Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھَر پَل مَٽنجندڙ مزاج: مُند جيئن مَٽجي وڃن ٿيون مُحبتون، چِلوِليون آهن، اڄوڪيون چَاهتون

انسان جو مزاج هڪ هنڌ بيهندڙ ناهي، اهو ھر لمحي تبديليءَ جي سفر مان گذرندو رهي ٿو۔ انسان احساسن جو قيدي به آهي۔ ڪڏهن خوشيءَ جي اوج تي، ته ڪڏهن اداسيءَ جي تري ۾، ڪڏهن اميدن جي روشنيءَ ۾، ته ڪڏهن نااميديءَ جي اونداهين ۾، مزاج جي اها لهر انسان کي هڪ اهڙي سامونڊي سفر ۾ رکي ٿي، جنهن جو ڪنارو ڪڏهن به مستقل نظر نٿو اچي۔

اڄ جي جديد دؤر ۾، جتي زندگي تيزيءَ سان ڊوڙي رهي آهي، اتي مزاجن جي تبديلي وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي۔ سوشل ميڊيا جا اثر، معاشي دٻاءُ، سماجي مقابلو ۽ ذاتي ناڪاميون، اهي سڀ عنصر انسان جي اندر هڪ اهڙي بيچيني پيدا ڪن ٿا، جيڪا سندس مزاج کي هر گهڙيء نئين رخ ڏانهن ڌِڪي ٿي۔ حقيقت ۾، هر انسان پنهنجي اندر هڪ الڳ ڪائنات رکي ٿو، جنهن ۾ احساسن جا هزارين رنگ آهن۔ انهن رنگن جو بدلجڻ ئي انسان کي زندهه رکندو آهي۔

حڪيم پريم چاندواڻي

جيئن آسمان تي برج پنهنجا رنگ، پنهنجا رستا ۽ پنهنجون حالتون بدلائيندا رهن ٿا، تيئن ئي انسان جو مزاج به هڪ هنڌ بيهندڙ ناهي، اهو به لمحي لمحي ۾ تبديليءَ جي سفر مان گذرندو رهي ٿو۔

انسان، جنهن کي شعور جو تاج ڏنو ويو آهي، ساڳئي وقت احساسن جو قيدي به آهي۔ ڪڏهن خوشيءَ جي اوج تي، ته ڪڏهن اداسيءَ جي تري ۾، ڪڏهن اميدن جي روشنيءَ ۾، ته ڪڏهن نااميديءَ جي اونداهين ۾، مزاج جي اها لهر انسان کي هڪ اهڙي سامونڊي سفر ۾ رکي ٿي، جنهن جو ڪنارو ڪڏهن به مستقل نظر نٿو اچي۔

اڄ جي جديد دؤر ۾، جتي زندگي تيزيءَ سان ڊوڙي رهي آهي، اتي مزاجن جي تبديلي وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي۔ سوشل ميڊيا جا اثر، معاشي دٻاءُ، سماجي مقابلو ۽ ذاتي ناڪاميون، اهي سڀ عنصر انسان جي اندر هڪ اهڙي بيچيني پيدا ڪن ٿا، جيڪا سندس مزاج کي هر گهڙيء نئين رخ ڏانهن ڌڪي ٿي۔ ماڻهو اڄ کلندي نظر ايندو آهي، ته سڀاڻي ساڳيو ماڻهو ڪنهن اڻ ڄاتل اداسيءَ ۾ گم نظر اچي ٿو۔

پر سوال اهو آهي ته ڇا مزاج جو بدلجڻ ڪمزوري آهي؟ يا اها انسان جي فطرت جو حصو آهي؟

حقيقت ۾، مزاجن جي تبديلي هڪ فطري عمل آهي۔ جيئن موسمون بدلجن ٿيون، سيارو، اونهارو، بهار ۽ سرءُ، تيئن انسان جي اندر به احساسن جون موسمون بدلجنديون رهن ٿيون۔ اصل مسئلو تبديليءَ ۾ ناهي، پر ان تبديليءَ کي سمجهڻ ۽ سنڀالڻ ۾ آهي۔

جيڪو انسان پنهنجي مزاج جي تبديليءَ کي سمجهي وٺي ٿو، اهو زندگيءَ جي ڪيترن ئي امتحانن ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو۔ ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته اداسي دائمي ناهي، ۽ خوشي به هميشه رهڻ واري ناهي۔ اها سمجھ انسان کي توازن سيکاري ٿي، اهو توازن، جيڪو زندگيءَ جي اصل خوبصورتي آهي۔ اسان جي سماج ۾، مزاج جي تبديليءَ کي اڪثر غلط سمجهيو ويندو آهي۔ ڪنهن کي موڊي چيو ويندو آهي، ته ڪنهن کي غير مستحڪم قرار ڏنو ويندو آهي۔ پر حقيقت ۾، هر انسان پنهنجي اندر هڪ الڳ ڪائنات رکي ٿو، جنهن ۾ احساسن جا هزارين رنگ آهن۔ انهن رنگن جو بدلجڻ ئي انسان کي زندهه رکندو آهي۔

اهو به سچ آهي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجن مزاجن کي ٻين لاءِ اذيت بڻائي ڇڏين ٿا۔ ڪاوڙ، حسد، نفرت ۽ خودغرضي جڏهن مزاج جو حصو بڻجن ٿا، ته اهي نه رڳو پاڻ کي، پر ٻين کي به متاثر ڪن ٿا۔ اهڙي حالت ۾، انسان کي پنهنجي اندر جهاتي پائڻ جي ضرورت هوندي آهي، پنهنجن احساسن کي سمجهڻ، انهن کي مثبت رخ ڏيڻ ۽ پاڻ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي۔

زندگيءَ جو حسن به ان ۾ ئي آهي ته انسان پنهنجي بدلجندڙ مزاجن سان گڏ پاڻ کي سڃاڻي۔ هر تبديلي هڪ پيغام کڻي ايندي آهي، ڪڏهن اهو پيغام صبر جو هوندو آهي، ته ڪڏهن شڪر جو، ڪڏهن خود احتسابيءَ جو، ته ڪڏهن نئين شروعات جو۔

اهو چئي سگهجي ٿو ته جيئن برج پنهنجي مدار ۾ رهندي به تبديل ٿين ٿا، تيئن انسان کي به پنهنجي اصولن تي قائم رهندي، پنهنجي مزاجن جي لهرن کي سمجهڻ گهرجي۔ ڇو ته جيڪو انسان پنهنجي اندر جي هن ڪائنات کي سمجهي وٺي ٿو، اهو نه رڳو پاڻ سان پر سڄي دنيا سان هم آهنگ ٿي وڃي ٿو۔

مزاجن جي تبديلي، دراصل زندگيءَ جي حرڪت آهي، ۽ حرڪت ئي زندگيءَ جي سڃاڻپ آهي۔

مُند جيئن مَٽجي وڃن ٿيون محبتون،

چِلوِليون آهن، اڄوڪيون چَاهتون۔

مندون اثر انداز ٿين  ٿيون،

تبديل مزاجن کي ڪن ٿيون۔

پل  ۾  تولو، پل  ۾  ماشو،

جيون جو آ، عجب تماشو۔

_______________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي ساعر ۽ ڪالم نگار اھي. ھُو سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button