ذهني صحت جي بحاليءَ لاءِ اسپتال کان وڌيڪ خانداني سهڪار ضروري آهي
ذھني صحت جي مسئلن جو شڪار ماڻهو سماج جو ڪارائتو حصو بڻجي سگهن ٿا، بشرطيڪ کين باقاعده فالو اپ، سماجي شعور ۽ پنهنجن جو پيار ميسر هجي. نفسياتي بحالي رڳو اسپتال ۾ ختم نه ٿيندي آهي، اها خانداني مدد سان گهر ۾ جاري رهندي آهي.

حيدرآباد: ذهني صحت جي مريضن جي مڪمل بحالي رڳو اسپتال تائين محدود ناهي، پر ان جو اصل سفر گهر ۽ برادريءَ جي گڏيل سهڪار سان شروع ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار سر ڪائوسجي انسٽيٽيوٽ آف سائڪاٽري ايند بِھيوريل سائنسز جي ڊاڪٽر حيدر علي قاضي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل هڪ خاص سيمينار ”نفسياتي مريض جي تحويل واري سنڀال کان برادري تائين: ذهني صحت جي بحالي ۾ خانداني رشتن کي مضبوط ڪرڻ“ جي موقعي تي ڪيو ويو.
سيمينار ۾ ذهني صحت جي ماهرن، ريسرچ ڪندڙ شاگردن،برادري جي ماڻھن ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ڊاڪٽر ماروي مهيسر ڪئي، جنهن کانپوءِ انسٽيٽيوٽ جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر نثار احمد سوهو شرڪت ڪندڙن کي خوش آمديد چيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي.

مقررين زور ڀريو ته ڊگهي عرصي تائين مريضن کي ادارن (اسپتالن) ۾ رکڻ بدران کين ڪميونٽي ۽ گهرن ۾ واپس آڻڻ گهرجي. خاندان مريضن کي صحتياب ٿيڻ، مستحڪم رکڻ ۽ انهن جي زندگين کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا.
ڊاڪٽر حنا عزيز پنهنجي مقالي ۾ واضح ڪيو ته جڏهن خاندان مريض جي علاج ۽ سنڀال ۾ حصيدار بڻجي ٿو، ته بحاليءَ جا نتيجا حيرت انگيز حد تائين مثبت نڪرن ٿا.
ڊاڪٽر پروين اعجاز ۽ سندس ٽيم هڪ مختصر ٽيبلو پيش ڪيو، جنهن ۾ عملي طور ڏيکاريو ويو ته گهرو ماحول ۽ اپٽار مريض جي زندگي ڪيئن بدلائي سگهي ٿو.
تقريب جي ڪارروائي ڊاڪٽر شائستہ ميمڻ سنڀالي ۽ بحث کي دلچسپ بڻايو. سيمينار جو گڏيل نتيجو اهو نڪتو ته ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار ماڻهو سماج جو ڪارائتو حصو بڻجي سگهن ٿا، بشرطيڪ کين باقاعده فالو اپ، سماجي شعور ۽ پنهنجن جو پيار ميسر هجي. ذهني صحت جي حالتن وارا ماڻهو صحتياب ٿي سگهن ٿا، ۽ اهي بهتر ڪم لائق ٿي سگهن ٿا جڏهن انهن جا خاندان اوس انهن سان گڏ بيٺا هوندا .

آخر ۾ ڊاڪٽر سميرا اعواڻ سڀني مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. منتظمين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ذهني مرضن سان جڙيل سماجي بدنامي سوچ کي ختم ڪرڻ ۽ مضبوط ڪميونٽي سپورٽ سسٽم تيار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. (پريس رليز)
____________________



