Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

زندگيءَ جي حفاظت جي مهارت: ترڻ جي تعليم ۽ سکيا سنڌ لاءِ لازمي ڇو؟

سويڊن ، ڪئناڊا  ۽ آسٽريليا جهڙن ترقي يافته ملڪن ۾ ترڻ صرف تفريح نه پر تعليمي نصاب جو لازمي حصو آهي. اتي ماءُ پيءُ پنهنجن ٻارن کي ڪنهن ٻيءَ مهارت کان اڳ، زندگي بچائڻ جي مهارت سيکارڻ تي وڏو ڌيان ڏين ٿا

سويڊن ۽ ٻيا ترقي يافته ملڪ ترڻ کي هڪ قومي حفاظتي مهارت سمجهن ٿا. سنڌ ۾ واھن، ڍنڍن  ڍورن ۽ ٻوڏن جي خطري جي ڪري، ماڻھن کي ترڻ جي تعليم ۽ سکيا ڏيڻ جي سخت گھرج آهي.

ترڻ جي مهارت کي واڌارو ڏيڻ سان، اسان نه رڳو پنهنجن ماڻهن کي حادثاتي موت کان بچائي سگهنداسين، پر انهن کي هڪ صحتمند ۽ مڪمل زندگي گذارڻ جا موقعا به فراهم ڪنداسين

عبدالله عثمان مورائي

پاڻيءَ جي وچ ۾ پر ترڻ کان محروم

اسٽاڪهولم ۾ ڪافي دوستن کان اهو ٻڌڻ ۾ ملندو آهي ته پاڻ هن ڏينهن تي نه پر هن ڏينهن تي ملنداسين ڇو ته سندن ننڍڙي ڇوڪري يا ننڍڙي ڇوڪر جو ترڻ جو ڪلاس هوندو آهي جتي شايد مائٽن کي به انهن سان گڏ وڃڻو پوندو آهي.

سنڌ، جنهن جي نس نس ۽ رڳ رڳ ۾ سنڌو درياهه جوپاڻي وهي ٿو، جيڪا عربي سمنڊ جي ساحلن سان ڳنڍيل آهي، ۽ جنهن جي علائقن ۾ هر سال وڏيون ٻوڏون اچن ٿيون، ان علائقي ۾ ترڻ جي مهارت کي رڳو هڪ شوق سمجهيو وڃي ٿو، نه ڪي بنيادي زندگيءَ جي مهارت (Essential Life Skill) . اها هڪ انتهائي افسوسناڪ حقيقت آهي ته جتي اسان جو هر ٻيو شهر يا ڳوٺ پاڻيءَ جي ذريعن (درياهه، ڍنڍن، واهن يا سمنڊ) جي ويجهو آهي، اتي اسان جا اڪثر ٻار ۽ نوجوان ترڻ جي فن کان مڪمل طور تي اڻ واقف آهن.

ٻئي پاسي، سويڊن ، ڪئناڊا  ۽ آسٽريليا جهڙن ترقي يافته ملڪن ۾ ترڻ صرف تفريح نه پر تعليمي نصاب جو لازمي حصو آهي. اتي ماءُ پيءُ پنهنجن ٻارن کي ڪنهن ٻيءَ مهارت کان اڳ، زندگي بچائڻ جي مهارت سيکارڻ تي وڏو ڌيان ڏين ٿا. سويڊن ۾، اڪثر اسڪولن ۾ ترڻ جي جاچ (Swimming Test) ۾ ناڪام ٿيندڙ شاگرد کي بنيادي تعليم ۾ پوئتي سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اتي ترڻ کي شخصي سلامتيءَ (Personal Safety) جو بنيادي شرط سمجهيو وڃي ٿو.

هي وقت آهي ته سنڌ حڪومت ۽ والدين هن سوچ کي تبديل ڪن. ٻوڏن ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ سبب ٿيندڙ موت جا المناڪ واقعا سنڌ جي روزاني جي خبرن جو حصو آهن. ترڻ جي مهارت کي لازمي قرار ڏيڻ هاڻي رڳو هڪ سفارش نه پر قومي ۽ سماجي ضرورت آهي.

عالمي مثال: سويڊن ۾ ترڻ جي تربيت (The Swedish Model)

سويڊن، جنهن جي ڊگھي سامونڊي پٽي آهي ۽ هتي هزارين ڍنڍون آهن، اتي ترڻ هڪ قومي روايت آهي. تعليمي نظام اندر ترڻ کي بنيادي سکيا طور شامل ڪرڻ جا مضبوط سبب آهن. ترڻ جي قابليت (Simkunnighet) کي لازمي شرط بڻايو ويو آهي جنهن ۾ سويڊش اسڪولن ۾، ڇهين درجي (Grade 6) جي هر شاگرد لاءِ هڪ رسمي ترڻ جو امتحان پاس ڪرڻ ضروري آهي. هي امتحان صرف پاڻيءَ ۾ هٿ پير هڻڻ تائين محدود ناهي، پر ان ۾ ڪجهه صلاحيتون شامل آهن جنهن ۾ هر شاگرد کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه سئو ميٽر ترڻ اچي جنهن جو بنيادي مقصد اهو ثابت ڪرڻ آهي ته ترڻ جي صلاحيت ايتري آهي جو هنگامي حالت ۾ به هوپاڻ کي بچائي سگهي.

ان سان گڏوگڏ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ميٽر پٺيءَ تي ترڻ به شامل هجي ٿو ته جيئن ترڻ دوران ماڻهو ساهي پٽي ۽ ساهه کڻڻ ۾ سولائي ٿئي. مزي واري ڳالهه ته ان ۾ رڳو مٿاڇري تي ترڻ کان سواء پاڻيءَ هيٺ ترڻ به شامل هجي ٿو ته جيئن هنگامي حالتن ۾ هو پاڻيءَ هيٺان پڻ رستو ڳولهي سگهي.

جيڪو شاگرد هي امتحان پاس نٿو ڪري، ان کي اسڪول طرفان اضافي تربيت (Extra Training) ڏني ويندي آهي. سويڊن جو يقين آهي ته جيستائين توهان ترڻ نه ٿا سکو، اوستائين توهان پنهنجي ماحول ۾ مڪمل طور تي محفوظ نه آهيو.

حفاظت لاء پهريون قدم

سويڊن سميت ٻين ترقي يافته ملڪن ۽ قومن ۾، ماڻهو تفريح لاءِ يا ڪم ڪار لاءِ جهازن، ٻيڙين، ۽ پاڻيءَ واريون سرگرميون گهڻو استعمال ڪن ٿا. حڪومتن ترڻ کي پابنديء سان سيکاري حقيقت ۾ پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ سبب ٿيندڙ حادثاتي موتن جي شرح کي انتهائي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. انهن ملڪن ۾ ترڻ جي سکيا هڪ قسم جي انشورنس آهي.

 ترقي پذير ملڪن جي ذميواري

جيڪڏهن سويڊن جهڙو ٿڌو ملڪ، جتي پاڻيءَ جو خطرو گهٽ آهي، ترڻ کي لازمي قرار ڏئي ٿو، ته سنڌ جهڙو گرم علائقو، جتي پاڻي جو وسيع نظام ۽ هر سال تباھ ڪندڙ ٻوڏون اينديون آهن، اتي ته ترڻ سيکارڻ کي قومي ترجيح هجڻ گهرجي.

سنڌ ۾ ترڻ جي تعليم ۽ سکيا جي فوري ضرورت جا سبب

سنڌ ۾ ترڻ جي اهميت کي شوق جي دائري مان ڪڍي قومي مسئلي طور ڏسڻ گهرجي. ان جا سبب هي آهن.

ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون

سنڌ کي هر سال مون سون ۽ درياهن جي وڌيل پاڻيءَ جي ڪري شديد ٻوڏن جو خطرو آهي. 2010 ۽ 2011 جي تباهه ڪندڙ ٻوڏون يا 2022 جي ٻوڏ شاهدي ڏين ٿا ته اسان جا ڪيترا بي گناهه ماڻهو جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، رڳو ان ڪري ٻڏي ويا، جو کين ترڻ جي سادي مهارت به نه ٿي آئي. جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو ترڻ ڄاڻندو ته هنگامي حالتن ۾ پنهنجي جان بچائڻ سان گڏوگڏ ان جي ٻين جي مدد ڪرڻ جي صلاحيت پڻ وڌي ويندي.

سمنڊ ۽ درياهه سان گهرو تعلق

سنڌو درياهه، ڍنڍون (مثال طور ڪينجهر ۽ منڇر)، ۽ عربي سمنڊ سنڌ جي ماڻهن جي زندگي جو حصو آهن. مڇي مارڻ ، آبپاشي ۽ عام زندگي گذارڻ لاءِ ماڻهن کي مسلسل پاڻيءَ جي ويجهو رهڻو پوي ٿو. ترڻ نه ڄاڻڻ سڌو سنئون اهڙن ماڻهن جي زندگين کي خطرن ۾ وجهي ٿو جيڪي پنهنجي معاشي ضرورتن جي ڪري پاڻيءَ کان پري نٿا رهي سگهن.

ترڻ جي ڪري صحت ۽ فٽنيس جا فائدا

ترڻ کي دنيا ۾ بهترين جسماني ورزش سمجهيو وڃي ٿو جيڪا گڏيل طور تي جسم جي سمورن عضون کي مضبوط ڪري ٿي ۽ وزن گهٽائي ٿي ۽ دل جي صحت کي بهتر بڻائي ٿي. سنڌ ۾، جتي تفريحي ۽ صحتمند سرگرمين جي کوٽ آهي، اتي ترڻ جي سهولت ۽ سکيا عام ماڻهن کي صحت مند زندگي ڏيئي سگهي ٿي.

سنڌ ۾ ترڻ جي تعليم کي واڌاري ڏيڻ جا عملي طريقا

ترڻ جي تعليم کي واڌاري ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ لاء سنڌ جي تعليم کاتي کي گهرجي ته ترڻ کي اسڪولي نصاب ۾  شامل ڪري ڇهين کان ڏهين درجي تائين لازمي مضمون طور شامل ڪري. ترڻ جي بنيادي مهارت کي ڪاليج يا يونيورسٽي جي داخلا لاءِ به هڪ ننڍو شرط بڻائي سگهجي ٿو ته جيئن نوجوان ان کي سنجيده وٺن.

سنڌ ۾، خاص ڪري ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۽ وڏن ڳوٺن يا شهرن ۾، سادا ۽ سستا ترڻ جا تلاءُ (Low-cost Swimming Pools) ٺاهيا وڃن جيڪي عوامي پهچ ۾ هجن. ان سان گڏوگڏ استعمال ۾ نه ايندڙ دريائي واهن يا ڍنڍن جي محفوظ حصن کي تربيتي مرڪزن ۾ تبديل ڪري ماهر مقامي تارن يا غوطي خورن کي ترڻ جا انسٽرڪٽر يا استادن کي وڌيڪ تربيت ڏيئي ڪم تي لڳايو وڃي.

انهن سڀني کان اهم ڳالهه ته عوامي آگاهي لاء مهم هلائي وڃي جيڪا ميڊيا ۽ مقامي اڳواڻن جي مدد سان عوام تائين پهچائي وڃي ته ترڻ سکڻ ڪنهن به طرح سماجي يا مذهبي پابندين جي خلاف ناهي، پر حقيقت ۾ زندگي بچائڻ جو ذريعو آهي. ان سان گڏوگڏ والدين کي ترغيب ڏني وڃي ته اهي مناسب ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪري پنهنجن ڌيئرن ۽ پٽن ٻنهي کي ترڻ سيکارين.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته سويڊن ۽ ٻيا ترقي يافته ملڪ ترڻ کي هڪ قومي حفاظتي مهارت سمجهن ٿا. سنڌ، پنهنجي پاڻي ۽ ٻوڏن جي خطري جي ڪري، ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ترڻ جي تعليم ۽ سکيا جي حقدار آهي. ترڻ جي مهارت کي واڌارو ڏيڻ سان، اسان نه رڳو پنهنجن ماڻهن کي حادثاتي موت کان بچائي سگهنداسين، پر انهن کي هڪ صحتمند ۽ مڪمل زندگي گذارڻ جا موقعا به فراهم ڪنداسين. اڄ وقت جي گهرج آهي ته اسان جي سڄي قوم، خاص ڪري سنڌ، اهو سبق سچي دل سان قبول ڪري ته: پاڻيءَ کان ڊڄڻ نه پر پاڻيءَ جي اصولن کي سکڻ ئي عقلمندي آهي.

_____________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button