Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

حيدرآباد جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو گھوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪوٺايا ويا

سنڌ جي مشهور ديسي نسل سميت ڪاٺياواڙي نسل، هرزئي نسل ۽ بلوچستاني نسل جي لڳ ڀڳ 150 گھوڙن کي مقابلي ۾ آندو ويو ھو

حيدرآباد، سنڌ

حيدرآباد شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڇنڇر ڏينھن سنڌ حڪومت جي  راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي پاران گھوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا منعقد ڪيا ويا. 

مقابلن ۾ سنڌ جي مشهور ديسي نسل سميت ڪاٺياواڙي نسل، هرزئي نسل ۽ بلوچستاني نسل جي لڳ ڀڳ 150 گھوڙن شريڪ ڪئي، جڏهن ته مقابلا ڏسڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ شهري موجود ھئا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر مريم ڪيريو چيو ته حيدرآباد هڪ وڏو تاريخي  شهر آهي جتي مختلف سرگرميون ٿينديون رهنديون آهن پر گھوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منعقد ڪيا پيا وڃن.

هن ٻڌايو ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي  صوبائي وزيرِ سردار محمد بخش مهر جي خواهش آهي ته حيدرآباد ۾ اهڙيون مثبت سرگرميون ٿين، ان ئي سوچ تحت اهو فيصلو ڪيو ويو ته اهڙي سرگرمي جو آغاز ڪيو وڃي جيڪا اڳ ڪڏهن به نه ٿي هجي.

مريم ڪيريو وڌيڪ ٻڌايو ته انهن مقابلن ۾ وڏيرن کان وٺي عام شوقين ماڻهن جا گھوڙا به شامل آهن، جڏهن ته مختلف معزز شخصيتن ۽ اڳوڻن وزيرن جا گھوڙا پڻ مقابلي ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

ان موقعي تي سردار محمد بخش جوڻيجو چيو ته سنڌ ۾ روايتي راندين جو فروغ اسان جي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. حيدرآباد ۾ گھوڙن جي ڊوڙ جي مقابلي جو انعقاد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ جي نوجوانن ۾ ٽيلنٽ جي ڪا به کوٽ ناهي رڳو کين مناسب پليٽ فارم مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

بابر ڪيريو پنهنجي بيان ۾ چيو ته گھوڙن جي ڊوڙ صديون پراڻي راند آهي جيڪا سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو رهي آهي. اهڙا مقابلا نه رڳو نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪن ٿا پر شهر لاءِ خوشگوار ۽ صحتمند تفريح جو ذريعو پڻ بڻجن ٿا.

واضح رهي ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي اهتمام هيٺ ونٽر اسپورٽس فيسٽيول 2026 جي سلسلي ۾ سڀاڻي پڻ ڪوڏي ڪوڏي ۽ ونجھ وٽي جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان ٽيمون حصو وٺنديون. تقريب جي پڄاڻي تي منتظمين شهرين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ اهڙين سرگرمين ۾ شرڪت ڪن ۽ راندين جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔ (پريس رليز)

__________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button