ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جنھن کي جيئي سنڌ نظم لکڻ تي جيل ڀوڳڻو پيو
”جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ“ نظم کي پاڪستان جي خلاف سڏيو ويو ھو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سموري شاعري انقلابي فڪر کان متاثر آهي. سندس شاعريءَ ۾ پورهيتن، هارين،نارين، وطن، آزادي، ظلم خلاف بغاوت ۽ سنڌ سان محبت جو جذبو نمايان ملي ٿو.

تحرير: مجيد نواز مغل
حيدر بخش جتوئي سنڌ جي انهن عظيم شخصيتن مان هڪ هو، جيڪو نہ رُڳو ھڪ مُدبر، ھڪ اڳواڻ پر شاعر بہ ھو، جنهن شاعريءَ کي رڳو حُسن ۽ عشق تائين محدود نه رکيو، ۽ ان کي پورهيتن، هارين ۽ مظلوم ماڻهن جي آواز بڻايو. کيس باباءِ سنڌ پڻ چيو ويندو آهي جيڪو لقب کيس سنڌجي اديبن ۽ دانشورن هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ ڪري ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ انقلاب، آزادي، قومي سجاڳي ۽ طبقاتي جدوجهد جا رنگ نمايان ملن ٿا.
حيدر بخش جتوئي جي شاعري جون خاصيتون آهن ته ھُن هارين ۽ مزدورن جي حقن جي ڳالھ ڪئي ۽ جاگيرداري ۽ ظلم خلاف آواز بابت واضح طور مزاحمت جو سڏ ملي ٿو. انهيءَ کان سواءِ سندس شاعريءَ ۾ قومي سجاڳي ۽ سنڌ سان محبت سادي، عوامي ۽ اثرائتي ٻولي انقلابي جذبو ۽ مزاحمتي فڪر وارو آواز موجود آهي. سندس شاعري عوامي هلچلن ۾ ڳائي ويندي هئي ۽ ماڻهن ۾ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪندي هئي. حيدر بخش جتوئي جا ڪيترائي شعري مجموعا ۽ ڪتاب مشهور آهن، جن مان ڪجهه هي آهن: جيئي سنڌ جيئي سنڌ، هاري گيت، آزاديءِ قوم، سنڌ پياري، ۽ ٻڌو اي ڌرتيءَ وارا.
سندس شاعريءَ جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
جام محبت پيئي سنڌ
ڌرتي پنهنجي، ماڻهو پنهنجا
سونهن ڀريڙي سيئي سنڌ
جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ نظم لکڻ تي ڪامريڊ کي جيل جي سزا پڻ ڏني وئي هئي. سرڪار جو موقف ھيو ته اهو نظم پاڪستان جي سالميت خلاف لکيل آهي.
ڪامريڊ ھڪ شعر ۾ چئي ٿو ته:
اٿ هاري، جاڳ ڀائو
تنهنجو وقت اچي ويو آ
ظلم جي زنجيرن کي ٽوڙي
حق وٺڻ جو ڏينهن ٿيو آ
حيدر بخش جتوئي جي شاعري، ڪھاڻيون ء ڊراما رڳو ادب نه پر هڪ مسلسل جدوجهد آھي. هن پنھنجي شاعريءَ ذريعي سنڌ جي هارين کي سياسي شعور ڏنو. سندس فڪر اڄ به سنڌ جي ترقي پسند ادب ۽ سياسي جدوجهدن ۾ زنده آهي. سنڌي ادب ۾ حيدر بخش جتوئي کي انقلابي شاعريءَ جو اهم ٿنڀو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن قلم کي مظلوم ماڻهن جي حق ۾ استعمال ڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سموري شاعري انقلابي فڪر کان متاثر آهي. سندس شاعريءَ ۾ پورهيتن، هارين،نارين، وطن، آزادي، ظلم خلاف بغاوت ۽ سنڌ سان محبت جو جذبو نمايان ملي ٿو. سندس ڪجهه مشهور نظمن جا ٽڪرا مثال طور ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
“جيئي سنڌ”
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ،
جامِ محبت پيئي سنڌ۔
سنڌوءَ جي سونهن سلامت،
ماروئڙن جي مئي سنڌ۔
ظلم جي زنجير ٽٽندي،
جاڳي پوندي ڀيئي سنڌ۔
هاري، مزدور گڏ ٿيندا،
لال سوجهري ٿيئي سنڌ۔
هاريءَ جي دانهن
اي زميندار ظلم نه ڪر،
هاري به انسان آ۔
تنهنجي محلن جي هيٺان،
بک جو هڪ طوفان آ۔
جنهن جي رت سان پوک ٿئي ٿي،
تنهنجو هر هڪ ڌان آ۔
سو ئي بک ۾ مرندو آ،
هي ڪهڙو پاڪستان آ؟
وطن لاءِ نظم
سنڌڙي تنهنجو شان ڏسي،
دل ۾ باهه ٻري ٿي۔
تنهنجي ڌرتيءَ جي خوشبو،
روح اندر ڀري ٿي۔
تنهنجا مارو، تنهنجا ماڻهو،
ڌوڙ ۾ ڇو لتاڙجن؟
تنهنجي نالي تي هر گهڙي،
دليون ڇو نه وڙهن؟
انقلابي سڏ
اٿو غريبو، جاڳ هاري،
وقت بغاوت آيو آ۔
محنت جي هر هڪ هٿ ۾،
هاڻي نئون سج آيو آ۔
ظلم جي هر ديوار کي،
ٽوڙڻ جو اعلان ڪجو۔
سنڌ جي خاطر جيئڻ مرڻ،
پنهنجو ايمان ڪجو۔

حيدر بخش جتوئي جي شاعري سادي، عوامي ۽ تحريڪي انداز واري هئي. سندس نظم سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ قومي شعور کي بيدار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
1936ع ۾ ننڍي کنڊ جي ترقي پسند اديبن شاعرن ۽ دانشورن؛ انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد رکيو ته انجا سڌا اثر هتي سنڌ ۾ موجود سڀني انقلابين ۽ ترقي پسندن اديبن تي پڻ پيا ۽ ان جو اثر قبول ڪندي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيء پنهنجي انقلابي شاعري کي نوان رخ ڏنا. ڇاڪاڻ ته ھتي اڳ ۾ شاعريء ۾ محبوب جي حسن ۽ خوبصورتي جو ڳالهيون لکيون وينديون هيون پر ان کان پوء صحيح ريت ترقي پسند ادب جو آغاز ڪندي ترقي پسند اديبن عام ماڻهن جي مسئلن لاء ۽ استحصالي قوتن خلاف جوش ولولو پيدا ڪرڻ لاء نج انقلابي شعر لکڻ شروع ڪيا ۽ هر صنف ۾ روشن خيالي کي اوليت ڏني وئي.؛جڏهن ته هارين جي جدوجهد ۾ ڪامريڊ جي شاعري جيڪا سجاڳي پيدا ڪئي . ڪامريڊ جڏهن جيل مان آزاد ٿيندو هو ته ريل وسيلي سکر ضرور ايندو هو. هو سکر ۾ ڪجھ ڏينهن رهي پوء حيدرآباد طرف روانو ٿيندو هو. سکر ۾ رشيد ڀٽي ، شيخ اياز ۽ ٻين ترقي پسند اديبن سان جام ڪچهريون ٿينديون هئس. سکر جي مشھور سياستدان شمس الدين شاهه جيڪو ان وقت نعپ ۾ شامل ھيو، سان گهري دوستي هيس جيڪو بعد ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ جنرل ضيا جي دور ۾ مجلس شورا جو ميمبر به رهيو ،انهيء کان سواءِ ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي وڪيل ۽ اردو ترقي پسند شاعر حسن حميديءَ سان پڻ سياسي ، ادبي ۽ سماجي نوعيت جون ڪچهريون ڪندو ھيو . هو ترقي پسند اديب ۽ سياستدان فتح الله عثمانيءَ وٽ پڻ ايندو هو . جنهن پنهنجي آتم ڪٿا نربندا سے مھران تک ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ذڪر وڏي احترام سان ڪيو آهي .
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي لکڻين خاص طور سندس شاعري، ڪھاڻين ۽ ڊرامن جي ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرايو وڃي ته بھتر ٿيندو. ڪجھ عرصو اڳ نالي واري محقق ظفر جوڻيجي سندس انگريزي مضمون ۽ پمفليٽ گڏ ڪري ھڪ ڪتاب Peasant Perspectives جي نالي سان شايع ڪرايو آهي ، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري پڻ شايع ڪرايو وڃي.
____________

مجيد نواز مغل صحافي آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو




ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شاعري فڪر انگيز سان گڏو گڏ سنڌ جي پورھيت طبقي جو آواز آهي، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ نظم سندس سنڌ سان محبت جو دلي اظھار آهي.مجيد نواز مغل جي ھي تحرير ڪامريڊ کي خوبصورت ڀيٽا آهي.