کان آزاد ٿي پنهنجي ان آواز کي صاف طور ٻڌي سگهون ٿا. اهو آواز ئي آهي جيڪو مصور کان نئون رنگ ۽ ليکڪ کان نئين ڪهاڻي پيدا ڪرائي ٿو.

سنڌ جو صوفياڻو فڪر ۽ خلوت جي روايت

شعوري اڪيلائيءَ جي تصور کي سمجهڻ لاءِ اسان کي سنڌ جي عظيم صوفياڻي فڪر ڏانهن ڏسڻ گهرجي. سنڌي صوفين ان اڪيلائيءَ کي ‘خلوت’ (Seclusion) يا ‘چلو’ (Chilla) جو نالو ڏنو آهي، جيڪا رڳو ذهني آرام نه پر روحاني ترقيءَ جو بنياد آهي. مثال طور جيئن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين صوفين جو فڪر اسان کي ٻڌائي ٿو ته حقيقي رب ۽ پنهنجي حقيقي ذات سان ملڻ لاءِ ٻاهرين دنيا کان ٿوري يا گهڻي دير لاءِ ناطو ٽوڙڻ ضروري آهي.

خلوت جو مقصد به اهو ئي آهي ته سالڪ (Seeker) پنهنجي اندر جي اونداهيءَ کي سڃاڻي، نفس کي ماري ۽ اهو معلوم ڪري ته هو حقيقي طور تي ڇا آهي. هيءَ اڪيلائي ان کي ٻاهرين سڀني رشتن ۽ وابستگين کان آزاد ڪري، صرف هڪ خالق سان ڳنڍي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ امن، عشق ۽ حڪمت (Wisdom) جي پيدائش ٿئي ٿي.

نه رڳو اهو پر صوفيءَ جي خلوت رڳو هڪ عادت نه پر هڪ سماجي ذميواري به هئي يا اڃا به آهي ته هو جڏهن اڪيلائيءَ مان واپس موٽندو هو ته وڌيڪ ذهني طاقت، اخلاقي گهرائي ۽ انساني همدردي سان ڀرپور هوندو هو.

اڪيلائي کي پنهنجي روزاني زندگيءَ جو حصو ڪيئن بڻجي؟

شعوري اڪيلائيءَ جي فن کي اختيار ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته انسان کي ڪنهن درگاهه تي وڃي ويهي چلا ڪٽڻا آهن پر ان جي ابتڙ اسين روزاني زندگي جي ننڍن حصن ۾ به اهو تجربو ڪري سگهون ٿا مثال طور روزانو صبح جو يا شام جو پندرهن منٽ موبائيل کان پري، خاموشيءَ ۾ ويهي پنهنجي اندروني سوچن، آوازن ۽ احساسن جو جائزو وٺون ۽ جيترو ٿي سگهي بغير موسيقي يا سوشل ميڊيا جي استعمال جي ڪو معمولي ڪم ڪيون. ان کان وڌيڪ ته پنهنجي ذات لاءِ ‘ڊجيٽل روزو’ رکون، جتي هفتي ۾ هڪ ڀيرو انٽرنيٽ جو استعمال بلڪل گهٽائي ڇڏيون. اهو فن زندگي ۾ توازن (Balance) پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. اسين تڏهن ئي بهتر ساٿي، بهتر ليڊر يا بهتر خالق ٿي سگهون ٿا، جڏهن اسين پنهنجي اندر جي دنيا سان گهرو ۽ گهاٽو رابطو رکون.

حاصل مقصد ته، شعوري اڪيلائي يا خلوت مايوسي ناهي، پر اها تخليقي قوت جي ماءُ آهي. اها هڪ اهڙي نفسياتي ٽيڪنڪ آهي جيڪا اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان جي سڀ کان گهري ۽ سچي دوستي اسان جي پنهنجي ذات سان هجڻ گهرجي. جيستائين اسين پنهنجي اندر جي گوڙ ۽ شور کي روڪي پنهنجي اندروني آواز کي نه ٻڌنداسين، تيستائين اسين رڳو ٻاهرين دنيا جي گهرجن تي ڊوڙندا رهنداسين. اها اڪيلائي اسان کي نه رڳو تخليقي طاقت ڏئي ٿي، پر زندگيءَ جي فيصلن ۾ صوفياڻي عقل (Wisdom) جي روشني به پيدا ڪري ٿي. ان ڪري هن اڪيلائي جي فن کي اختيار ڪرڻ، جديد دور جي هڪ وڏي گهرج آهي.

______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button