پاڪستان اسٽيل جي تباھي ۽ ملازمن جا وکري ويل خواب
اسٽيل مل جي بند ٿيڻ سان گڏ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي زندگي به بي روح ٿي وئي۔ پاڻي، بجلي، صفائي ۽ سيوريج جو نظام درهم برهم ٿي ويو
سامي ميمڻ
ڪراچيءَ جي اوڀر واري سامونڊي پاسي گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ڪنھن وقت پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن لاءِ اُميدن جا گھر سمجھيا ويندا هئا جتي روزگار، سھولتون ۽ سڪون گڏيل نعمتون هيون۔ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي بنياد سان گڏ ئي انهن علائقن جو بنياد وڌو ويو۔ اسٽيل ملز جو افتتاح 1985ع ۾ ٿيو، جتي لڳ ڀڳ 18 هزار ملازم ڪم ڪندا هئا۔ انتظاميا ۽ يونينز جي معاهدي تحت گلشن حديد کي مرحليوار ترقي ڏني وئي ۽ چوٿين فيز تائين هزارين خاندان آباد ٿيا پر وقت سان گڏ اها ترقي زوال ۾ بدلجي وئي۔ 1990ع کانپوءِ انتظامي نااهلي، سياسي مداخلت ۽ بدعنوانيءَ سبب ڪارخانو آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ويو۔ 2015ع تائين پيداوار مڪمل بند ٿي وئي، مشينون زنگ آلود ٿي ويون ۽ هزارين مزدور بيروزگار ڪيا ويا جيڪي پوءِ معاشي بحران جو شڪار بڻجي ويا.

اسٽيل ملز جي بند ٿيڻ سان گڏ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي زندگي به بي روح ٿي وئي۔ پاڻي، بجلي، صفائي ۽ سيوريج جو نظام درهم برهم ٿي ويو۔ گذريل اٺن سالن کان علائقي واسي پاڻيءَ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن۔ پاڻيءَ جي سرڪاري فراهمي بند ٿيڻ بعد ماڻهو زميني کارو پاڻي استعمال ڪرڻ يا مهانگي قيمت تي ٽينڪر وٺڻ تي مجبور آهن، جتي هڪ ٽينڪر جي قيمت 3500 کان 5000 رپين تائين پهچي وئي آهي۔ نتيجي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي زندگي معاشي ۽ ذهني پريشاني ۾ گذري رهي آهي.
ٽريڊ يونينز، جيڪي مزدورن جي حقن لاءِ آواز بڻجڻ گهرجن ها، اهي پاڻ سياسي اثر هيٺ اچي ڪمزور ٿي ويون۔ يونين اڳواڻن پنهنجي مفادن ۽ پارٽي لاڳاپن سبب مزدورن جي اصلي مسئلن تان ڌيان هٽائي ڇڏيو۔ احتجاج، ڌرڻا ۽ جلسا مقصد بدران سياست بازيءَ جو اوزار بڻجي ويا۔ نتيجي طور مزدورن ۾ مايوسي وڌندي وئي ۽ جدوجهد بي نتيجا رهجي وئي. سياسي پارٽين جو ڪردار به تڪراري رهيو۔

هر حڪومت پنهنجي دور ۾ اسٽيل ملز جي نجڪاري يا بحاليءَ جا واعدا ڪندي رهي، پر عملي قدم ڪنهن به نه کنيو۔ اقتدار کان ٻاهر ايندي ئي اهي ساڳيون پارٽيون مزدورن سان گڏ احتجاج ڪرڻ لڳيون۔ هي تضاد مزدورن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻيو.
اڄ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جون خالي گهٽيون، ، ڀڳل گهر، ۽ اجڙيل روڊ انساني المئي جي تصوير بڻيل آهن۔ بقايا جات، پينشن ۽ روزگار جي واعدن تي ڪنهن به عمل نه ڪيو. ڪيترائي ملازم صدمي سبب حياتي وڃائي چڪا آهن، ۽ جيڪي زنده آهن سي به بيمارين ۽ بيروزگاريءَ سان وڙهي رهيا آهن.
هاڻي ضروري آهي ته حڪومت اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ هڪ خودمختيار ڪميشن ٺاهي، سياسي مداخلت کان پاڪ انتظاميه مقرر ڪري، ۽ مزدورن جي بقايا ۽ پينشن جي ادائيگي فوري طور تي يقيني بڻائي۔ پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ نوان منصوبه بندي ٿيل نيٽ ورڪ تيار ڪيا وڃن۔اسٽيل ملز ۽ ان سان لاڳاپيل علائقا رڳو هڪ ڪارخاني يا ڪالونيءَ جي ڪهاڻي نه، پر قومي ادارن جي زوال، حڪومتي بي حسي ۽ مزدورن جي جدوجهد جو علامتي باب آهن۔ جيڪڏهن هاڻي به ايمانداريءَ سان قدم نه کنيا ويا، ته هي علائقا مڪمل طور “شهرِ خموشان” ۾ تبديل ٿي ويندا.
_____________

سامي ميمڻ ملير ڪراچيءَ جو صحافي آھي



