مير محمد پيرزادو: اُتر، وچولي ۽ لاڙ جي ٻوليءَ جو مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ شاعر
ادبي سنگت ۾ مير محمد پيرزادي جو زور هيو ته تخليقي شيون هجن، نعريبازي نه هجي. هُو چوندو هيو ته جڏهن مُلڪن تي دشمن حملا ڪندا آهن ته شاعر پنهنجي شعرَن ۾ پنهنجي ديس جي حُسن جي ساراهه ڪندا آهن

رحمت پيرزادو
انهن ڏينهن ۾ مان ڪافي ڪلام هجي يا غزل هجي، اُن جو رڳو راڳ ئي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ هوندو هيس، بس استاد منظور علي خان جا ڪلام ٻڌندا هئاسين ته بيت جي شاعري سمجھندو هيس، بابا ڪوهياريءَ ۽ ڀيروينءَ جا بيت (جيڪي شاهه لطيف جي مارويءَ مان اڪثر هوندا هيا) ٻڌندو هيو ته روئندو هيو. منهنجون به اکيون آليون ٿي وينديون هيون:
پرههَ ڦُٽندي فال، وڌم ويڙهيچن لئه،
وُٺڙا مينهن ملير تي، مارُن ڪاهيا مالَ،
حيف منهنجي حال، جو مُند ساريو نا مران. (شاهه)
سسئيءَ جي داستان مان ڪوهياريءَ جي ڪلام ۾ استاد منظور اڪثر اِهو بيت ڳائيندو هيو ته:
گھوڙَن هنيون گھڻيون، ڪنواٽَن آنءُ ڪُٺي،
نه ڪي ڳالهايم هوت سين، نه ڪا آنءُ رُٺي،
مَٿي بَرَ بُٺي، سانگياڻيءَ جي سيد چئي. (شاهه)
ڪافي ڪلام جا ٻول ته مان ٻڌندو ئي نه هيس رڳو راڳ ڏي ڌيان هوندو هيو. بابا ٻڌايو ته ڪجھ عرصو بابا هر روز ٽيپ ۽ ٻه ڪيسيٽون کڻي قاضي فيض محمد ڏانهن نواب شاهه ويندو هيو ۽ هُو ڪورٽ جا ڪيس ۽ ڪاغذ اُڪلائي پوءِ بابا سان راڳ تي ڪچهري ڪندو هيو. قاضي فيض محمد ته بڙي غلام عليءَ سان گڏ به ڳائي آيو هيو. قاضي صاحب جي ڳايل هڪ ڪيسيٽ به اسان وٽ هوندي هئي، ممڪن آ اڃا به هجي. سو اهي احوال ڪبا ته ڪم گھڻو ٿي ويندو، ان لاءِ ڪجھ مختصر ڳالهيون لکڻيون پونديون.
مان ننڍو هيس ته بابا مون کي هڪ ڀيرو دولتپور وٺي ويو هيو. ڪنهن گاڏيءَ ۾ ويا هياسين مون کي ياد ناهي پر لوڪل بس نه هئي. تڏهن ادا مولابخش ٻرڙو دولتپور جي اوڀر ۾ ويٺل هيو. هڪ ڪچي جڳهه، گاري سان لِنبيل هئي. سياري جي موسم هئي، سنڌي ٽوپي ۽ بهترين سوئيٽر سان هڪ شاندار شخص، وار نبور ڪارا، جاڙن ڀروئن، کليل پيشانيءَ سان شهزادو ماڻهو شانائتي انداز ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل هيو. انهن ڏينهن ۾ سائين مولا بخش جي ڄنگھ ضربيل هئي، ان لاءِ ويٺي ئي مليو، پر پنهنجي بيماريءَ جي لَکا ئي نه ڏنئين. (مون کي هاڻي ڪجھ دوستن ڄڻ بار لاهڻ لاءِ چيو ته ادا مولابخش ٻرڙي تي ڪتاب پيا آڻيون، سو اوهان به ڪجھ لکي ڏيو پر وري ياد ئي نه ڏياريئون سو اهو ڪم ٿي نه سگھيو پر دل تي ڪجھ يادون ضرور اُڀري آيون) هُو مون کي ڏاڍو وڻيو. باقي سندس ڪچهري ياد ناهي. واپسيءَ ۾ بابا مون کي ادا مولا بخش بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌايون. ٻِيڙين ٻَڌڻ کان درزڪي دوڪان تائين ۽ ماستريءَ کان هوٽل هلائڻ تائين، سياسي تجزيا نگار کان سيد جي سچي ڪارڪُن هجڻ تائين، سائين مولا بخش ٻرڙو هڪ جيئرو داستان آهي.
مولا بخش ٻرڙو سياسي ميٽنگُن ۾ ڏاڍو کَرو نقاد هيو، اسان جو سڪرنڊ وارو ساٿي سائين حفيظ ٻرڙو سندس والد جو سڳو سئوٽ هيو پر ادا مولا بخش بابا سان ڏاڍو فري دوست هيو. بابا کيس ڪچهرين ۾ اڪثر (Partner) ڪري ڪوٺيندو هيو، جڏهن منهنجي وڏي ڀيڻ گذاري وئي ته ماڻهن جي رش ۾ سائين مولا بخش ٻرڙو آيو، پر بابا هُن سان ڪجھ به نه ڳالهائي سگھيو. مون ٻنهي جي ڪيفيتُن کي غور سان ڏٺو ۽ چپ رهيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ بيماريءَ باوجود ادا مولا بخش ٻيهر آيو، هِن ڀيري تڏو کڄي چُڪو هئو ۽ بابا پنهنجي دوڪان تي ويٺو هيو، سائين مولا بخش وڏي آواز ۾ حال احوال ڪيا ۽ بابا سان سٺي دير ڪچهري ڪري واپس ويو. اِهي پاڻ ۾ اُهي دوست هيا جيڪي هڪ ٻئي جي ماٺ کي به سمجھندا هيا. مون کي خبر آهي ته ٻن ڏينهن جي بابا جي خاموشي سائين مولا بخش کان برداشت نه ٿي سگھي ۽ هُن وري ٻيهر پنڌ ڪيو. بابا جي چاليهي تي ادا مولا بخش جو ڳالهايل اکر اکر منهنجي دل تي اُڪريل آهي ۽ اُها سندس ڏنل عزت افزائي مون وٽ ماڻهپي جو ورثو آهي، جنهن کي سيني ۾ سانڍي رَکيو اٿم.

سائين مولا بخش ٻرڙي جي ڳوٺ (دولت پور) ۾ مون شفيع فقير پهريون ڀيرو ٻڌو. بابا پڇيو هئو ”خيال ڇا مان چئونس؟“ مون چيو هيو ”مالڪئونس مان.“ پوءِ استاد شفيع فقير مالڪئونس مان اڌ ڪلاڪ جو زبردست خيال ٻڌايو هيو ۽ ٻيا ڪلام به واهه جا هيا. استاد شفيع فقير جي اُها رڪارڊنگ اڃا به مون وٽ محفوظ آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ٽيپ تي ٻڌندو آهيان ته اُهي يادون تازيون ٿي وينديون آهن. اِهو شايد غلام محمد لاکي جي ڪنهن ڪتاب جي مهورت جو پروگرام هيو جنهن ۾ تاج جويي تمام بهترين تقرير ڪئي هئي.
بابا جڏهن ٽنڊي ڄام ۾ پڙهندو هيو ته سندس اڪثر حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هيو ۽ سهڻي پريس تي ڪڏهن ستار پيرزادي سان گڏجي به ويندو هيو. سهڻيءَ جا ڪجھ پراڻا پرچا اسان وٽ اڄ به موجود آهن. اتان بابا ڪتاب وٺندو هيو ۽ ڳوٺ به کڻي ويندو هيو. بابا وارن وٽ پنهنجي سُٺن ڪتابن جي چڱي ڪليڪشن هئي، جنهن مان اسان جون پڦيون ۽ ٻيون ڳوٺ جون ڇوڪريون به ناول ۽ ڪهاڻيون پڙهنديون هيون.
حيدرآباد ۾ سائين محمد ابراهيم جويي سان ڪچهريون، امر جليل، امداد حسيني، آغا سليم ۽ مدد علي سنڌيءَ وارَن سان ملاقاتون ٿين. آغا سليم هڪ ٻه دفعو سڪرنڊ ۾ بابا وٽ آيو هيو ۽ ڪافي ڊگھي ڪچهري ڪئي هُيئين.
بابا ٻڌايو ته هڪ ڀيرو حيدرآباد ۾ مان ۽ انور گڏجي رسول بخش پليجي کان ٽائيم ورتو ۽ ڄامشوري ۾ المنظر تي اسان چار ڪلاڪ ڪچهري ڪئي. جنهن ڪچهريءَ ۾ اسان جا سوال هيا ۽ جن جي جواب ۾ پليجي صاحب تفصيلي سمجھاڻي ڏني ۽ سندس اِن علمي ڪچهريءَ جو اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍو لاڀ حاصل ٿيو ۽ رسول بخش پليجي زندگي، سماج، علم ۽ فلسفي بابت اسان جا ڪافي (Concept Clear) ڪيا.
محمد ابراهيم جويي سان ته بابا جي زبردست دوستي هئي، (اصل ۾ اسان سڀ محمد ابراهيم جويي جي (School Of Thought) جا ماڻهو آهيون. سماج ۾ انسان دوستي ۽ ادب ۾ سماجيات جو جويو صاحب وڏو دائي هيو.) بابا وارا اڪثر جويي صاحب جا ڪتاب پڙهندا هيا ”شاهه، سچل، سامي“ ته محمد ابراهيم جويي جي فلسفي جي سمجھاڻيءَ جي حوالي سان زبردست ڪتاب آهي.
مون کي لڳي ٿو بابا جي يونيورسٽي لائيف ۽ اُن کان پوءِ ٽنڊي ڄام ۾ نوڪريءَ وارو پيرڊ سکيا جو اهم ٽائيم آهي. بابا ٻڌائيندو هيو ته ٽنڊي ڄام ۾ انور ۽ خالد مخدوم ايندا هيا ۽ اتي خالد مخدوم اسان کي پهريون ڀيرو قرت العين حيدر جو نالو ٻڌايو ۽ چيو ته ”اُها ڪرشن چندر کان به اعلي ناول لکي ٿي.“ اهو منهنجي خيال ۾ 1967ع جو دور آهي. (خالد مخدوم راڳ جو به ڪافي ڄاڻو ۽ شوقين هيو ۽ هُن وٽ انڊيا جي گَوين جي سٺي ڪليڪشن هئي.)
سڪرنڊ جي ادبي سنگت ۾ بابا جو زور هيو ته تخليقي شيون هجن، نعريبازي نه هجي. هُو چوندو هيو ته جڏهن مُلڪن تي دشمن حملا ڪندا آهن ته شاعر پنهنجي شعرَن ۾ پنهنجي ديس جي حُسن جي ساراهه ڪندا آهن.“ بابا جي پَسند جي ڪتابن مان ”منهنجو داغستان“ به هڪ هيو. (جنهن جو هاڻي سنڌي ترجمو ڪريمداد خشڪ ڪيو آهي ۽ ريکائون پاران ڇپيو آهي.) جنهن جو اظهار هُن خليل جان سرهَنديءَ سان ڪيو هيو، پوءِ بابا چوندو هيو خليل جان جتي ملندو آهي پچندو آهي ته توهان اهو ڪتاب لکڻ شروع ڪيو؟

اصل ۾ بابا وٽ ڪچي جي ماحول جو پس منظر هيو ۽ اُتر توڙي وچولي جي ٻوليءَ جو مُشاهدو هيس ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ مان لاڙ جي ٻوليءَ جو مطالعو به هيس. بابا هڪ مضمون لکيو ”حضرت محمد زمان لواريءَ وارن جي شاعريءَ ۾ لاڙ جي ٻولي“ مطلب ته بابا وٽ لاڙ جي ٻوليءَ جو (Opinion) هيو. جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران کيس اَٺن ڏهن شاعرَن جي شاعريءَ جي لغتُن جو ڪم ڏنو ويو، جنهن ۾ نياز همايوني، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي ۽ ٻيا شامل آهن. انهن مان ڪجھ لغتُون اداري جي ويب سائيڊ تي پيل آهن.
بابا هڪ ڀيرو تقرير ۾ چيو ته ”ٻهراڙيءَ ۾ هڪ ماڻهو هيو جنهن لاءِ مشهور هُيو ته جيڪي مينهيون نه مِڙن ته اُن ماڻهوءَ کي چئو، اُهو مينهن کي ايئن ٿو ڏُهي جو مينهن کيرُ ڏيڻ شروع ٿي ڪري ڇڏي.“ بابا چيو ته مون اُن ماڻهوءَ کان پڇيو ته ”ادا اِن جو راز ڇاهي؟“
ته اُن ميهار چيو ”سائين! اسان پاڻ مينهين جا ڦَرَ آهيون. مينهيون ناهن مِڙنديون ته انهن جا ڦَرَ وٺي ايندا آهن، ته اُهي ٿَڻن کي چوسو ڏيندا آهن ته کيرُ گُوها ڪري وهي ايندو آهي. سو اسان به مينهين جا ڦَر آهيون سائين!“ سو بابا وٽ اهڙا قصا هيا جيڪي ٻڪرارَن، ميهارَن، پيرِيُن ۽ پاڻيارين جا قصا هيا.
هڪ ڀيرو چيئين ”ڍول فقير جيڪو الاهُو الاهُو ۽ وو وو وو وو و….. ٿو ڪري ۽ اهڙا آواز ٿو ڪڍي، اها ته شاعري به ناهي، پوءِ ايڏو اِهي آلاپ ڇو ٿا اثر ڪن، جو هنيانوَ ۾ لهي ٿا وڃن.“ بابا تقرير ۾ ڪا نه ڪا اهڙي نئين ڳالهه ڪري ويندو هيو جو سندس علم ۽ ڄاڻ کي داد ڏيڻو پوندو هيو.
هڪ دفعو چيئين ته ”اسان جي ادبي سنگت ۾ يا ايئن ڪچهرين ۾ جڏهن ساحر راهو يا بخشل باغي ڪو سُٺو شعر ٻڌائيندا آهن يا منور سراج يا صديق منگيو ڪا سٺي ڪهاڻي پڙهندا آهن ته مون کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ مون پنهنجي اولاد ۾ ڪو سٺو لڇڻ ڏٺو هجي.“ جڏهن ادب سان عشق ٿي وڃي ته پوءِ ماڻهو اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندو آهي.
هڪ ڀيرو ڪچهريءَ ۾ لونگ خان چنا کي چيئين ”لينن کان پوءِ بالشويڪ پارٽي ئي ختم ٿي وئي، سيد کان پوءِ ”جيئي سنڌ“ جا چار ڌڙا ته آهن! سَن ۾ چار پنڊال ٿا لڳن پر چارئي ماڻهن سان ڀريل ته آهن.“ هُو حد درجي جو پُراُميد ماڻهو هيو.
بابا تي سندس بيوروڪريٽ دوستن جو اعتماد هيو، ماڻهن کي نوڪريون وٺرائي ڏيڻ اُن زماني ۾ نسبتن آسان به هيو جو ننڍيون نوڪريون ته ڊائريڪٽر ئي ڏئي سگھندو هيو. هاڻي ته قائم علي شاهه واري دور ۾ پٽيوالي لاءِ به سي ايم هائوس تان فون ايندو هيو. زراعت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل اياز ميمڻ بابا جو گھاٽو يارُ هيو. زرعي يونيورسٽيءَ جا وي سي ارشاد سومرو، رجب ميمڻ ۽ اي ڪيو مغل بابا جا جونئر سينئر هيا ۽ گھاٽا دوست هيس. هاشم لغاري ۽ ٻيا سندس همراز دوست هيا.
بابا ڏي هڪ ڀيرو اياز ميمڻ صاحب آيو، چيئين ”يار! مير محمد هيڏو موقعو هيو، ماڻهو پئسا ڀري ٻاهريان ملڪ ٿا گھمڻ وڃن، توکي پي ايڇ ڊي پيا ڪرايون ته تو جواب ڏئي ڇڏيو. ويهين ٻاويهين گريڊ تائين هليو وڃين هان! اچي سڪرنڊ مان ڦاٿو آن! توکي حيدرآباد ۾ بنگلو ٿو وٺي ڏيان، ڇڏ يار! سڪرنڊ کي!“ اياز ميمڻ ڏاڍو تڪڙو ڳالهائيندو هيو.
بابا چيس ”امان اجازت نه ٿي ڏئي، ٻاهرئين ملڪ آئون نه ويندس. يار! مان بيمار ماڻهو آهيان.“
”پَئي ٻيلي جي ڌُوڙ مان دَمُ ٿيو ٿئي ني! سڌري وڃ ڇو ٿو ٻارَن کي به رُلائين.“
پوءِ اياز ميمڻ جي پيجارو گاڏيءَ ۾ مان ۽ اياز ميمڻ، سائين امداد محمد شاهه سان ڪچهري ڪرڻ وياسين. هڪ ڀيرو بابا ڪنهن ڪم سان مون کي هاشم لغاريءَ ڏانهن موڪليو، (He was a nice man) هُو ڇا ته آفيسر هيو، اڌ ڪلاڪ ۾ مون کي الائي ڇا سمجھائي ڇڏيئين. خالي ڪرسي ۽ ٽيبل تي ويهي، بنا وسيلن جي سڀ ڪجھ ڪري ٿو سگھجي. بابا کي اهڙن بااعتماد دوستن جي به سپورٽ هئي. هُو سمجھن پيا ته ميرمحمد پنهنجي ذاتي مفادَن کان وڌيڪ قومي ڪم کي ترجيح ڏيندو.
هڪ ڀيرو مان ۽ احمد علي ٽڳڙ اسلام آباد وياسين اتي ڊاڪٽر بدرالدين سومرو (NARC) جو چيئرمين هيو. اُن وٽ ڪا نوڪري هئي پر هُن کي پُراڻا ملازم ئي پڪا ڪرڻا هيا. سو اسان کي اُها نوڪري نه ملي. مان ڊاڪٽر صاحب سان اُتي ملي به آيس. بابا کي چيم ”توهان جي دوست مون کي ته نوڪري نه ڏني.“ بابا کلي چيو ”مان هُن سان دوستي اِن لاءِ ته نه رَکي هئي ته منهنجي پُٽ کي نوڪري وَٺي ڏئي.“ اهڙا فيصلا اهڙن يارَن لاءِ بابا کان وڌيڪ ڪيرُ ٿو ڪري سگھي.
جڏهن مان (NPIW) ۾ بحريا جي ٽيسٽ پاس ڪئي ته بابا حيدرآباد ڪنهن ڪم سان ويو. سو ڊائريڪٽر جنرل (On Farm Water Management) هيو شوڪت راهمون، جنهن پنهنجي منسٽر غلام مرتضيٰ جتوئيءَ کي ئي ڪمن ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هيو. اُهو بابا جو ڪلاس فيلو هيو. بابا ۽ هُن ٻنهي گڏ ويهي اسان جون لسٽون ڏٺيون، انهن ۾ نالو آيو رحمت الله ولد بيگ محمد، بابا چيو ”اهو لکڻ ۾ غلطي ٿي اٿن ميرمحمد هوندو، هن جون 19 مارڪون آهن.“ اُهو ڪاراڻن جو ٻگھيو هيو، اُن کي مان سڃاڻان پيو، اها سخت ٽيسٽ هئي جنهن ۾ ٽيهه هزار کان مٿي ڇوڪرا ويٺا هيا ۽ 128 پاس ٿيا هيا. وري ٻي لسٽ گھراين جيڪا آخري هئي اُن ۾ رحمت الله ولد ميرمحمد لکيل هيو ۽ مارڪون پاس ۾ هيون. شوڪت راهمونءَ چيس ”سڄي عمر تو ماڻهن کي نوڪريون وٺي ڏنيون آهن، هي اُن جو صلو اٿئي، تنهنجو پُٽ پاڻ ئي پاس ٿيو آهي، اڍائي سئو پوسٽون آهن. مان هجان نه هجان هِن جي سرڪاري نوڪري هاڻي پڪي آهي.“ بابا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
بابا لاءِ اِهو مشهور هيو ته سڪرنڊ جي آس پاس جيڪو پروگرام ٿيندو، سائين ميرمحمد پروگرام کان پوءِ گھر ويندو، رات اُتي نه رهندو. اِهو اِن لاءِ ته اسان جي ڏاڏي اکين جي آپريشن کان پوءِ وهمي ٿي وئي هئي، اها تيسين سمهندي نه هئي جيسيتائين ”جُڙيو“ گھر اچي. (ڏاڏي بابا کي گھر ۾ ”جُڙيو“ يا ”الله جُڙيو“ سڏيندي هئي) سڄو ڏينهن انهن جا گھر ۾ ٺهڪا ڦهڪا هوندا هيا. رڳو کلندا رَهندا هيا. بابا ماءُ جون دعائون ورتيون، سماجي ترقيءَ کان وڌيڪ هُن ماءُ جي ڳالهه مڃي ۽ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ ٻاهرئين ملڪ نه ويو.
بابا جون ڪجھ ڳالهيون ياد ٿيون اچن هڪ ڀيرو بابا کي مون لوز موشن ٿيڻ ڪري، واش روم مان ايندي چيو ”بابا! ليٽرين ڏاڍي خراب آئي آهي.“
بابا مذاق ڪندي يڪدم چيو ”بابا ليٽرين سُٺي به ٿيندي آهي ڇا؟“ مان کلندو رهجي ويس.
توڙي مان پُٽ هيس پر بابا کي پنهنجي وڏي ڌيءُ مون کان به وڌيڪ وڻندي هئي ۽ هُو چوندو به هيو. هڪ ڀيري اديءَ جو ساڄو پير سڄي پيو شايد ڪا موچ اچي وئي هيس. سو بابا جي آڏو ٻئي پاچا مٿي ڪري اچي بيٺي، بابا کاٻي پير کي هٿ لائي چيس ”ها بلڪل سڄيل آهي.“ هُوءَ کلندي کيري ٿي وئي.
”بابا اهو نه آهي سڄيل، هُو ساڄو سڄيل آهي.“ ادي پوءِ سڄو ڏينهن پَئي کلي ۽ سُور ئي وسري ويس.
ٻاهر دوڪان تي ته ڏاڍا مزا هيا، منظور خاصخيليءَ سان (جيڪو ڪم ڪار لاءِ ڇوڪرو رکيل هيس.) نيٺ اُن کي ته قرب ڏيئي چريو ڪري ڇڏيئين. هڪڙو پٺاڻ گھر جو سامان کپائڻ آيو، جيئن چانهه جو ٿرماس هيس، بابا ورتو ۽ منظور کان پڇيئين ”ڪيئن آهي منظور؟“
”سائين چمڪي پيو، سٺو آهي.“
بابا پٺاڻ کي موٽائي ڏنو ”منظور تون سٺو ته الائي ڇاکي ٿو چئين!“
هاڻي اِهو جملو پڪڙي ورتُن ”تون سُٺو ته الائي ڇا کي ٿو چئين!“
ٻن ڪلاڪن کان پوءِ بابو ماني کائي واپس آيو ته منظور چيس ”سائين معشوق مگسي آيو هيو.“
بابا چيس ”يار! پوءِ ويهارينس هان، ماڻهو ته ڏاڍو سٺو آهي.“ اِهو معني منظور کي ٺاهي ڏنئين.
منظور چيس ”سائين! تون سٺو ته الائي ڇاکي ٿو چئين!“ کلن جا ڪُوڪرا ٿي ويا ٻنهي جا.
ايئن هڪڙو جملو ٺاهين ”ماڻهوءَ کرندي ڪو وقتُ ٿو لڳي!“
انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاري نواب شاهه جو اِي ڊي او ايگريڪلچر ٿيو هيو، تنهن ڪري گاڏين تي ئي ايندو هيو. مان به دوڪان تي ويٺو هيس، هڪڙي موٽر سائيڪل واري آهستي اچي ڪراس ڪيو، وري واپس ٿيو. اُن سان بائيڪ تي پويون ماڻهو هُوبهو ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاري هيو. بابي چيو ”منظور! ڏس ته ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاري آهي ڇا؟“
منظور به اٿيو ته بائيڪ به اسان جي دوڪان کي مَٽي اچي ڀرسان واري دوڪان تي بيٺي، ته منظور چيس ”ڊاڪٽر ڪريم بخش وري سائين! بائيڪ تي ڪيئن ايندو؟“
ته بابا ٺهه پهه چيس ”ابا ماڻهوءَ کرندي ڪو وقتُ ٿو لڳي.“ اسان جا ٽهڪ ٻڌي سامهون وارو هم شڪل ماڻهو به کلڻ لڳو. ”سائين! لڳي ٿو ڀُليا آهيو.“
بابا چيس ”اسان وري سمجھيو ته ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاري آهي.“
ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاريءَ وارا ننڍا هيا ۽ هوشيار شاگرد هيا ته بابا کين ٽيوشن به پڙهائي هئي. جڏهن پي ايڇ ڊيءَ لاءِ سائين ڪريم بخش لغاري (Nominate) ٿيو ته بابا جو ڪلاس فيلو سجاد ڀٽي پنهنجي پُٽ کي لغاري صاحب جي جڳهه تي موڪلڻ پيو چاهي، پر بابا وارن ڪريم بخش لغاريءَ کي ڀرپور سپورٽ ڪئي ۽ کيس همٿايو ته ان وقت جي مُلڪ جي صدر فاروق لغاريءَ کي ائپروچ ڪيو، ايئن هڻي ماري ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاريءَ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ ٻاهر ويو. تعليم دوران ملڪ ۾ موڪلن تي موٽي آيو ته بابا چيس ”ڪنهن به صورت ۾ انگريزيءَ ڏانهن ڌيان ڏجان، ٽيڪنيڪل شيون ايتريون اهم ناهن، نه ئي اسان جو ملڪ ايترو (Advance) آهي ته اُهي شيون هتي (Adopt) ٿي سگھن، تون انگريزيءَ ۾ ڀَڙُ ٿي اچجان.“
ڊاڪٽر صاحب جڏهن واپس آيو ته کيس ڪنهن فنڪشن لاءِ ٻيهر ٽڪيٽ ڏئي گھرايائون، اِهو سندس ڪردار هيو. هُو اڄ ڏينهن تائين بابا کي پنهنجن وانگر ياد ڪندو آهي.
ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاري ٻاهران آيو پئي ته سندس امڙ وفات ڪري وئي، بابا کي تازو هرٽ اٽيڪ ٿيل هيو پر چيئين ته مان عذرخواهيءَ تي ويندس. اسان کي خبر نه هئي ته ڊاڪٽر صاحب به اچي ويو هيو، سو بابا کي ڏسي پيار سان نوڙي مليو، اُهو پيار منهنجي ذهن جي اسڪرين تي سدائين نقش رهندو.
ٻيو منهنجي بدليءَ جي لاءِ بابا ۽ مان سينيٽر غلام قادر چانڊيي وٽ ويا هئاسون، غلام قادر چانڊيو پاڻ کٽ تي پيرانڌيءَ کان ٿي ويٺو ۽ اٿي بابا کي سيرانڌيءَ کان جاءِ ڏنائين سندس اوطاق ماڻهن سان ڀريل هئي. بابا کي ماڻهن تمام گھڻي عزت ڏني.
سوني ملاح ۽ ولڻ ملاح کي بابا پاڻ پڙهايو مئٽرڪ ڪري نوڪريون وٺي ڏنيون، آخر ۾ ماڻڪ ملاح سان گھر جي ورهاست تي نه پئي ٺهيا ته بابا سندن ڄڻ گھر جا فيصلا به ڪيا. ايئن ڪير ٿو ڪنهن کي عزتون ڏئي ۽ يقينن بابا جو هنن سان اهڙو هليل به هيو. جڏهن مون کي پُٽ ڄائو ۽ سنڌوءَ اُن جو نالو سونُو رکيو ته تَليءَ جا ملاح چوڻ لڳا ته سائين ميرمحمد پنهنجي دوست سوني ملاح جو نالو پنهنجي پوٽي تي رکيو آهي.
جڏهن بابا کي هرٽ اٽيڪ ٿيو هيو ته ڪافي سال مان اُن شاڪ مان نڪري نه سگھيو هيس، تِن ڏينهن ۾ ممتاز لاشاريءَ جون ڪيسٽون محمد قاسم ماڪا پَئي ڪڍرايون، سو اُن درديلا ڏوهيڙا مون کي رستن تي روئاري ڇڏيندا هيا. حيدرآباد کان سڪرنڊ ايندو هيس ته روئندو ايندو هيس ته متان بابا کي ڪجهه ٿي نه ويو هجي. هڪ ڀيرو قمبر پئي ويس، وڳڻن کان وين ۾ ويٺس ان ۾ ممتاز لاشاريءَ جو اهڙو ته ڪلام هلاين جو منهنجا ڳوڙها وَهي آيا. بهرحال اهو هڪ الڳ داستان آهي.
ڳالهه بابا جي ڀوڳن جي پئي ڪئي سون ته ايئن ڪو سرهاڙيءَ جو ننڍو زميندار جيڪو اڪثر بائيڪ تي ايندو هيو، اُهو به ڪنهن پيڊيءَ تي ويهندو هيو، جيئن ٻيا ننڍا زميندار شهر ۾ ڪو نه ڪو پنهنجو ٿاڪ ٺاهيندا آهن، پوءِ سودو سُود ڳوٺ جي بيمار سيمار ماڻهن جون دوائون وغيره، اتي وٺندا رکندا ويندا آهن، ڪو وڳو ڪپڙن جو يا ڀاڄي ڀُتي، يا هيلمٽ اُن دوڪان تي رکي ويندا آهن. جيئن ڪو آيو ويو ڪو ڏَسُ پَتو يا پيغام اُن پڪي ٿاڪ تي ڏئي وڃي، ڪڏهن ڪڏهن پئسا ڏوڪڙ کُٽن ته به پرواههَ نه هجي، اڄ ورتا ته سڀاڻي ڏئي وٺبا، ڪنهن جو ڪم ٿي ويندو، اوڌر جي ماءُ ناهي مُئي. اِهو ڪلچر هن علائقي جي سماجي مشاهدي ۾ اوهان کي نظر ايندو. پوءِ پيڊين وارا واڻيا ۽ واپاري ايئن ٻج ڀاڻ جي اوڌر ڪري ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيندا هئا. هاڻي بابا کان اهو ته پڳو ڪو نه، هُن ماڻهن جون مددون ڪيون، اُها اوڌر فصل لهڻ تي سال کان پوءِ پَئي ملي، زميندارن جي ڪاسائي واپارين مان جان ڇڏائڻ جي، بابا فلاحي ڪم سان لڳي ويو.
فتوحل زرداري ڳوٺ جي هڪ زميندار سان بابا ڏاڍو سٺو هليو، سو اُن جا ٻن ٽن سالن ۾ سڀ ڪي قرض ئي لهي ويا، اُن اوطاق ٺهرائي ته بابا جي دعوت ڪيائين، مان به ساڻس گڏ ويس. بابا کي هن جي ڪڻڪ ڏاڍي وڻي. بابا ٻج جا داڻا ڏسي جنس سڃاڻي ويندو هيو. اڪثر قاضي احمد جا پير به کيس ان ڪم سان گھرائيندا هيا، اسان جو خاندان انهن جي عقيدت رکندو آهي، تنهن ڪري انهن جو گھرائڻ بابا سعادت سمجھندو هيو.
ايئن سرهاڙيءَ جو اهو زميندار جيڪو بابا جن وٽ روز اچڻ لڳو، ڪڏهن ڪيلا کنيون اچي، ڪڏهن ٻاجھريءَ جو اٽو، اُن غريب جو تڪيا ڪلام هيو ”هڪ نمبر.“
بابا کي چوندو هيو ”سائين امداد شاهه هڪ نمبر ماڻهو هيو.“ يا چوندو هيو ”سائين ڊاڪٽر سعد الله قريشي هڪ نمبر.“ معنيٰ ڀلو ڊاڪٽر آهي. ”سائين فصلن جي فلاڻي دوا هڪ نمبر.“
بابا اُن جو نالو رَکيو ”وڏيرو هڪ نمبر.“
ان وڏيري جو خيال هيو ته مان سائينءَ جي دوڪان کي پنهنجو ٿاڪ ٺاهيان. پوءِ ڪجھ ڏينهن اسان وٽ پنهنجو سامان به رکندو هيو پر بابا ۽ منظور هُن کي ڀوڳ هڻي هڻي ڀڄائي ڇڏيو. هُو چئي ”سائين! هيل ڪيلو اهڙو ٿيو….“
ته منظور چئي ”هڪ نمبر……“ نيٺ ويچارو اُهو رستو مٽائي ويو.
ايئن هڪ ڀيرو ڳوٺ وياسين ته فيض الله جي گھر رهياسين، شايد ڳوٺ ۾ ڪا شادي هئي، سو فيض الله هونءَ ئي گھڻو ڳالهائيندو هيو، سو چيئين ”يار! ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار آهي ته کيرَ جو، منهنجي فليٽ جي سامهون پنجابي کيرَ وارو آهي، سڄو ڏينهن اُهو دوڪان تي ويٺو هوندو آهي، مون کي موشن ٿيا ته رات جو ننڊ به نه پَئي آئي، ته مان ڏٺو ته رات جو ٻارهين کان پوءِ سندس زال اندران نڪري آئي ۽ صَرف سان دوڪان صاف ڪري چلڪائي ڇڏيائين، بس هُو رات جو چار ڪلاڪ پيو ننڊ ڪري، جو ٻين بجي دوڪان بند پيو ڪري ۽ وري صبح جو ڇهين بجي دوڪان کولي پيو.“
ته بابا اسان کي آهستي ڪري چيو ته ”کيرَ واري کي ته موشن به نه پيا ٿين.“ اسان اڳي ئي ڀَريا ويٺا هئاسين، سو کلي کيرا ٿي وياسين. فيض الله اڃا به کيرَ واري جي تعريف ۾ مصروف هيو.
بابا جا اهڙا هنڌائتا ڌڪ هوندا هيا. اٽي جي چڪيءَ وارو چوندو هيو ”سائين وڏو خوش مزاج ماڻهو آهي.“ انهي کي ته الائي ڪهڙا ٻول ٻڌايا هوندئين. ايئن هڪ دفعو سائين حنيف شاهه آيو، بابا کي چيئين ”سائين هي ڏسو منير شاهه جي پُٽ عليءَ جا ڪم، ڪار کي ايئن هنيون ٿئين، جو آڏو وارو سڄو حصو ڊينٽ وجھي ڇڏيو اٿئين.“
بابا چيس ”ڪجھ سال اڳ حسن ڊرائيور چوندو هيو ته حنيف ۽ منير، سائينءَ وڏي جي جيپ کي هيترا ڌڪ هنيان آهن. سو اسان کي ته اُهو به ياد آهي، ڏس ته وقت ڪيئن ٿو تڪڙو گذرندو وڃي.“
سائين حنيف شاهه معصوم مُرڪ سان وندري ويو ۽ موضوع جي مَٽجڻ سان مَٽجي ويو. ”ها سائين! پوءِ معنيٰ وقتُ ته ويو نه هليو.“ اِهو جملو ۽ اِن جملي جو معصوم لهجو اڃا مون کي چٽو ياد آهي. هڪ ڀيرو منير شاهه ۽ حنيف شاهه جو والد سائين سهڻو اسان جي گھر به آيو هئو. مون کي ياد آهي، بابا ڊوڙندو ويو ٻاهر ۽ کيرُ به گھُرايئين ۽ سائينءَ اسان وٽ چانهه پيتي هئي.
ايئن هڪ ڀيرو سائين امير حيدر شاهه اسان وٽ آيو، بابا گھر نه هيو، سو مان ٽيبل ۽ ڪرسي ڪڍي سائينءَ کي ويهاريو، امان چانهه ٺاهي ڏني، مون چانهه پاڻي کڻي سائينءَ جي آڏو رَکيو، سائينءَ چيو ”ابا ڪو ڪاغذ ۽ پين ڏيو ته مان ميرمحمد لاءِ خط لکي ڏيانءِ.“ مان هڪ بُڪ ۽ پين کڻي آيس. سائينءَ ڪنهن ماڻهوءَ جي نوڪريءَ لاءِ بابا کي خط لکيو. اُهو خط اسان وٽ گھڻو ڪري اڃا به موجود آهي. (ھلندڙ)
پڙھو حصو پھريون ، ٻيون،
______________

ليکڪ رحمت پيرزادو



