ڪراچيءَ ۾ 900 قيمتي ملڪيتن تي وفاقي قبضي جي سازش
ڪراچي جي کربين روپين جي 900 قيمتي، زوري قبضا ۽ ترڪ ڪرايل ملڪيتن بابت وفاقي ادارن جي بيجا ۽ بدنيتي تي ٻڌل جاچ شروع
وفاقي اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ– ETPB جي اداري کي ختم ڪري، ان جي تحويل ۾ آيل سمورين ملڪيتن کي لاڳاپيل صوبن جي حوالي ڪيو وڃي
ڪراچيءَ جون جاچ هيٺ آيل 900 ملڪيتون وفاق جون ملڪيتون ناهن، اهي سنڌ صوبي جون ملڪيتون انهن بابت وفاق دست اندازي ڇڏي. انهن سان لاڳاپيل سمورا حق، واسطا ۽ اختيار سنڌ صوبي جا آهن.
ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت، جي قبضي ۾ آيل ملڪيتون، جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان ب اڳ وڏن سنڌي هندو ۽ سک شاہوڪارن ۽ واپارين جون هيون. انهن ملڪيتن ۾ وڏا بنگلا، واپاري دڪان، واپاري ادارا، ڪارخانا ۽ پلاٽ شامل آهن.
علي گُل ميتلو
ڪراچي ۾ سنڌي هندن ۽ سکن خلاف ڪرايل فسادن ۽ قتلام کان پوء سنڌي هندو ۽ سک پنهنجيون اهي سڀ ملڪيتون، جان ۽ عزتون بچائيندي ڪراچي ۾ ڇڏي انڊيا هليا ويا هئا. ان کان پوءِ انهن ملڪيتن جي ناجائز ونڊ ورهاست ۽ قبضا شروع ٿيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن ن ڪنهن شڪل ۾ جاري آهن. وفاقي اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ اهڙن ناجائز قبضن ڪرڻ وارو هڪ وفاقي ادارو آهي. جنهن ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين لکين ملڪيتن تي قبضن ڪرڻ جو ناجائز عمل جاري رکيو آهي.

ان ڏس ۾ هڪ تڪراري ملڪيت آءِ آءِ چندريگر روڊ تي موجود پاڪستان ڪاٽن ايڪسچينج جي عمارت آهي. هي عمارت تاريخي ورثي جي قانون تحت تحفظ هيٺ پڻ آيل آهي. جنهن تي ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچي ۽ وفاقي اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ 13 ڊسمبر 2025 تي گڏيل ڪاروائي ڪري، ان عمارت کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ جو وفاقي اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ دعوي ڪئي آهي ت آءِ آءِ چندريگر روڊ تي موجود ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج جي اها عمارت ETPB جي ملڪيت آهي تنهن ڏينهن کان ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج جون ڪاروباري سرگرميون بند آهن. ڪاٽن ملڪ جو جو اهم اقتصادي شعبو آهي. ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ ايڪسپورٽ ٻ هن سيڪٽر جي ٿيندي آهي.
تاريخي حقيقت اها آهي تہ 1933 ۾ ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج ٽرسٽ کي قائم ڪيو ويو هيو. ڪراچي ڪاٽن ايسوسئيشن 1936 ۾ ميڪلوڊ روڊ (پوءِ نالي مٽيل آئي آئي چندريگر روڊ) تي هي شاندار عمارت جوڙائي. هن عمارت جي زمين KMC جي آهي. هي ادارو، عمارت ۽ ملڪيت پاڪستان ٺهڻ تہ ڇا، پاڪستان جي تصور کان بہ پهريان سنڌ ۾ قائم ڪئي وئي هئي. جتان 1933 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪپھ جا ايڪسچينج جا اربين روپين جا واپاري سودا ٿيندا رهن ٿا.
ٻي پاسي ڪراچي جي ميئر FIA ۽ ETPB جي عمارت تي قبضي ڪرڻ جي فعل جي نندا ڪندي چيو آهي ت اها ملڪيت قطعن ترڪ ٿيل ناهي. اها زمين KMC جي ملڪيت آهي جيڪا KMC 1883 ۾ 99 سالن لاء ليز ڪري ڏني. جيڪا ليز 1936 ۾ ڪراچي ڪاٽن ايسوسئيشن – KCA خريد ڪري رجسٽر ڪرائي. اڳتي هلي ساڳي ليز KMC سال 1982 ۾ 99 سالن لاء ورائي KCA کي ليز ڪري ڏني جيڪا 2081 تائين ليز ٿيل آهي.
وفاقي اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ – ETPB 1960 ۾ قائم ڪيو ويو, جڏهن ت FIA سال 1975 ۾ قائم ڪيو ويو. هي ٻئي وفاقي ادارا هاڻي اره زورائي ڪندي صدين کان قائم سنڌ جي ادارن ۽ ملڪيتن تي اچي زوري قبضا ڄمائن ٿا.

ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج جي هي عمارت/ملڪيت ن ت ترڪ ڪيل ملڪيت آهي ن ئي وري وفاق جي ڪنهن اداري جي ملڪيت ٿي سگهي ٿي. هن عمارت تي FIA جو ڇاپو هڻي سيل ڪرڻ، هڪ نت نئين ڏاڍائي جو فعل آهي.
وفاقي اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ پاڪستان جي هزارين ملڪيتن تي ناجائز قبضا ڪري انهن کي مافيائي انداز ۾ نيڪال ڪندي رهي آهي. اهو سلسلو هاڻي بند ڪيو وڃي. سمورا ناجائز قبضا ختم ڪيا وڃن. پاڪستان کي ٺهي اسي سال ٿيڻ وارا آهن. اڃا ويٺا هي ترڪ ڪيل ملڪيتن جي نالي ۾، ناجائز قبضا ڪندا رهن ٿا. وفاقي اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ جي اداري کي ختم ڪري، ان جي تحويل ۾ آيل سمورين ملڪيتن کي لاڳاپيل صوبن جي حوالي ڪيو وڃي.
ڪراچي ۾ ڇڏيل سنڌي هندن جي ملڪيتن تي مافيائي انداز ۾ وڳوڙ، پرتشدد واقعا ۽ قتل ڪرائي، سنڌي هندن کي زوري لڏائي انهن تي اچي ڌارين قبضا ڄمايا. اهڙا سڀ قبضا ڇڏائي، انهن ملڪيتن کي سنڌ جي صوبائي حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي. جنهن جي شروعات ڪراچي ۾ ڄاڻايل 900 ملڪيتن کان ڪئي وڃي.
وفاقي ادارن جو صوبن جي ملڪيتن ۾ دست اندازي ڪرڻ جو ڪو ب اخلاقي، قانوني، ۽ آئيني جواز ڪونهي. وفاق صوبن جي زمينن، ملڪيتن، قدرتي توڙي رياستي وسيلن ۽ ادارن تي قبضن ڪرڻ جي روش ترڪ ڪري. قبضي ڪيل سمورا وسيلا، ادارا، ملڪيتون لاڳاپيل صوبن حوالي ڪري.
ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج جي عمارت ڪراچي ڪاٽن ايسوسئيشن جي رجسٽرڊ ملڪيت 1936 کان آهي. هن عمارت جي زمين جا مالڪي جا حق KMC وٽ محفوظ آهن، جنهن هي زمين KCA کي ليز ڪري ڏني آهي. جنهن بابت ڪو ب قانوني مونجهارو وجود نٿو رکي.
ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج جي بلڊنگ ۾ ڪپھ جي ڪاروبار کان سواء ٻيا بہ ڪيئي ڪاروباري ۽ فلاحي ادارا قائم آهن. جن مان هڪ سائين امين هاشواڻي پاران قائم ڪيل فلاحي ادارو Charter for Compassion – CfC بہ ان بلڊنگ ۾ قائم آهي. ڪجھ سال اڳ مان ان بلڊنگ ۾ قائم CfC جي ڪوٺ تي ان اداري جي ڪم ڪارن بابت ڄاڻڪاري وٺڻ لاء ويو هيم. هن اداري ۾ 30 کن نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم، صحت، ذهني صحت، راندين ۽ آرٽ جي مختلف پروجيڪٽن تي نهايت ئي سنجيدگي سان پنهنجي پنهنجي ذميوارين ۾ رڌل هيا. جن جي اڪثريت اسماعلي برادري سان لاڳاپيل سنڌين جي هئي. اها ڳالھ ٻڌي خوشي ٿي ت هنن جي ڪم ڪار جو دائرو سموري سنڌ تائين وسيع آهي. جن ۾ وارھ، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جا ڏورانها علائقا پڻ شامل آهن. هن اداري سميت ان بلڊنگ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ڪاروبارن کي 13 ڊسمبر تي زبردستي قبضو ڪري، ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهو بيدخل ڪيو ويو. بلڪل ائين جيئن پاڪستان ٺهڻ کانپوء سنڌين کي پنهنجن ڪاروبارن ۽ گهرن مان بيدخل ڪيو ويو هيو. تڏهن کان هاڻي تائين ساڳيو سلسلو جاري آهي. هن بلڊنگ مان مالڪن کي هٿين خالي بيدخل ڪيو ويو آهي. سندس آفيسون ۽ ان ۾ پيل سمورو سامان جيئن جو تيئن قبضو ڪري بلڊنگ سيل ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي مختلف سنڌي برادرين جهڙوڪ اسماعيلي، بوهري، ڪڇي، گجراتي، ميمڻ، راجسٿانين، لاسي، بلوچ وغيره کان اسان گهڻو ڪري ڇڳل رهيا آهيون ۽ انهن برادرين کي سنڌ دشمن فاشسٽ مافيائن ۽ وفاقي قوتن جي رحم ڪرم تي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي، جو هو انهن برادرين کي بليڪ ميل ڪري انهن جي ڪاروبارن، ملڪيتن ۽ عوامي نمائندگي جي سياسي حقن تي ناجائز والار ڪري، سڀني سنڌين جا وسيلا ڦٻايو ويٺا آهن. وقت اچي ويو آهي ت، سنڌين جي انهن سڀني برادرين کي پاڻ سان گڏي کڻي هلجي. جنهن ۾ اسان سڀني جو ڀلو آهي.
قومون پنهنجا ڦريل حق، وسيلا، ادارا، ملڪيتون صديون گذرڻ کان پوء ب گڏ ٿي، ڏنڊن ڏوهن سميت واپس وٺنديون آهن. اها واپسي اڳي پوء هڪ ن هڪ ڏينهن ٿيڻي آهي. ان ڳالھ جو اسان کي پختو يقين آهي.
__________
سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلو



