آخري ڀيرو: جڏهن زندگي پنهنجو حساب پاڻ وٺڻ لڳي
پُڄاڻي، يا اهو آخري وقت يا ڀيرو خاموش، اڻ اعلانيل ۽ بلڪل عام ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر هوندو آخري آهي. زندگيءَ جي ڪتاب ۾ هر گهڙي هڪ نئين سِٽ وانگر هوندي آهي پر اسان اڪثر اهو وساري ويهندا آهيون ته هن ڪتاب جو هڪ آخري صفحو به هوندو آهي.
اهو آخري صفحو ئي اصل ۾ پڄاڻي هوندي آهي. اسان جي اها ڊوڙ، اهي تمنائون ۽ اهي حسرتون هڪ ڏينهن خاموشيءَ سان پنهنجي آخري منزل تي پهچي وينديون آهن.

عبدالله عثمان مورائي
زندگي هڪ اهڙو سفر آهي جنهن جي هر موڙ تي اسان ڪجهه نه ڪجهه نئون ڪم ڪندا آهيون. زندگيءَ جي ڪتاب ۾ هر گهڙي هڪ نئين سِٽ وانگر هوندي آهي پر اسان اڪثر اهو وساري ويهندا آهيون ته هن ڪتاب جو هڪ آخري صفحو به هوندو آهي. اهو آخري صفحو ئي اصل ۾ پڄاڻي هوندي آهي. اسان جي اها ڊوڙ، اهي تمنائون ۽ اهي حسرتون هڪ ڏينهن خاموشيءَ سان پنهنجي آخري منزل تي پهچي وينديون آهن.
اها پُڄاڻي يا آخري وقت (The Last Time) اڪثر ڪري خاموش، بنا ڪنهن اعلان جي ۽ بلڪل عام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسان جي اها وڏي بدقسمتي ناهي ته هر شئي جي پڄاڻي آهي پر اصل الميو اهو آهي ته اسان ان آخري وقت کي ڪڏهن سڃاڻي ئي ناهيون سگهندا.
ٿورو تصور ڪجي ته اهو آخري وقت يا ڀيرو هوندو جڏهن پاڻ پنهنجو پسنديده کاڌو، ميوي يا مٺائي جو اهو هڪ آخري گره کائينداسين يا ڪنهن مشروب جو اهو آخري ڍڪ هڻنداسين جيڪو ڪڏهن سڪون جو ذريعو هوندو هو ۽ ان آخري دفعي کانپوءِ پاڻ ان کي ڪڏهن به چکي نه سگهنداسين.
هڪ ڏينهن اها مٺن انبن جي کائڻ ۽ ان جي ذائقي جي به آخري مند هوندي. جڏهن سياري جي چانهه رڳو هٿن کي نه پر روح کي به گرمائيندي اها به بيشڪ هڪ ڏينهن آخري دفعو هوندي. الماڙيءَ ۾ ٽنگيل پنهنجن ڪپڙن کي به ڪنهن ڏينهن آخري دفعو پائبو. شايد اسان اهي ڪپڙا اڳ ۾ ئي خريد ڪري چڪا هجون جن کي پاڻ وڏي سڪ سان ويڙهي سيڙهي رکيو هجي ته انهن کي مستقبل ۾ پائبو پر اهو شايد ايندو ئي نه يا شايد تڏهن ايندو جڏهن اسان جي زندگي جي آخري گهڙي انهن ڪپڙن ۾ لکيل هوندي.
پاڻ بي خبريءَ ۾ زندگي ائين گذاريون ٿا ڄڻ هر گهڙيء جي ورجاءُ جي ضمانت مليل هجي. ڄڻ زندگي ڪنهن ”انلميٽيڊ رِيفل“ سان گڏ آئي هجي. اسان خوشين کي ٽاريندا آهيون، مهربانين ڪرڻ ۾ دير ڪندا آهيون، پيار ۽ محبت کي ملتوي ڪندا آهيون ۽ اهو سمجهندا آهيون ته سڀاڻي هميشه دستياب هوندو ۽ اهو اسان جو ڪنهن بي پگهار ملازم وانگر انتظار ڪندو. پر افسوس ته وقت وفادار ناهي. اهو پاڻ کي خبردار ناهي ڪندو. اهو بس هليو ويندو آهي جيئن واريءَ جا ذرا هٿن مان هوريان هوريان سرڪي سرڪي نڪري ويندا آهن.

هڪ ڏينهن بنا ڪنهن تقريب جي ۽ ان بي خبريءَ ۾ ته اها آخري آهي پاڻ آخري ڀيرو نماز پڙهنداسين ۽ دعا به گهرنداسين. پنهنجا چپ قديمي ۽ واقف لفظ ورجائيندا، پنهنجا هٿ اڌ دل سان اٿيل هوندا، ذهن شايد ڀٽڪيل ۽ دنيا جي ڪمن ۾ رڌل هوندو ڇاڪاڻ ته پاڻ کي يقين هوندو ته سڀاڻي وري نماز پڙهنداسين ۽ دعا گهرنداسين پر اهو سڀاڻي شايد ڪڏهن به نه اچي. ائين ئي اسان جو آخري سجدو هوندو ۽ شايد اسان جي آخري دعا ۽ توبهن به هوندي.
اسان جن ماڻهن سان پيار ڪندا آهيون، جن دوستن، مٽن مائٽن ۽ گهر وارن سان روز ملندا آهيون، انهن سان به ڪنهن هڪ ڏينهن هڪ آخري ملاقات مقرر آهي. هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجن انهن پسنديده ماڻهن سان آخري ڀيرو ملنداسين. پنهنجي امڙ سان، پيءُ سان، ڀائرن ۽ ڀينرن سان يا ان دوست سان جيڪو اسان جي لفظن کان وڌيڪ اسان جي خاموشيءَ کي سمجهندو آهي.
پاڻ کين خدا حافظ چئي وري جلد ٻئي ڀيري ڳالهائينداسين يا ملنداسين چئي هليا ويندا آهيون معني پاڻ عام نموني هڪ ٻئي کان جدا ٿيندا آهيون، پاڻ کين گهڻي دير تائين ڀاڪر نه پائيندا آهيون. پاڻ اهي سڀ ڳالهيون نه ڪندا آهيون جيڪي شايد پاڻ کي ڪرڻ گهربيون هيون. ڇاڪاڻ ته پاڻ کي يقين هوندو آهي ته هڪ ٻي ملاقات يا ٻيو ڀيرو اڃا باقي آهي پر اهو شايد ناهي هوندو.
شايد ڪجهه ماڻهن سان آخري ملاقاتون اسان جي زندگيءَ ۾ اڳي ئي ٿي چڪيون آهن ۽ اسان کي خبر به ناهي ته هاڻي وري ڪڏهن به انهن جو منهن ڏسڻ نصيب ٿيندو يا نه ٿيندو.
آخري ڀيرو جڏهن پاڻ پنهنجي ڏاڏي يا ناني سان گڏ ويٺا هئاسين يا ڪنهن اهڙي دوست جي آخري فون ڪال جيڪو هاڻي زنده ناهي رهيو. ننڍپڻ جي اها آخري شام جڏهن پاڻ ٻاهر گهٽيء ۾ ان ڳالهه کان بي خبر ته معصوميت جي به هڪ پڄاڻي هجي ٿي راند کيڏيا هونداسين . اسين تصويرن جا البم ته محفوظ رکون ٿا پر شايد انهن گهڙين کي محفوظ ڪرڻ وساري ڇڏيون ٿا. اسان خاص موقعن لاءِ ڪپڙا بچائي رکون ٿا ۽ زندگيءَ کي ائين سمجهون ٿا ڄڻ اها انتظار ڪري سگهي ٿي.
قدرت ۽ فطرت به اسان کي آخري موقعا ڏئي ٿي. هڪ ڏينهن آخري هوندو جڏهن پاڻ سج کي اڀرندي ۽ چمڪندي ڏسنداسين. هڪ ڏينهن اهو آخري چنڊ به هوندو جنهن کي پاڻ چمڪندي چمڪندي الوداعي نظرن سان ڏسنداسين. اها آخري بارش جنهن جي پاڻ شڪايت ڪئي هوندي ۽ ان جي بس ٿيڻ جي لاء دعا گهري هوندي. اهو آخري سيارو يا شديد گرمي جنهن جي ختم ٿيڻ جون پڻ پاڻ شايد دعائون گهريون هونديون. اها آخري بارش، اها آخري سردي يا بهار جي اها آخري موسم، هر تبديلي اسان کي خاموشيءَ سان ٻڌائي رهي آهي ته وقت واريءَ وانگر هٿن مان نڪري رهيو آهي.
اصل ۾ فطرت پنهنجو الوداعي گيت ٻڌائيندي رهندي آهي پر اسين ٻوڙا بڻجي رڳو ترقي جي ڊوڙ ۾ لڳا پيا هوندا آهيون. اسين ڪاميابي، ترقي ۽ حاصلات بابت ته بي انتها ڳالهايون ٿا پر الائي ڇو پڄاڻيءَ بابت تمام گهٽ. اسان ائين ورتاء ڪندا آهيون ڄڻ موت ڪا انتظامي غلطي هجي يا ڪا اهڙي شئي جيڪا رڳو ٻين سان ٿيندي آهي. پر موت زندگيءَ جو ضد ناهي پر حقيقت ۾ اهو زندگيءَ جو حصو آهي. آخري صفحو ڪتاب کي رد ناهي ڪندو پر اهو ان کي مڪمل ڪندو آهي.
۽ جڏهن آخر ۾ يا آخر جي ويجهو يا آخري وقت ويجهو ايندو آهي، جڏهن جسم سست ٿي ويندو آهي، ياداشت گهٽجڻ لڳندي آهي، عهدا پنهنجي چمڪ وڃائي ويهندا آهن ۽ بئنڪ بيلنس بي زبان ٿي ويندا آهن. سماجي رتبو ۽ نالو وسارجڻ لڳندو آهي، تڏهن زندگي جي بچيل گهڙين ۾ زندگي هڪ بي رحم حساب ڪتاب ڪرڻ شروع ڪندي آهي.

تڏهن اسان پنهنجي پاڻ کان اهي سوال پڇندا آهيون جن کان پاڻ ڏهاڪن تائين ڀڄندا رهياسين ته زندگي ۾ اهم ڇا هو ۽ فضول ڇا هو؟ اصل ڳالهه ڪهڙي هئي ۽ رڳو ضروري هجڻ جو ڏيکاءُ ڪهڙي شئي هئي؟ ڇا اهي ڪم جا ڊگها ڪلاڪ هئا جن پنهنجي خاندان کان شامون کسي ورتيون؟ ڇا اهو ٻين کان اڳتي نڪرڻ جوانڌو مقابلو هو جتي هر ڪو ڊوڙي رهيو هو پر ڪنهن کي خبر نه هئي ته اهو ڇا هو يا ان جي ڪا اهميت هئي؟ ڇا اهي انا جون جنگيون هيون، اهي رنجشون ۽ اهو فخر هو جيڪو رشتن کان وڌيڪ اهم بڻجي ويو هو؟ پاڻ زندگي ۾ ماڻهن کي ڪيئن محسوس ڪرايو؟ ڇا پاڻ موجود هئاسين يا رڳو مصروف هئاسون؟ ڇا پاڻ کليل دل سان پيار ڪيو يا حساب ڪتاب سان؟ ڇا اهي بنگلا، ڪارون، عهدا ۽ مقابلا واقعي اهم هئا يا وري اهي ننڍڙيون خوشيون، ٻين جي ڪم اچڻ جو جذبو ۽ سڪون جون چند گهڙيون وڌيڪ قيمتي هيون؟ ڇا پاڻ ايمانداريءَ سان زندگي کي جيئو يا رڳو گذارو ڪيو؟
جڏهن انت ويجهو هجي ته پنهنجي گذاريل زندگيءَ جو جائزو وٺجي. جيڪڏهن پاڻ کي ايئن محسوس ٿئي ته هر شئي رڳو هڪ ڌوڪو هئي ته اڃا به وقت آهي ته پنهنجي اوليتن کي بدلائجي.
وقار (Grace) ڪا اهڙي شئي ناهي جيڪا پاڻ رڳو آخر ۾ ڏيکاريون پر اها هڪ مشق آهي جيڪا پاڻ کي سڄي زندگي ڪرڻي پوندي آهي. پنهنجي زندگيءَ مان وقار سان لطف اندوز ٿيڻ جو مطلب بي پرواهي ناهي، پر اصل ۾ اها آگاهي آهي. ان جو مطلب آهي ڪڏهن بنا ڪنهن سبب يا احساس جي پسنديده کاڌو کائڻ يا ڪنهن خاص ڏينهن جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا پسنديده ڪپڙا پائڻ. ماڻهن کي تڏهن فون ڪرڻ يا انهن سان وقت ڏسڻ کان سواء ملاقات ڪرڻ، انهن کي ٻڌڻ جڏهن اهي زنده آهن، نه ڪي انهن جي وڃڻ کانپوءِ انهن جي قبرن تي گل رکڻ ڇاڪاڻ ته انهن جي قبرن کي سينگارڻ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. دعا رڳو عادت طور نه پر پوري حضورِ قلب ۽ دل سان گهرڻ.
وقار سان جيئڻ جو مطلب آهي ته زندگي ڪا ريهرسل ناهي. مهربانيءَ ۽ معافي لاءِ ڪو ري ٽيڪ ناهي هوندو. ملتوي ڪيل پيار لاءِ ڪا به رعايت ناهي. اڄ ئي پنهنجي پسند جا ڪپڙا پائڻ گهرجن، اڄ ئي پنهنجي پيارن کي فون ڪجي. زندگي باقي جيتري به اڃان گذارڻي آهي ان کي وقار سان گذارڻ گهرجي. جڏهن آخري گهڙيون اچن ته شڪايتن ۽ پڇتاءُ جي بدران شڪرگذاريءَ سان اڳتي وڌجي. زندگيءَ جي هر گهڙي کي ائين جيئڻ گهرجي ڄڻ ته اهو ئي آخري ڀيرو هجي. محبتون ونڊجن، معاف ڪرڻ سکجي ۽ ان ڊوڙ مان ٻاهر نڪري پنهنجي روح جي سڪون کي ڳولڻ گهرجي.
منهنجي نظر ۾ شايد آخري ڀيري بابت سوچڻ جو مقصد اداسي ناهي پر وضاحت آهي. جڏهن پاڻ کي خبر هوندي آهي ته هر شئي ختم ٿيڻي آهي ته پاڻ ان کي مختلف انداز سان سنڀاليندا آهيو. پاڻ کاڌو آهستي کائيندا ۽ ان جي ذائقي جو مزو وٺندا آهيو. پاڻ گهرائيءَ سان مٽن مائٽن يا دوستن يارن کي ٻڌندا آهيون يا پاڻ جلد معاف ڪندا آهيون ۽ بحث گهٽ ڪندا آهيو.
آخر ۾ حاصل مقصد ته هميشه هڪ آخري ڀيرو هوندو آهي ۽ جڏهن اهو ايندو آهي ته اهو اجازت ناهي گهرندو. دانائي ۽ حڪمت ان ۾ ئي آهي ته اڄ کي ايئن جيئڻ گهرجي ڄڻ اها اهم ۽ آخري هجي. ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن، ان کي آخري ڀيري طور ياد ڪيو ويندو. زندگي ان ڳالهه سان ناهي ماپي ويندي ته اها ڪيتري هئي پر ان ڳالهه سان ته اها ڪيتري گهرائيءَ سان جيئي وئي.
ان ڪري ان آخري ڀيري جي اچڻ کان اڳ، ان آخري دعا کان اڳ، ان آخري ملاقات ۽ آخري سج کان اڳ هڪ پل لاءِ بيهي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته ڇا مان واقعي جيئان پيو يا صرف ڊوڙي رهيو آهيان؟
ڇا مان رڳو ڏينهن گڏ ڪري گذاري رهيو آهيان يا انهن کي محسوس ڪري رهيو آهيان؟ جيڪڏهن اڄ آخري ڀيرو هجي ها ته ڇا مان پر امن هجان هان يا بي چين؟ ياد رکڻ گهرجي ته پڄاڻي ته هر حال ۾ ٿيڻي آهي پر خوبصورت پڄاڻي اها آهي جنهن ۾ انسان مطمئن هجي ته هن زندگي رڳو گذاري ناهي، پر جي ڏيکاري آهي.
___________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




زبردست سائين