ترقي پسند ادب ۽ قومي ٻولين جي واڌاري لاءِ گڏيل جدوجهد جو عزم
ڪراچيءَ ۾ سنگت اڪيڊمي ۽ پروگريسو رائيٽرز ايسوسيئيشن جي نمائندن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن ۾ ترقي پسند ادب، انساني حقن ۽ قومي ٻولين جي واڌاري لاءِ باھمي سھڪار کي وقت جي اھم ضرورت قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ ليکڪن جي حقن جي تحفظ، گڏيل تحقيقي منصوبن، ادبي ڪئلينڊر جي جوڙجڪ ۽ ايندڙ ڇهن مهينن لاءِ جامع ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو.

ڪراچي
سنگت اڪيڊمي آف سائنسز ۽ پروگريسو رائيٽرز ايسوسيئيشن جي وچ ۾ ڪراچيءَ ۾ اربع پنجين آگسٽ تي هڪ اهم گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنگت اڪيڊميءَ جي نمائندگي ڪندي ڊاڪٽر شاهه محمد مري، انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو ۽ انجمن ڪراچيءَ جي جنرل سيڪريٽري نعيم شيخ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ترقي پسند ادب، جمهوري قدرن، انساني حقن، قومي ٻولين جي واڌاري، اظهار جي آزادي ۽ اهلِ قلم جي حقن جي تحفظ لاءِ باهمي سهڪار کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي ٻنهي تنظيمن گڏيل جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
اجلاس ۾ اتفاقِ راءِ سان ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، جن موجب ٻئي تنظيمون گڏيل ادبي، فڪري ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏينديون، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي درپيش مسئلن تي گڏيل موقف اختيار ڪنديون ۽ ضرورت پوڻ تي گڏيل بيان، نمائندگي ۽ احتجاجي سرگرمين وسيلي مؤثر آواز اٿارينديون.
اجلاس ۾ سنڌي، بلوچي، براهوي، پشتو، اردو ۽ ٻين قومي ٻولين جي واڌاري، هڪ ٻئي جي ٻولين ۾ ترجمن، اشاعتي ۽ تحقيقي منصوبن تي گڏيل ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ان کان علاوه عورتن جي حقن، جمهوريت، اظهار جي آزادي، انساني حقن، امن ۽ ثقافتي گهڻ رُخائپ بابت گڏيل سيمينار، فڪري مذاڪرا ۽ عوامي پروگرام منعقد ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

شرڪت ڪندڙن سامراج دشمن، ترقي پسند ۽ عوام دوست ادب جي تخليق ۽ اشاعت کي فروغ ڏيڻ، مزدورن، هارين، عورتن، نوجوانن ۽ ٻين محروم طبقن جي مسئلن تي تخليقي ادب جي همٿ افزائي ڪرڻ، ۽ نوجوان ليکڪن، شاعرن ۽ محققن جي تربيت لاءِ گڏيل ورڪشاپون، مطالعاتي حلقا، ادبي ڪيمپ ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
اجلاس ۾ هر سال گڏيل ادبي ۽ ثقافتي ڪئلينڊر تيار ڪرڻ، مختلف ٻولين جي اديبن ۽ دانشورن وچ ۾ لاڳاپن ۽ فڪري مڪالمن کي هٿي ڏيڻ، ۽ تنظيمي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ باهمي نمائندگي جو نظام قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سنگت ايڪڊمي طرفان سنگت اڪيڊمي جي سربراهه ۽ نائب سربراهه کي پروگريسو رائيٽرز ايسوسيئيشن جي سينٽرل ڪميٽي ۾ نان ووٽنگ ميمبر، جڏهن ته پروگريسو رائيٽرز ايسوسيئيشن پنهنجي طرفان ٻن نمائندن کي سنگت جي سينٽرل ڪميٽي ۾ نان ووٽنگ ميمبر نامزد ڪندي.
اجلاس ۾ ٻنهي تنظيمن وچ ۾ مستقل رابطي لاءِ گڏيل رابطا ڪميٽي ۽ واٽس ايپ گروپ قائم ڪرڻ، اهم قومي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي معاملن تي باقاعده صلاح مشورا ڪرڻ ۽ گڏيل اعلاميا جاري ڪرڻ، هڪ ٻئي جي رسالن، جرائد، ويب سائيٽن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي سرگرمين کي نمايان ڪرڻ، وفدن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ ڇهن مهينن لاءِ گڏيل ايڪشن پلان تيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي تنظيمن جي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو ترقي پسند ادب، جمهوري قدرن، انساني حقن، قومي ٻولين جي واڌاري ۽ عوام دوست ثقافتي سرگرمين لاءِ گڏيل جدوجهد کي وڌيڪ منظم، اثرائتي ۽ نتيجه خيز انداز ۾ جاري رکندا. آخر ۾ ميزبان تنظيم جا ٿورا مڃيا ويا ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته هي گڏيل سهڪار مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط، اثرائتو ۽ فائديمند ثابت ٿيندو. (پريس رليز)
____________



