سنڌ جي ورثي جو قتل: سنڌوءَ ۾ بيٺل انڊس فلوٽيلا اسٽيمر ڪٻاڙين جو شڪار بڻجي ويو
ڪوٽڙيءَ وٽ سنڌوءَ ۾ بيٺل انگريز دور جو غوراب مالڪي نہ ٿيڻ جي ڪري ڪجھ سال اڳ اسڪريپ مافيا جي وَر چڙھي ويو جن سنڌ جي ھن ناياب ورثي کي ڀڃي پُرزا ڪري ان جو نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏيو. ھاڻي انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو اھو اسٽيمر سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم پر وساريل باب بڻجي چُڪو آهي. انگريزن جي دور ۾ سنڌو درياءَ ۾ هلندڙ هيءُ غوراب هڪ مڪمل درياھي مواصلاتي نظام هو.

سنڌ جي تاريخ جو هڪ افسوسناڪ پهلو آهي ته اسان پنهنجي اهڙن تاريخي يادگارن کي محفوظ نه ڪري سگهياسين. جيڪڏهن اهو اسٽيمر اڄ موجود هجي ها ته سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هڪ بهترين ميوزيم بڻجي سگهيو ٿي. تاريخي طور تي اها هڪ وڏي ڪوتاهي هئي جو اُن کي هڪ “فلوٽنگ ميوزيم (ترندڙ عجائب گهر) ۾ تبديل نه ڪيو ويو. اڄ جي دور ۾ جڏهن اسان سنڌو درياءَ کي گهٽجندڙ پاڻي ۽ سُڪل پيٽ جي صورت ۾ ڏسون ٿا، ته اهو اسٽيمر ان عظيم درياھ جي پراڻي اوج ۽ ان ۾ هلندڙ درياھي مواصلاتي نظام جي شاھدي ڏئي ھا.
نصير اعجاز
اڻويھ سئو ستر واري ڏھاڪي ۾ پنھنجي ڪاليجي زندگيءَ واري زماني ۾ ڪڏھن ڪڏھن حيدرآباد کان ڪوٽڙيءَ ايندي ويندي تاريخي پُل تان پري سنڌو درياھ جي لھواري پاسي لاوارث بيٺل انگريز دور جو غوراب انڊس فلوٽيلا Indus Flotilla نظر ايندو ھو. ڪڏھن ويجھو وڃي ڏسڻ جو موقعو تہ ڪونہ مليو، پر خوشيءَ ۽ فخر جو ھڪ احساس ھوندو ھو تہ ڪنھن زماني ۾ سنڌوءَ ۾ ايترو پاڻي ھوندو ھو جو اھڙا غوراب ھلندا ھئا ۽ ھيءُ انھيءَ تاريخ جو ھڪ ثبوت ھو. پر ڪجھ ورھيہ اڳ اھو تاريخي غوراب اوچتو گُم ٿي ويو. ھڪ ڏينھن سوشل ميڊيا تي ماحولياتي ماھر دوست ناصر پنھور ھڪ مختصر پوسٽ ۾ لکيو تہ انڊس فلوٽيلا گُم ٿي چُڪو آھي. مونکي ھڪدم ڪوٽڙيءَ جي رھواسي دوست الطاف صديقيءَ جو خيال آيو جنھن جو ڪوٽڙيءَ حوالي سان ڪتاب تازو ڇپيو ھو. مون جڏھن فون تي ساڻس رابطو ڪيو تہ ٻُڌايائين تہ واقعي انڊس فلوٽيلا جو ھاڻي ڪو وجود ڪونہ رھيو آھي ڇو تہ ڪجھ سال اڳ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن وارن انڊس فلوٽيلا کي شھرين جي وندر لاءِ استعمال ڪيو پر پوءِ خبر پئي تہ اُن کي اسڪريپ ڊيلرن ھٿ وڪڻي ڇڏيو، جن سنڌ جي ھن ناياب ورثي کي ڀڃي پُرزا ڪري ان جو نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏيو.

مونکي سندس ڳالھ ٻُڌي ڏُک تہ ڏاڍو ٿيو پر حيرت اصل ڪا نہ ٿي، ڇو تہ اسان پنھنجي ورثي جي مالڪي ڪرڻ وارا آھيون ئي ڪونہ. اسان جا ادارا توڙي اسان پاڻ، انفرادي توڙي اجتماعي طور، يا تہ وائڙا ھوندا آھيون، يا اگھور ننڊ ۾، قومي نقصانن کان بي خبر، يا پنھنجي مفادن خاطر پنھنجي ڌرتيءَ توڙي انھيءَ جي وسيلن ۽ ورثي کي داءَ تي ھڻي ڇڏيندا آھيون. انڊس فلوٽيلا سان بہ ايئن ئي ٿيو. انگريز ويا ھليا، فلوٽيلا سنڌ جي آبپاشي کاتي حوالي ٿيو، پر اُتي ويٺل پنھنجن ئي ھن ورثي جي مالڪي ڪرڻ بدران اُن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. مونکي تہ شڪ آھي تہ انڊس فلوٽيلا جي مرمت جي نالي ۾ آبپاشي ڪامورا ھر سال فنڊ ھڙپ ڪندا رھيا ھوندا ۽ قوم ۽ واسطيدار ادارا بہ سُتل رھيا. بدقسمتيءَ سان، مناسب سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ۽ وقت جي گذرڻ سان اهو زنگجي ويو ۽ نيٺ اسڪريپ مافيا جي وَر چڙھي ويو. آبپاشي کاتي وارن بہ انھيءَ اسٽيمر کي ڪنهن تاريخي اثاثي طور ڏسڻ بدران رڳو هڪ لوهي ڍانچو سمجهيو ھوندو.
ھاڻي انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو اھو اسٽيمر سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم پر وساريل باب بڻجي چُڪو آهي. انگريزن جي دور ۾ سنڌو درياءَ ۾ هلندڙ هيءُ غوراب هڪ مڪمل درياھي مواصلاتي نظام هو. انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، ته کين پنجاب ۽ افغانستان تائين فوجي سامان ۽ واپاري مال پهچائڻ لاءِ سنڌو درياءَ هڪ بهترين رستو نظر آيو. ان مقصد لاءِ 1840ع جي ڏهاڪي ۾ انڊس فلوٽيلا نالي هڪ اسٽيمر سروس شروع ڪئي وئي ھئي. ڪوٽڙي ان وقت هن فلوٽيلا جو هيڊ ڪوارٽر هو. اتان ئي سڄو مال غوراب ذريعي اڳتي موڪليو ويندو هو. ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ بہ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ انڊس فلوٽيلا جو ذڪر ڪيو آھي. ڀيرومل اھو بہ لکيو آھي تہ سنڌ جي ساھتي ضلعي نوشھري فيروز جا ماڻھو، خاص طور شاگرد، سفر جون سھولتون گھٽ ھجڻ جي ڪري ڀورٽي واري پتڻ وٽان درياھ پار ڪري ريل ۾ چڙھي ڪوٽڙيءَ وڃي لھندا ھئا جتان وري اسٽيمر ذريعي درياھ پار ڪري حيدرآباد ويندا ھئا.

ھٿ ڪيل تفصيلن موجب اھو هڪ وڏو اسٽيمر هو جنهن کي لوهي باڊي هئي. ان کي پيڊل ويل (Paddle Wheel) سسٽم ذريعي هلايو ويندو هو، يعني ان جي پاسن ۾ وڏا ڦيٿا لڳل هوندا هئا جيڪي پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪي جهاز کي اڳتي وڌائيندا هئا. اسٽيمر flat-bottomed جهاز هو ته جيئن سنڌو درياءَ جي گهٽ اونهائيءَ ۾ به هلي سگهي. اھڙي قسم جو ھڪ اسٽيمر ملتان ۾ بہ ھو جنھن جو نالو انڊس ڪُئين Indus Queen ھو، جيڪو اڄ بہ اُتي موجود آھي. انھيءَ اسٽيمر جي بہ حالت خراب ھئي، پر اطلاع آھن تہ اُتان جي اختيارين انڊس ڪُئين جي مرمت ۽ رنگ روغن ڪرائي ماڻھن جي وندر لاءِ بيھاريو آھي.
سنڌ جي تاريخ جو هڪ افسوسناڪ پهلو آهي ته اسان پنهنجي اهڙن تاريخي يادگارن کي محفوظ نه ڪري سگهياسين. جيڪڏهن اهو اسٽيمر اڄ موجود هجي ها ته سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هڪ بهترين ميوزيم بڻجي سگهيو ٿي. تاريخي طور تي اها هڪ وڏي ڪوتاهي هئي جو اُن کي هڪ “فلوٽنگ ميوزيم (ترندڙ عجائب گهر) ۾ تبديل نه ڪيو ويو. اڄ جي دور ۾ جڏهن اسان سنڌو درياءَ کي گهٽجندڙ پاڻي ۽ سُڪل پيٽ جي صورت ۾ ڏسون ٿا، ته اهو اسٽيمر ان عظيم درياھ جي پراڻي اوج ۽ ان ۾ هلندڙ درياھي مواصلاتي نظام جي شاھدي ڏئي ھا.
اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ تمام دردناڪ حصو آهي ته اهڙو جهاز، جيڪو برطانوي دور جي انجنيئرنگ ۽ سنڌو درياءَ جي مواصلاتي تاريخ جو جيئرو جاڳندو ثبوت هو، تنهن کي اسڪريپ سمجهي نيلام ڪيو ويو. اهو زنگيل غوراب رڳو لوهه جو ٽُڪر نه هو، پر اهو ان دور جي يادگار هو جڏهن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين رڳو ان ڪري وڇائي وئي هئي ته جيئن انڊس فلوٽيلا جي انهن اسٽيمرن تائين پهچ سولي ٿي سگهي.

اڄ جيڪڏهن اسان ڪوٽڙي پل تان گذرون ٿا، ته درياءَ جو اهو خاموش ڪنارو اسان کي پنهنجي ان بيقدريءَ جو احساس ڏياري ٿو. ھاڻي ان دور جي هڪ اهم تاريخ رڳو ڪتابن ۾ ئي محفوظ رهجي وئي .
اهو منظر اڄ به منھنجي ذهن ۾ هڪ اُداس تصوير وانگر اڀري ٿو. سنڌو درياءَ جي وُسعت ۾ اڪيلو بيٺل هڪ قديم لوهي ديو، جيڪو پنهنجي وقت جي عظمت جي آخري نشاني هو. اسٽيمر جي اها اڪيلائي اصل ۾ اسان جي قومي بي حسيءَ جو نشان هئي. جنهن جهاز ڪنهن زماني ۾ درياءَ جي لهرن کي چيريندي سڄي خطي جي واپار ۽ لڏپلاڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، اهو نئين نالي سان ٺھيل مُلڪ ۾ ست کن ڏھاڪا ڪَٽُ جي ور چڙهيل ۽ لاوارث بڻجي ڪناري تي بيٺو هو.
اسٽيمر جو اسڪريپ مافيا جي حوالي ٿيڻ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ورثي جو قتل هو. جيڪڏهن ان کي رڳو رنگ روغن ڪري محفوظ ڪيو وڃي ها، ته اڄ اهو سنڌ جي سياحت لاءِ هڪ وڏو اثاثو هجي ها. اها سنڌ جي تاريخ جي بدنصيبي آهي ته اسان جا ڪيترائي اهڙا يادگار، جن کي دنيا جا ٻيا ملڪ ميوزيم بڻائي لکن رپيا ڪمائين ٿا، اهي هتي رڳو لوهه جي وزن تي وڪرو ٿي ويا.
اڄوڪي نسل لاءِ اها ڳالهه شايد هڪ افسانو لڳي ته ڪڏهن ڪوٽڙيءَ جي ڪناري تي انگريزي دور جو ھڪ عظيم جهاز به بيٺل هوندو هو.
_________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



