Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: نيٺ جانڻ گُونگو ٿي ويو (مختصر ڪھاڻي)  

ھيءَ ڪھاڻي سماج جي کوٽن معيارن ۽ تلخ سچائين کي بيباڪيءَ سان وائکو ڪندڙ هڪ درويش صفت انسان ‘جانڻ’ جي آکاڻي آهي، جيڪو زماني جي بي حسيءَ کان تنگ اچي نيٺ خاموشيءَ جي اوٽ وٺي ٿو، پر قدرت کيس سچ پچ گونگو بڻائي ڇڏي ٿي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

نصير اعجاز

ڪافي ڏينھن ٿي ويا ھئا جانڻ مون سان ملڻ ڪونہ آيو ھو. جڏھن کان مان حادثي سبب معذور ٿي گھر ڀيڙو ٿيو آھيان تڏھن کان سواءِ جانڻ جي باقي سڀ سنگتي ساٿي منھن ڦيري ويا. ڪن ته فون تي ھيلو ھاءِ ڪرڻ به ڇڏي ڏني. جانڻ پراڻو ۽ سچو سنگتي آھي. ھُو نه رڳو فون ڪري خبر چار پيو وٺندو پر وقت ڪڍي ڀيرو ڪندو رھيو آهي، تنھنڪري سندس ايترا ڏينھن گُم ھجڻ تي ڳڻتي ھُيم. 

اھو ته توھان کي ٻڌايم ئي ڪونه ته جانڻ آھي ڪير. نالو ته جان محمد اٿس پر مان کيس جانڻ سڏيندو آهيان. فقيري طبيعت جو سادو ماڻھو. ڪڏھن ڪنھن لاءِ خراب ڪو نه سوچي. سڀني سان چڱو ھلي. سندس فقيري طبيعت جي نشاني ھڪ ڳانو آھي جيڪو سدائين سندس ڳلي ۾ پيل ھوندو آھي. کيس ڏسندي ئي پرائمريءَ ۾ پڙھيل بيت ”جانڻ پٽ جا ڳانا پاتا“ ياد ايندو اٿم ۽ انھيءَ ڪري منھنجي ذھن تي به ھن لاءِ جانڻ نالو ويھجي ويو آهي. کيس به انھيءَ تي ڪو اعتراض ڪونھي. شروع ۾ سوچيندو ھيس ته متان کيس ڪاوڙ لڳي، ڇو ته ڪاليجي زندگيءَ ۾ ھڪ دوست جمن کي جيمسن سڏيم ته ٻه ٽي ڏينھن برداشت ڪري نيٺ چئي ڏنائين ته يار مونکي غير مسلم نالي سان نه سڏ. اھو ڏينھن، وري کيس جيمسن ڪونه سڏيم.

جان محمد عرف جانڻ کي شابس هجي جو کيس نالو مٽجڻ تي ڪاوڙ ڪا نه لڳي. سچ  تہ مون ڪڏھن به کيس ڪنھن سان به ڪنھن ڳالھ تي ڪاوڙ ۾ ڳالھائيندي ڪو نه ڏٺو. جانڻ ته پنھنجي جھڳڙالو زال جا داٻا به کل خوشيءَ سان سھي پيو کلندو ھو. ھڪ ڀيري سندس گھر وڃڻ ٿيو ھو ته زالس ڪنھن ڳالھ تان وٺ ڪيس.اڳئي ڪا تَتي ويٺي ھيس. سندن آواز ٻاھر صاف ٻڌڻ ۾ پي آيا جتي در جي ٻاھران سندس انتظار ۾ بيٺو ھيس. فقيري طبيعت وارو جانڻ کلندي زال کي چئي رھيو ھو ته ھينئر ٿوري عزت رک. دوست وڃي ته پوءِ دل کولي بيعزتي ڪجانءِ. واپس اچي ھن پاڻ ئي وري کلندي اھا ڳالھ ٻڌائي ڇڏي.

جانڻ جا گفتا به دل ۾ پيھي وڃڻ جھڙا ھوندا ھئا. ڪنھن مھل معصوميت سان ڀريل ته ڪنھن مھل گنڀيرتا وارا جملا چئي ويندو. ڪڏھن سندس لفظ طنز سان ڀريل ھوندا تہ ڪڏھن اندر جي درد جي عڪاسي ڪندا. ھڪ ڏينھن چيائين:

“ڀاڳ ڀري ڏاڍي صبر واري آھي. مون جھڙي گھٽ پگھار واري سرڪاري نوڪر سان نباھ ڪيو ويٺي آهي. اھا به خبر اٿس ته مان اھڙو نڪمو آھيان جو ڪنھن مٿين ڪمائيءَ جو به ڪونه سوچيان.” زالس جو نالو ڀاڳل ھو، جنھن کي ھو ڀاڳ ڀري سڏيندو ھو. ان ڳالھ تي به ھو اڪثر مُرڪي چوندو ھو: قسمت مِلِيسِ به ته سندس نالي جي ابتڙ.

جانڻ کي اولاد ڪو نہ ھو. انھيءَ درد کي بہ ھُن لفظن ۾ لڪائي ڇڏيو ھو. چيو ھئائين، “شُڪر آهي ته پرڻي کي ايترا سال گذرئي به اسان جو اولاد ڪونه ٿيو. نه ته سوچ ھھڙي قھري مھانگ جي زماني ۾ اسان جي ڇا حالت ھجي ھا. ڀاڳ ڀريءَ کي شابس ڏجي نه. گھٽ پگھار ۾ گذارو ڪرڻ ۽ مٿان سڄي عمر بي اولاد عورت ھجڻ جي پيڙا. سندس ٿورو گھڻو ڦڏو ته جائز آهي نه.”

مان اولاد نه ھجڻ واري سندس ”شڪراني“ جي لفظ ۾ لِڪل درد کي محسوس ڪري رھيو ھيس پر ھن اھا ڳالھ ڏاڍي معصوميت سان چئي ڇڏي ھئي.

ھڪ ڏينھن اھڙي ڳالھ ڪيائين جو وڏا ٽھڪ به نڪري ويا پر سوچيم تہ سندس ڳالھ سماج جي وھم وسوسن ۽ عقيدن کي به وائکو ڪري ڇڏيو. پھريائين ته پنھنجي مٿي تي ھٿ گھمايائين ۽ پوءِ منھنجي مٿي ڏي اشارو ڪيائين. اسان ٻئي صفا گنجا ھئاسين. چيائين، “پراڻي چوڻي آھي ته گنجا ماڻھو ڀاڳ وارا ھوندا آھن. اسان جو ڪھڙو ڀاڳ آھي. اڄ ته مون پنھنجي آفيس ۾ ساٿي ملازم جي گنج تي ھٿ گھمائيندي کيس چيو ته تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آھين. ان ڳالھ تي ھُو ڪاوڙجي پيو. منھنجي ڀوڳ تي خوش ٿي کليو ڪونہ، ڪي سُتا سُور جاڳي پيس شايد.”

جانڻ کي دانشور، ڏاھي ۽ اھڙن ٻين لفظن تي چِڙ ھوندي ھئي. چوندو ھو : اسان جا ڏاھا اصل ۾ ڄاھا آھن. ھڪ خول ۾ بند. ڪا دانش آھي ئي ڪانه ته دانشور ڪيئن ٿيا. بس رڳو مارڪيٽنگ ڪري پنھنجو پاڻ کي وڪري وارو وکر ثابت ڪري رھيا آھن.  اِھي دانش وَرَ وَڪڙ آھن. ھر پاسي پُورا.

ھڪ ڏينھن ته ڪو ڀريو ويٺو ھو. ايندي ئي چيائين: يار، اھي دانش وَر وَڪڙ ۽ ڏاھا عرف ڄاھا اصل ۾ منسٽرس اِن ويٽنگ آھن. جڏھن اسٽئبلشمينٽ پنھنجي ئي مڙھيل ڪرپٽ حڪمرانن کي ٿُڏو ھڻي ڪڍندي ته انھن ڄاھن وَر وَڪڙن مان ڪِن کي نگران وزير بڻائيندي.

جانڻ چوندو ھو: پنھنجي مارڪيٽنگ ڪريو ۽ سنڌ جا دانشور بڻجي وڃو. يا ڪنھن ملڪي يا عالمي اين جي او جا پنج اٺ لک پگھار کڻندڙ عملدار بڻجو ته توھان کي ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي. توھان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھو توھان کي دانشور بڻائي ڇڏيندا.

”سنڌ ۾ رھندي ڀلي توھان کي ڪير کنگھي به ڪونہ، پر آمريڪا، انگلينڊ يا ڪنھن ٻئي يورپي ملڪ وڃي ڀلي ٽيڪسي ھلايو، نه رڳو توھان پاڻ ئي پاڻ کي مھان دانشور ۽ سنڌ وارن کان اُتم سمجھڻ لڳندو، پر سنڌ وارا به توھان کي افضل سمجھندا ۽ مائٽن سان ملڻ ڪڏھن سنڌ اچڻ ٿيندو ته ھتان جا ماڻھو توھان آڏو وڇائبا پيا، دعوتون ڏيندا ۽ فوٽو سيشن ٿيندا. اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ڄڻ ٻاھران آيل ماڻھو انھيءَ ملڪ جو ڪو اھم اڳواڻ ھجي جنھن سان ھتي دعوتون ڏيندڙن جا تمام ويجھا لاڳاپا آهن،“ ھُو ڳالھائيندو ھو ۽ مان ٻُڌندو رھندو ھيس.

جانڻ اين جي او سيڪٽر کي اھڙو شعبو سمجھندو ھو جنھن ۾ عوامي ڀلائي ٻُڙي، روزگار جو ذريعو وڌيڪ ھوندو آھي. پنھنجي مُشاھدي آڌار چوندو ھو، ”اين جي او جا سربراهه ڪروڙين ڪمائين ٿا ۽ باقي اسٽاف گھٽ پگھار تي گذارو ڪري ٿو.“  

صحافين جي کل لاھيندي بہ دير ڪونہ ڪندو ھو. نھايت ماٺيڻي انداز ۾ چوندو ھو، ”بيباڪ صحافي… نئين وصف: اھو صحافي جيڪو سماج جي ٿُڪ لعنت جي پرواھ ڪرڻ بنا نڪ جي پڪائيءَ سان ھر طريقي سان مال ڪمائي، ڳُجھن ادارن، ڪامورن، حڪمرانن ۽ سياستدانن جو ڳيجھُو ٿي ھلي ۽ چاپلوسي ڪري.“

سندس ڳالھيون ٻُڌي ڪڏھن ڪڏھن مونکي ڊپ لڳندو ھو. ھڪ ڏينھن آيو تہ نئين ڳالھ ڪيائين. ”ماڻھو طبقاتي نظام جا ايترا ته عادي ٿي ويا آهن جو ڪنھن فوت ٿيل شخص لاءِ دعا گهرندا ته چوندا ته الله مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي يا درجات بلند ڪري. ڀلا جنت ۾ به طبقا ھوندا آھن ڇا. اتي ته سڀ برابر ھوندا يا اتي به اڻبرابري ھوندي. ڪي محل ماڙين ۾ رھندا ته ڪي ڪوارٽرن ۾. ايئن لڳندو آهي ڄڻ دعا ڪندڙ پاڻ جنت گھمي آيا ھجن.“  

ھڪ ڀيري  مون سمجھايس تہ جانڻ تون غريب ۽ فقيري طبيعت جو ماڻھو آھين پر تنھنجا گفتا ماڻنھن کي مڇرائي ڇڏيندا. ٿورو خيال ڪر. مون وٽ اچي ڀلي پنھنجو ھانءُ ھلڪو ڪر، پر ٻاھر جنھن تنھن آڏو نہ ڳالھائيندو ڪر.

چيائين: ”مونکي دل ۽ دماغ ۾ جيڪا ڳالھ ھوندي آھي، چئي ڏيندو آھيان. اھو نه سوچيندو آهيان ته ڪنھن کي اھا ڳالھ وڻي ٿي يا نه. ان ۾ منھنجي ڪا بدنيتي ڪانه ھوندي آھي. “

آخري ڀيرو جڏھن جانڻ جو اچڻ ٿيو تہ سندس مُنھن تي ڏُک ۽ مايوسيءَ جا آثار نظر آيا. اچڻ شرط چيائين، ”تون صحيح چوندو آھين. ھاڻي محسوس ٿئي ٿو تہ ھر ڳالھ چئي ڏيڻ ڪا چڱي عادت ناھي.“

پڇيومانس: ”ڪنھن توکي ڪجھ چيو آهي ڇا.“

چيائين: ”چوڻ کان گھڻو ڪجھ وڌيڪ ٿي چڪو آهي.“

سندس آواز ۾ ڏُک ھو. چيائين: ”ھاڻ گونگو ٿيڻ جو فيصلو ڪيو اٿم. مان نه انڌو آھيان ۽ نه ٻوڙو. حواس به خطا ناھن. سمجھان به سڀ ڪجھ ٿو. بس پنھنجي پڳ بچائڻ لاءِ گونگو ٿيڻ بھتر آھي.“

درد ڀري کِل کلندي ڳالھ جاري رکيائين: ”امر جليل جي ڪھاڻي ته پڙھي ھوندئي ”نيٺ گونگي ڳالھايو“. مان انھيءَ جي ابتڙ نيٺ گونگو ٿي ويندس.“  

ھُو ڪجھ دير ماٺ ڪري ڪنڌ جھڪائي ويٺو رھيو ۽ پوءِ موڪلائي ھليو ويو. مونکي اندازو ٿي ويو ته اڄ ھن معصوم انسان جي دل ڀور ڀور ٿي وئي آهي. فقير منش ماڻھوءَ جي ڪنھن ايتري بيعزتي ڪئي ھئي جو مٿس چُپ سوار ٿي وئي ھئي.

اھا اسان جي آخري ملاقات ھئي. خبر ڪانه ھئي ته مون وٽ نه اچڻ جو ڪارڻ ڪھڙو ھو. نيٺ کيس فون ڪيم. فون سندس گھرواريءَ کنئي. مون کان دانھن نڪري وئي جڏھن ٻڌايائين ته ھُو بستري داخل آھي. مٿس اوچتو اڌرنگي جو حملو ٿيو ھو. ”اسپتالن جا خرچ ڀري نٿا سگھون تنھنڪري گھر تي وس آهر علاج ڪرائي رھيا آھيون.“

”جان محمد جي مُنھن تي اڌرنگي جو اثر ٿيو آھي جنھنڪري ھُو ذرو به ڳالھائي نٿو سگھي،“ ھُن ٻڌايو.

منھنجي چوڻ تي ڀاڳل ڀاڄائيءَ ميڊيڪل رپورٽن جا فوٽو ڪڍي موڪليا. مون کان ڇرڪ نڪري ويا جڏھن رپورٽن ۾ پڙھيم ته فيشل پيرالسز جي ڪري جانڻ جي ووڪل ڪارڊز جون نسون سخت متاثر ٿيون آهن جنھن ڪري ھو صحيح طرح ڳالھائي نہ سگھندو.  علاج تہ ممڪن ھو، پر علاج جو خرچ ڳاٽي ڀڳو.

جانڻ ڄڻ تہ سچ ۾ گُونگو ٿي چڪو ھو. گھٽ ۾ گھٽ ايستائين، جيستائين سندس صحيح علاج نہ ٿئي.

_________________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button