ڀارتي نوجوانن روايتي سوچن کي مات ڏئي ڇڏي
نوجوانن کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ڇو تہ اهي ڪنهن به سماج جو اڻٽٽ حصو آهن. انڊيا جو چيف جسٽس اھو ڏينھن ياد ڪري پڇتائيندو ھوندو جڏھن ھُن نوجوانن کي ڪاڪروچ سڏيو ھو. ڪاڪروچن جون ڪجھہ خاص خاصيتون ٿينديون آهن. اهي سڀ کان پراڻن حشرات مان آهن، جن ۾ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ جي حيرت انگيز صلاحيت ٿئي ٿي. چيو ويندو آهي ته اهي ماحولياتي نظام ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا ڇو تہ اھي جيت جڻين جو خاتمو ڪن ٿا . ڪاڪروچن جي بقا انهن جي حيرت انگيز نسلي واڌ جي صلاحيت سان جڙيل آهي، ۽ ڪاڪروچن جي آبادي وڏن نقصانن کان پوءِ به تمام جلدي ٻيهر اڀري سگهي ٿي.

انڊيا مان نيليما ماٿر لکي ٿي
ڀارت جو چيف جسٽس شايد 15 مئي 2026ع جي ان ڏينهن تي پڇتائيندو، جڏهن هن ڪاڪروچ لفظ کي اشاري طور استعمال ڪيو هو. جيتوڻيڪ هن اهو ڀارت جي ڪجھہ مخصوص قسم جي نوجوانن جي پسمنظر ۾ چيو هو، پر 26 جون 2026ع کان وٺي، هر قسم جي نوجوانن ان کي پاڻ تي هڪ ٽوڪ يا تنقيد سمجھيو. اهو ٿيڻو ئي هو.
ڪاڪروچن جون ڪجھہ خاص خاصيتون ٿينديون آهن. اهي سڀ کان پراڻن حشرات مان آهن، جن ۾ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ جي حيرت انگيز صلاحيت ٿئي ٿي. چيو ويندو آهي ته اهي ماحولياتي نظام ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا ڇو تہ اھي جيت جڻين جو خاتمو ڪن ٿا .
نوجوانن کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ڇو تہ اهي ڪنهن به سماج جو اڻٽٽ حصو آهن. سياسي دائري ۾ شامل ڀارتي فلسفن جي دلڪش حوالن کي ڇڏي، يوناني تاريخي ڀيٽ ئي ڇو نه ڪئي وڃي. “پوليٽڪس آف يوٿ ان گريڪ ٽريجڊي” (Politics of Youth in Greek Tragedy) ۾، ميٿيو شفٽن (Matthew Shipton) ستن اٽڪ ٽريجڊين Attic Tragedies ۾ نوجوانن جي ڪردار جو جائزو وٺي ٿو، جيڪي قبل مسيح ۽ بعد جي دورن جي عڪاسي ڪن ٿيون. اهي اهڙن تصورن کي اُڀارين ٿيون جهڙوڪ: سماج تي نوجوانن جي امڪاني بدامني پکيڙيندڙ اثرن جو خوف؛ نسل در نسل لاڳاپن کي بهتر طريقي سان اڳتي نه وڌائڻ جا تباھ ڪندڙ نتيجا؛ ۽ وقت سان گڏ عمودي خانداني لاڳاپن کان هٽي افقي همعمر لاڳاپن ڏانهن لاڙو.
لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين هلندڙ نوجوانن جي احتجاج دوران وڊيوز ۽ سوشل ميڊيا تي مختلف مواد مان هڪ قديم سماج ۾ اڀرندڙ لاڙن جا واضح اشارا ملن ٿا. اهي پدرشاهي، درجي بندي، ذات پات ۽ طبقاتي نظام کان بي خوف ۽ کليل نموني الڳ ٿيڻ جي عڪاسي ڪن ٿا. تهذيبي تناظر ۾، هن قوم لاءِ، اهو بي احترامي ۽ بيحيائي جي حدن کي ڇهندڙ ٿي سگھي ٿو. پراهو عوامي موقف ۽ ان جي ظاهر ڪرڻ ۾ هڪ وڏي تبديلي آهي. وزيراعظم جو آخري عوامي پيغام (31 جولاءِ 2026ع تي) جنهن ۾ هن انهن “ٻارن” کي “معاف” ڪرڻ جو چيو، شايد ئي ڪو اثر ڪري سگهي.
ڪاڪروچ موذي حشرات آهن جن تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
سوشل ميڊيا تي اهڙن نوجوان احتجاج ڪندڙن جو آواز به ڪافي موجود هو، جيڪي پنهنجي خانداني ووٽ بئنڪ جي رجحان جي برعڪس وڃي رهيا هئا. جيتوڻيڪ احتجاج گهٽ ئي سهي، پر اهو گهٽ ۾ گهٽ چئن ٻين شهرن تائين پکڙجي ويو، جنهن ۾ هڪ خاص شهر به شامل هو: احمد آباد، اهو شهر جيڪو موجوده وزيراعظم جي وڏي بنيادي طاقت رهيو آهي.
ڀارتي حڪومت اهڙي معاملي جو ڪهڙو ردعمل ڏئي رهي آهي؟ هڪ موقعي تي احتجاج واري جاءِ ڏانهن ويندڙ 18 ميٽرو اسٽيشنون بند ڪيون ويون. انٽرنيٽ جي رسائيءَ تي پابندي لڳائي وئي. هڪ خاص حد جي اندر ڪوريئر سروسز ناڪارا ڪيون ويون. ان ئي حد ۾ موجود کاڌي پيتي جي دڪانن کي شام جو تمام جلدي بند ڪرڻ جو چيو ويو. ثبوتن مان واضح آهي ته جڏهن تڪرار وڌيو ته احتجاج ڪندڙن خلاف سخت پوليس ڪارروائي ڪئي وئي. ان سان گڏ، هڪ معروف مخالف اڳواڻ جي ڊگھي بک هڙتال به جاري هئي.
احتجاج ختم ٿي سگهن ٿا يا دٻائجي سگهن ٿا، يا وري وڌي سگهن ٿا.
1989ع ۾ تيانمن اسڪوائر (چين) ۾ بيجنگ جي شاگردن جي هڪ تحريڪ جمهوريت ۽ اظهار جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1.2 ملين (12 لک) مظاهرو ڪندڙ شامل هئا. پوءِ… فوجي ڪريڪ ڊائون ٿيو.
2018ع ۾ آمريڪا ۾ “مارچ فار اَوَر لائيووز” (March for Our Lives) کي آمريڪي تاريخ جو شاگردن جي قيادت ۾ سڀ کان وڏو احتجاج سمجھيو وڃي ٿو. عالمي سطح تي جاري مارچن سان گڏ، انھيءَ احتجاج ۾ ھٿيارن تي ڪنٽرول جي حمايت ڪئي وئي. اٽڪل 1.2 کان 2 ملين ماڻهن واشنگٽن ڊي سي ڏانهن مارچ ڪيو… پوءِ… سنهري وارن واري گن پشر (ھٿيارن جي حمايتي) جو دور آيو.
ڪاڪروچن وٽ زنده رهڻ ۽ بقا جا اهڙا طريقا هوندا آهن جو اهي مختلف ماحولن، ايتري قدر جو وڏين تباھين ۽ انقلابن ۾ به پاڻ کي انھيءَ رنگ ۾ رنگي وٺندا آهن.
ڀارت ۾ نوجوانن جي تازن احتجاجن کي رومانوي رنگ ڏيڻ بدران، ان تي ٿيندڙ ردعمل پنهنجي روايتي صورتحال مطابق جاري آهن — حسبِ معمول. حيرت انگيز، روايتي، ۽ متوقع.

“ڪاڪروچ جنتا پارٽي” – CJP (نوجوانن جي قائم ڪيل پارٽيءَ جو سرڪاري نالو — جنتا = عوام) هڪ ٻي سياسي پارٽيءَ لاءِ خفيہ ايجنڊا هلائي رهي آهي. اهڙي پارٽي جنهن 2011/12ع ۽ 2015ع ۾ جنتر منتر تي ڪرپشن مخالف (۽ زمين جي حصول واري قانون بابت) ڌرڻا ڏنا هئا، جنهن کان پوءِ 2012ع ۾ پارٽي ٺاهي وئي. سي جي پي (CJP) جي چند اڳواڻن سرڪاري طور پنهنجي پراڻي تعلق جو اعتراف ڪيو آهي، پر هاڻي انهن جو چوڻ آهي ته سندن ان سان ڪو به تعلق ناهي.
ان جو نتيجو فطري ئي هو. 2012ع ۾ ٺهيل پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ ان جي ويجھي ساٿيءَ تي آمريڪا جي هڪ مشهور “عوامي مفاد” واري تنظيم کان پرڏيهي فنڊ حاصل ڪرڻ جو کلئي عام الزام لڳايو ويو. ناگرڪ حقن جي تحريڪن ۾ انتشار پکيڙڻ لاءِ (ڀارتي ۽ پرڏيهي) ڊيپ اسٽيٽ جي شڪي شموليت جا الزام ڪجھہ وقت هلندا رهيا. احتجاج ختم ٿيڻ جي ڪجھہ ئي ڏينهن اندر، CJP جي اڳواڻن لاءِ به اهڙيون ئي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آهن. اعليٰ نوجوان اڳواڻ لاءِ “بڪ گيا” (سودو ڪري چڪو) جو جملو عام بڻجي ويو آهي.
سي جي پي (CJP) اڳواڻ جملو ھنيو ته جيڪڏهن پرڏيهي فنڊس ان تائين پهتا آهن، ته پوءِ گهرو وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. سندس دليل هو: وزير جي نظرن هيٺ اهي فنڊس ان تائين ڪيئن پهتا؟
دنيا جي اڪثر ملڪن وانگر، ڀارت به هاڻي نگران رياست (surveillance state) بڻجي چڪو آهي. چهرن جي سڃاڻپ (Facial recognition) حڪمرانن جي هٿن ۾ هڪ وڏو اوزار آهي. ٽريڪنگ جي ذريعي نئين دهليءَ کان ٻاهر به ملزم ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. نظربندي ۽ گرفتارين بابت مختلف ۽ گڏيل اشارا ملي رهيا آهن. ان غير واضح صورتحال ۾، گرفتارين، هراسان ڪرڻ، ۽ حقن جي خلاف ورزيءَ بابت ڪنهن وٽ به پڪا انگ اکر ناهن.
عالمي صحت تنظيم (WHO) مطابق، ڪاڪروچن کي “انسانن جي وسندين ۾ غير صحتمند گھمندڙ جيت” طور شمار ڪيو ويندو آهي، ۽ انهن کي لتاڙڻ يا چيڀاٽڻ سان انهن ۾ موجود بيماريون پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
جيڪا شئي بي قابو آهي، اها آهي سوشل ميڊيا جي گونج (echo chamber). احتجاج دوران مين اسٽريم ميڊيا جي خاموشي حيران ڪندڙ هئي. احتجاج شروع ٿيڻ کان ٿوري ئي وقت بعد، CJP ان ايلگورٿم ميٽرڪس کي مات ڏني جنهن تي حڪمران پارٽي جي حڪمراني هئي. سوشل ميڊيا جا وڏا ادارا جهڙوڪ ميٽا (Meta) حڪومت سان مونجھارن ۾ ڦاٿل آهن. اهو ڊيٽا جي درخواستن، شيڊو بيننگ (shadow-banning)، مواد هٽائڻ ۽ ٻين شين جو هڪ ڄار آهي. جنهن ۾ هڪ وڏو مسئلو تڏهن ٿيو جڏهن وزيراعظم جي رات جو ايمرجنسي ۾ جاري ڪيل وڊيو ڪجھہ وقت لاءِ هٽجي وئي.
اهو ڪو فرق نٿو وجهي. سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ ڪجھہ به معنيٰ نٿو رکي. سي جي پي (CJP) وٽ تقريبن 27 ملين (2 ڪروڙ 70 لک) فالوئرز آهن، جيڪا تقريبن 10 ملين (1 ڪروڙ) فالوئرز واري حڪمران پارٽيءَ کان گهڻو اڳتي آهي. ان دوران، گرام ڪلاڪار جهڙا ريپ اسٽار ‘What Did You See in Jantar Mantar Part 1, 2’ وائرل ٿي خوشي ملهائي رهيا آهن.
حقيقي دنيا ۾، هر نظرئي جا فعال ڪارڪن (activists) ۽ وڪيل ھيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا آهن. درخواستون، معلومات جي گهرج، قانوني چارا جوئي— هر ان شخص لاءِ جيڪو سڌي يا اڻ سڌي طرح CJP سان جڙيل آهي، جيڪي گرفتار ٿيل، نظربند، ٻاهر، يا زخمي آهن. هر اها شئي جيڪا مخالفت جو سبب بڻجي سگهي. چوڻ جي ضرورت ناهي ته ان ۾ اڪثريت جين زي (Gen Z) جي آهي. نوجوان احتجاج ڪندڙن وڊيوز جو هڪ رڪارڊ قائم ڪيو آهي جنهن کي “پروٽيسٽ رڪارڊ” جو نالو ڏنو ويو آهي.
معروف سياسي تجزيه نگارن جو تعلق جين زي (Gen Z) سان ناهي. ان ڪري تعجب ناهي ته هن راز کي سمجھڻ ڏکيو آهي. ڇا اهو سچ آهي؟ ڇا ڪجھہ ٿي رهيو آهي؟ ڇا اهو هڪ موڙ آهي يا عارضي ڏيکاءُ؟ CJP جي دستياب ڪجھہ بيانن مان اشارو ملي ٿو ته اڃان انھيءَ کي آسان وٺڻ جو وقت ناهي آيو. اهي امڪان رد نٿا ڪري سگهجن ته جنتر منتر سخت ترين نقطو (boiling point) هو پر اڃا تائين پريشر ليڊ پوريءَ طرح نه ڦاٽو آهي.
ان ۾ گهڻا عنصر شامل آهن.
جون 2026ع ۾ نئين دهليءَ جي جنتر منتر يا ممبئي، حيدرآباد، بنگلورو، ۽ احمد آباد جي احتجاجين جي تعداد کي وساري ڇڏيو. ڇا اها هڪ غير اهم هجومي نفسييات (mob syndrome) هئي؟ شايد. پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته انهن ڪهڙي تنوع جي عڪاسي ڪئي. ڀارت ۾ 18 کان 29 سالن جي عمر جا تقريبن 370 ملين (37 ڪروڙ) ۽ 30 کان 35 سالن جا 125 ملين (12 ڪروڙ 50 لک) ماڻهو آهن. 1.5 ارب کان وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ ۾ تقريبن 500 ملين (50 ڪروڙ). ووٽنگ جي عمر واري آباديءَ جو حساب ڪتاب واضح آهي. ان کي الحسابي الگورٿمز سان گڏي ڏسو.
حڪمرانن — ۽ اپوزيشن لاءِ به — هڪ ايجنڊا زبردستي لاڳو ڪيو پيو وڃي. نوجوانن جي احتجاج ملڪ جو فتح جو نعرو (جئي هِند) پنهنجو ڪري ورتو، احتجاجين آئين جون ڪاپيون هٿن ۾ کنيون، ۽ آئين جو باباءِ قوم مڃيندڙ عملدار — امبيڊڪر جا قول نڪتا. ظاهر ڪرڻ کان سواءِ به، نوجوانن جي احتجاجين مختلف سياسي پارٽين جي ووٽ بئنڪ تي چڙھت ڪري ڇڏي آهي.
ڀارت جون قومي چونڊون 2029ع ۾ ٿيڻيون آهن. جنهن کان اڳ تقريبن 16 رياستن ۾ چونڊون ٿينديون. نوجوانن جو احتجاج انهن جي سياسي حڪمت عملين تي اثر انداز ٿيڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهي. ڪجھہ وڏي آباديءَ وارين اهم رياستن ۾ جنهن جو اثر پارليامينٽ ۾ نمائندگي جي چهري کي نئون رنگ ڏيندو.
ڪاڪروچن جي بقا انهن جي حيرت انگيز نسلي واڌ جي صلاحيت سان جڙيل آهي، ۽ ڪاڪروچن جي آبادي وڏن نقصانن کان پوءِ به تمام جلدي ٻيهر اڀري سگهي ٿي.
ان جو اثر اڳ ۾ ئي نظر اچي رهيو آهي. حڪمران پارٽي پنهنجي طاقت جو نماءِ ڪرڻ ۽ دٻاءُ هيٺ پوئتي نه هٽڻ لاءِ مشهور آهي. ٻارهن سالن ۾ رڳو هڪ وزير جنسي هراسانيءَ جي الزامن تي استعيفيٰ ڏني هئي. نوجوانن جي احتجاج حڪومت کي مجبور ڪيو ۽ هڪ وزير کان استعيفيٰ ورتي.
ان هوندي به، هڪ بدقسمت پيش رفت ٿي. نئون وزير، سچ يا غلط طور تي، اسٽيٽس مطابق زانيين جو “محافظ” هئڻ جو ڏوهه پنهنجي مٿان کڻي هلي ٿو. ڪاڪروچن لاءِ نئون نسرڻ جو هنڌ تيار ٿي رهيو آهي. گهرو وزير تي پرڏيهي فنڊس جو الزام لڳائڻ واري جملي ۽ وزير جي هن چونڊ جي وچ ۾.
2012ع ۾، نئين دهليءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي گئنگ ريپ تي وڏا احتجاج ٿيا هئا. 2024ع ۾، هڪ ڀيرو ٻيهر، جڏهن هڪ ٽريني ڊاڪٽر سان اهڙو واقعو ٿيو. ان دوران، دارالحڪومت ۾ اناج جي قيمتن تي هارين جو ڊگھو ۽ مستقل احتجاج به ڏٺو ويو. تاريخي طور تي، اهي تازا واقعا آهن.
تاريخ ۾ ٿورو پوئتي نظر وجهون ته 1990ع ۾ پوئتي پيل ذاتين/طبقن لاءِ نوڪرين ۾ خصوصي مراعات خلاف منڊل ڪميشن فسادات ڏٺا ويا. ايتريقدر جو پاڻ کي باهه ڏيڻ جا ڪيترائي واقعا به ٿيا. منڊل فسادات پسمانده طبقن خلاف هڪ وڏي تحريڪ بڻجي ويا. ان وقت، جنهن جي ڪري وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي. بعد ۾ ۽ وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته، ان سڄي ڀارت ۾ ذات پات واري سياست کي پوريءَ طرح منظم ڪيو، تبديل ڪيو ۽ ان کي حڪم ڏنو. جيڪو اڄ تائين تبديل ناهي ٿيو.
وڌيڪ پوئتي وڃون ته جئي پرڪاش نارائڻ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ سڀ کان اڳ ڀارت جي ٻن وڏين رياستن جا شاگرد شامل ٿيا. جڏهن تحريڪ وڌي وئي، ته آخرڪار هن ڀارت جي سڀ کان طاقتور وزيراعظم مان هڪ کي چئلينج ڪيو. ايمرجنسي لاڳو ٿي، ۽ پوءِ ٻيهر چونڊن جو سڏ ڏنو ويو. جنهن ۾ وزيراعظم کي هٽايو ويو ۽ حڪومت ۾ پهرين غير خانداني وراثت واري پارٽي قائم ٿي.
اهو مڃڻ ڏکيو لڳي سگهي ٿو، پر نوجوانن جي احتجاجن ۾ جين زي (Gen Z) انھن سڀني ڳالھين کي نظرانداز ناهي ڪيو. هڪ انڪشافي آرٽيڪل ۾، فرنٽ لائن جو ڊجيٽل ايڊيٽر جينوئي جوز (Jinoy Jose)، جين زي جي انهن ۽ ٻين ڪيترين ئي خاصيتن کي بيان ڪري ٿو جيڪي نظرانداز ٿي ويون هيون.
هن جو چوڻ آهي ته جين زي پنهنجي لاشعور ۾ پوئين نسل جون سڀئي ڳالهيون جذب ڪري ورتيون هيون. اهي ٻج پوکي رهيا هئا ۽ چيف جسٽس جي رڳو هڪ لفظ “ڪاڪروچ” انهن لاءِ پاڙون هڻڻ جو موسم بدلائي ڇڏي.
جڏهن توهان هڪ ڪاڪروچ کي چيڀاٽيدا آهيو، ته توهان رڳو ان کي ماريندا ناهيو. توهان ان جي جسم کي ڦاڙيندا آهيو ۽ ان جي اندر ۾ جمع ٿيل سڀئي بئڪٽيريا، وائرس ۽ بيماريون پکيڙيندڙ جراثيم آزاد ڪري ڇڏيندا آهيو.
هاڻي جيڪي منصوبا ۽ چالون هلي رهيون آهن — CJP، حڪومت، ۽ اپوزيشن اندر — انهن سڀني ۾ نوجوانن جي علامت مضبوطيءَ سان گڏ ٿيل آهي. هر چئن ڀارتين مان هڪ جي عمر 18 کان 29 سالن جي وچ ۾ آهي. ڀارت دنيا جي آباديءَ جو تقريبن پنجون حصو آهي. انگن اکرن لحاظ کان اها تمام وڏي تحريڪ آهي. ڊينل ڪوهن بينڊٽ (Daniel Cohn Bendit) کي ياد ڪرڻ ڪهڙي حد تائين غير مناسب چئبو؟ هو 1968-69ع ۾ فرانس جي شاگرد احتجاجن جو هڪ اهم اڳواڻ هو ۽ بعد ۾ مين اسٽريم سياست ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ يورپي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ به شامل هو.
فرانس ۾ مئي 1968ع جي بدامني تعليمي سڌارن بابت شاگردن جي احتجاج سان شروع ٿي هئي. بعد ۾، جڏهن مزدور به شامل ٿيا ته اهو وڌي ويو. تعليم جي سماجي اهميت هڪ وڏو حوالو هئي. جيئن جيئن اهو پکڙجندو ويو، فرينچ سماج ۾ موجود گهري مايوسي ٻاهر نڪري آئي. تحقيقاتون دعويٰ ڪن ٿيون ته اهو يورپ جي سياسي پس منظر ۾ هڪ ترقي پسند موڙ هو، جنهن صنعتي دور کان پوءِ جي سماج جي ردعمل ۾ نوان سياسي عمل ۽ نظريا پيدا ڪيا.
بائيبل ۾ وبا/آفت: مقدس ڪتابن ۾ اهو اڪثر جنگ ۽ ڏڪار سان گڏ وڏي تباھي يا الهامي عذاب جي علامت طور ظاهر ٿئي ٿو.
هن ڪهاڻي جي شروعات ان سان ٿي هئي: اڃا ڪجھہ چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر ڪو به نٿو ڄاڻي… ڀارت 3.28 ملين (32 لک 80 هزار) چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل 28 رياستن ۽ 9 يونين علائقن ۾ وسيل آهي، جتي 22 سرڪاري آئيني ٻوليون، 122 وڏيون ٻوليون ۽ اڻڳڻيون مقامي ٻوليون آهن. اهڙي طرح اهو هڪ ننڍو يورپ جهڙو آهي. تقريبن 80 سالن جي عمر ۾، هيءَ جمهوريت (ڀارت) اڃا تائين هڪ ترقي پذير ملڪ آهي. 2025ع جي هڪ تحقيق دعويٰ ڪري ٿي ته 83 سيڪڙو بي روزگار ماڻهو 35 سالن کان گهٽ عمر جا آهن. جيڪڏهن اهو نسرڻ لاءِ ٻج پوکڻ برابر ناهي، ته وري ڇا آهي؟ اهو ئي سوال آهي. سو، اسان اهو ڏسڻ لاءِ انتظار ڪريون ٿا ته ڇا “ڪاڪروچ” تباھيءَ جي علامت بڻجن ٿا يا هڪ نئين ۽ انتهائي گهربل سياسي منظرنامي جو شروعاتي وسيلو.
آخري ڳالهه: 30 سالن کان ٿورو ئي وڏو سي جي پي (CJP) اڳواڻ مغربي علم نجوم مطابق تارازي (Libra) برج سان تعلق رکي ٿو. هو آگسٽس قيصر، مغل شهنشاهه اڪبر، مهاتما گانڌي، مارگريٽ ٽيچر، آئزن هاور، بنيامين نتيناھو، آيت الله خميني، ولاديمير پيوتن، ليخ واليسا ۽ الفريڊ نوبل جي صف ۾ شامل آهي.
سِي جَي پي CJP اڳواڻ جو ٽيليويزن تي ڏنل انٽرويو ڏسو:
_____________
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي ٿورن سان



