Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: سماجي ۽ رت جي رشتن کي چئو! (آزاد نظم)

شاعر عزيز ڪنگراڻي

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ سترھن ڪتابن جو مصنف آھي

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

سماجي ۽ رت جي رشتن کي چئو!

سماجي ۽ رت جي،

رشتن کي چئو!

ڪٽر نفرتن جي،

ڇٽڻ ٻج بدران،

پنهنجي دلين جي،

اڱڻ تي محبت،

جي سُرهاڻ پوکيو،

اندر جي جِهَل کي،

روشن ڪرڻ لئہ،

ساڃھ جو هرپل ٻاريو ڏئو!

رشتن کي چئو!

حياتي جي ڍنڍ جي،

ڪناري تي ٻيڙِي،

جو جيڪو،

ڀريل پُور آ،

اهو ٻئي ڪناري،

اَوَس آهي وڃڻو،

بيهڻو نه آ،

سياڻا ٿئو!

رشتن کي چئو!

سرھ همتن جو،

رَوِش جي بگهڙ کان،

به ڊحڻو نه آ،

سفروقت جو پڻ،

رُڪڻو نه آ،

رُوح روئڻو نه آ،

هِردو هڄڻو نه آ،

ڪوبه ناهي ڀَئو!

رشتن کي چئو!

ڏکي ۽ سُکي ۾،

رَوَشُ جي زهر جو،

پيالو ڀريل پڻ پئڻ سان،

به جيءُ ٿو سگهان،

اڪيلو شهر مان،

ٿي ٿو سگهان،

مون ڪيو آ گهڻو،

جو ڪري ٿي سگهيس!

دعا هاڻ دل سان،

ڪري ٿو سگهان،

سدا مهڪندا رهو،

شال جُڳ جُڳ جئو!

سماجي ۽ رت جي،

رشتن کي چئو!!

________________

Aziz-Kingrani-TheAsiaN-1

عزيز ڪنگراڻي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button