سنڌ ۾ تاريخي ۽ ورثي وارين عمارتن جي سروي ڪرائڻ جو فيصلو
سال 2017 ۾ ڪرايل جامع سروي ۾ سنڌ جي 3371 عمارتن کي ورثو قرار ڏنو ويو هو
وقت گذرڻ سان گڏ ورثي وارين عمارتن جي موجوده حالت جو جائزو وٺڻ، نئين ورثي وارين عمارتن جي سڃاڻپ ۽ سندن تحفظ يقيني بڻائڻ لازمي ٿي چڪو آهي، چيف سيڪريٽري
ڪراچي
سنڌ حڪومت صوبي ۾ تاريخي ۽ ورثي وارين عمارتن جي جامع سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي تہ جيئن ثقافتي ورثي جي اثرائتي تحفظ، دستاويزي رڪارڊ جي بھتري ۽ قانوني نگرانيءَ کي يقيني بڻائي سگھجي۔
اهو فيصلو چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت صلاحڪار ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سومر ڏينھن ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽريءَ چيو ته صوبي ۾ ورثي وارين عمارتن جي آخري جامع سروي سال 2017 ۾ ڪئي وئي هئي، جنھن دوران 3371 عمارتن کي ورثو قرار ڏنو ويو هو۔ هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ انهن عمارتن جي موجوده حالت جو جائزو وٺڻ، نئين ورثي وارين عمارتن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ هاڻي ضروري ٿي چڪو آهي۔

چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته تاريخي عمارتون سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ۽ تاريخي ورثي جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن جي تحفظ لاءِ تصديق ٿيل ڊيٽا، مضبوط فني صلاحيت ۽ اثرائتن قانونن جي ضرورت آهي۔ ان مقصد لاءِ هن ورثي کاتي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي سيڪريٽريٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي۔
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ سپورٽ لاءِ مارڪيٽ مان اهل ۽ قابل ماڻهن جي ڀرتي ڪئي ويندي، جيئن ورثي وارين عمارتن جي تحفظ، بحالي ۽ نگراني جا ڪم پيشيوراڻي انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجن۔
اجلاس ۾ ورثي وارين عمارتن جي تحفظ لاءِ قانونن کي وڌيڪ سخت ۽ اثرائتو بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويوتہ جيئن غير قانوني تعمير، قبضا ۽ ورثي وارين عمارتن کي نقصان پهچائڻ جي لاڙن کي روڪڻ ممڪن بڻائي سگهجي۔
اجلاس ۾ سيڪريٽري ثقافت ۽ ورڪس اينڊ سروسز، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڊائريڪٽر جنرل آثارِ قديمه کاتو، ڪميٽي ميمبر حميد هارون، نامياري ماهرِ آثارِ قديمه ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ۽ آرڪيٽيڪچرل ڪنسلٽنٽ ۽ ڪميٽي ميمبر سهيل احمد ڪلهوڙي شرڪت ڪئي۔ (پريس رليز)
_____________



