”عالمي ادب ۾ ڪُتي جو ذڪر“ : ھڪ منفرد ڪتاب جو جائزو
ھيءُ ڪتاب قُرآن ۽ حديث، اصحابن، عالمن ۽ مفڪرن جي قولن، پھاڪن، چوڻين، شاعري ۽ ڪھاڻين جي آڌار ھڪ تحقيقي مقالو آھي
لاڙڪاڻي واسي ليکڪ اختر شاد سومري جي ھن ڪتاب ۾ ڀٽائي، سچل، سامي، طالب المولي، شيخ اياز ۽ ڪجھ ٻين شاعرن جي شاعري بہ شامل آھي جن ۾ ڪُتي جو ذڪر ٿيل آھي
تبصرو
لاڙڪاڻي واسي ليکڪ اختر شاد سومري جو ڪتاب ”عالمي ادب ۾ ڪُتي جو ذڪر“ تازو ئي ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. پروفيسر اختر شاد علمي ۽ ادبي لحاظ کان لاڙڪاڻي جو ھڪ متحرڪ ڪردار آھي. ھن کان اڳ سندس ٽي ڪتاب ”سڄڻ ياد پيام“، ”اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنھنجا ساريا“ ۽ ”ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ شائع ٿي چُڪا آھن. سندس ھيءُ ڪتاب موضوع جي حساب سان نھايت منفرد آھي ڇو تہ ھن مھل تائين ڪنھن بہ ليکڪ ڪُتي جي موضوع تي اھڙو ڪتاب ڪونہ لکيو آھي.
ھڪ سئو ڇويھ صفحن تي مشتمل ھيءُ ڪتاب قُرآن ۽ حديث، اصحابن، عالمن ۽ مفڪرن جي قولن، پھاڪن، چوڻين، شاعري ۽ ڪھاڻين جي آڌار لکيل ھڪ تحقيقي مقالو آھي، جنھن جو مُھاڳ عزيز قاسماڻيءَ لکيو آھي.

ليکڪ پنھنجي ڪتاب جي شروعات حضرت آدم جي پيدائشي عمل سان ڪئي آھي جنھن ۾ آدم کي خلقڻ لاءِ ڌرتيءَ تان مٽي کڻي اچڻ خاطر ملائڪن کي موڪلڻ جو ذڪر ڪندي ھُو لکي ٿو تہ اللہ جي حڪم تي عزرائيل ڌرتيءَ جي مختلف ھنڌن تان مٽيءَ جا نمونا کڻي آيو، جن مان چئن نمونن جي چونڊ ڪري آدم جو سٺ ھٿ ڊگھو بوتو ٺاھيو ويو، جيڪو چاليھ سال نعمان واديءَ ۾ پيو رھيو. ملائڪ ايندي ويندي اُن کي پيا ڏسندا ھئا. اڳتي ھلي ان بُت ۾ روح داخل ڪيو ويو. ڪتاب ۾ اھو سمورو داستان ڏيڻ جو مقصد اھو ٻُڌائڻ آھي تہ ڪُتي جو جنم ڪيئن ٿيو. ليکڪ ڪجھ ڪتابن جا حوالا ڏيندي لکي ٿو تہ ھڪ ڏينھن عزازيل يعني شيطان اُتان لنگھندي ڪاوڙ ۾ آدم جي دُن واري ھنڌ ٿُڪ وھائي ڪڍي، جنھن تي اللہ ملائڪن کي حڪم ڪيو تہ انھيءَ ھنڌ تان مٽي ڪوري ڪڍو ۽ انھيءَ مان ڪُتو ٺاھيو. سو، اھڙي طرح ڪتي کي خلقيو ويو ۽ انھيءَ بنياد تي ڪُتي ۽ انسان جا دوستيءَ وارا لاڳاپا قائم ٿيا.
ڪتاب جي ھڪ حصي ۾ ڪُتي جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪرڻ سان گڏ خواب ۾ ڪُتي کي ڏسڻ جون تعبيرون بہ ٻُڌايون ويون آھن. ڪتاب جي ھڪ حصي ۾ تہ نَر ۽ ماديءَ (ڪُتي) جي بالغ ٿيڻ جون علامتون، ڪُتي جو لَڳ ڪرڻ، ڪُتي جي ڇِتو ٿيڻ جا سبب ۽ ڪُتي ھٿان چڪجڻ تي ماڻھن جون ڪيفيتون ٻُڌايون ويون آھن.
ھڪ ٻئي باب ۾ ڪُتي جي نسل جي ٻين جانورن جو ذڪر ڪيو ويو آھي جن ۾ گدڙ، لُومڙي ۽ بگھڙ شامل آھن. بگھڙ جي ڄم جو طريقو بہ بيان ڪيل آھي. ڪتاب جي پنجين باب ۾ قُرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ ڪُتي جي ذڪر جو احوال ڏيڻ سان گڏ اھو بہ ٻُڌايو ويو آھي تہ حضرت ابراھيم ڪيئن ڪُتا پاليا ۽ انھن کان چوڪيداريءَ جو ڪم ورتو. ساڳي طرح حضرت نوح بہ پنھنجي ٻيڙيءَ جي چوڪيداريءَ لاءِ ڪُتا پاليا ھئا.
باب ڇھون اصحاب ڪھف ۾ ڪُتي جي قصي، جانورن جي ٻولين جا قصا، مختلف مسلمان بُزرگن جا ڪُتي بابت ويچار، سنڌ ۾ ڪُتي جي قبر جو قصو، چيتي ۽ ڪتي وچ ۾ گفتگو ۽ اھڙن ٻين قصن تي مشتمل آھي. ستين باب ۾ مفڪرن ۽ عالمن جا قول، پرڏيھي پھاڪا، سنڌ جي ٿر، لاڙ، سرو ۽ اُتر وارن علائقن جا پھاڪا جن ۾ ڪُتي جو ذڪر آھي، بيان ڪيل آھن.
ڪتاب جو اٺون ۽ آخري باب سنڌي شاعريءَ ۾ ڪُتي جي ذڪر جي حوالي سان آھي جنھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، حمل فقير، مخدوم طالب المولي، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جي سوانح ۽ سندن اھڙي شاعريءَ مان چونڊ نظم ڏنل آھن جن ۾ ڪُتي جو لفظ استعمال ڪيل آھي. ڪجھ متفرق بيت پڻ ڏنا ويا آھن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ پنجھٺ کان وڌيڪ مددي ڪتابن جا نالا ڏنا ويا آھن.
ھت ڪجھ شاعرن جي نظمن جون ڪي سِٽون ڏجن ٿيون:
ھَو ڏيھ تي ڏُڪار ڏُکن جو،
گھر گھاٽ ۾ سُرٻاٽ سُکن جو
پولار ۾ پرواز ڳِجُھن جا
بازار ۾ آواز ڪُتن جا. (اُستاد بخاري)
***
تو جي پيار سان پاليا ھِن
سي ڪُتا مون تي ڀونڪيا آھن (نامعلوم)
***
اَي خدا!
مون کي ڇِتي جي ڪاٽ کان
بچاءِ!
ڇو تہ
ڇتي ڪُتي جو ڪاٽيل
ٻين کي ڪاٽيندو آھي. (شيخ اياز)
***
ڪُتو ڪُتو نہ چئو، ڪُتي وڏو ڪم
نمڪ ملھائي نياز سان، ڏئي ھڏ ۽ چم (طالب المولي)
_____________
(تبصرو ڪندڙ: نصير اعجاز)