Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ اوڀر ايشيا

ڪاميڊين ڪِم هيونگ گون جي ياد ۾: کِلڻ ۽ ميراث جا ٻه ڏهاڪا

ڏکڻ ڪوريائي ڪاميڊين ڪِم ھيونگ جو چوڻ ھو تہ ”رات جو دير سان نشر ٿيندڙ ٽيليويزن پروگرام ڪاميڊي هجڻ گھرجن ته جيئن ماڻهو مُرڪندي سمھي سگھن.

ڪاميڊين ڪم هيونگ گون

لي سانگ ڪي

ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ ’دي ايشين‘ جو پبلشر

سيئول: 11 مارچ تي ڪاميڊين ڪم هيونگ گون جي وفات کي 20 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. هو هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن جي مزاح جديد ڪوريائي ڪاميڊيءَ جي دنيا کي بدلائي ڇڏيو.

ڪم صرف هڪ فنڪار نه پر هڪ روشن خيال شخص هو، جنهن جو مڃڻ هو ته کلڻ صرف تفريح لاءِ نه، پر سماجي صحت لاءِ به ضروري آهي. هن هڪ ڀيرو چيو هو ته:

”رات جو دير سان نشر ٿيندڙ ٽيليويزن تي ڪاميڊي هجڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو مرڪندي سمهي سگهن. اسان وٽ ’کلڻ جو ڏينهن‘ هجڻ گهرجي، ۽ ان ڏينهن تي هر ڪنهن کي هر حال ۾ کلڻ گهرجي. مرڪڻ جي عادت ٻارنهن کان ئي وجهڻ گهرجي، ڇو ته بغير تياريءَ جي ڪجهه به حاصل نٿو ڪري سگهجي.“

سندس اهي لفظ هڪ منفرد فلسفي جي عڪاسي ڪن ٿا: ته خوشي پيدا ڪري سگهجي ٿي، ان کي تربيت ذريعي وڌائي سگهجي ٿو ۽ ڏکين حالتن ۾ به ان جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ڪِم جي ڪاميڊي جيتري تفريحي هئي، اوتري ئي ذهانت سان ڀرپور پڻ هئي. سياسي طنز ۽ موجوده معاملن تي تيز ترار تبصرن ذريعي هن براڊڪاسٽنگ جون حدون وسيع ڪيون. سندس زور هو ته مزاح صرف کلڻ لاءِ نه پر سوچڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ به هجڻ گهرجي.

اسڪرين کان هٽي ڪري، هن ڪاميڊي ٿيٽر جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ نوجوان فنڪارن جي رهنمائي ڪئي، جنهن جا اثر اڄ به ڪوريا جي مزاحيه فنڪارن ۾ نظر اچن ٿا.

ٻه ڏهاڪا گذرڻ کان پوءِ به، ڪم هيونگ گون کي نه صرف سندس پيدا ڪيل کلڻ جي ڪري، پر سندس ان سماجي جذبي جي ڪري به ياد ڪيو وڃي ٿو. اڄوڪي دنيا ۾، جيڪا اڪثر تڪرارن ۽ غير يقيني صورتحال جي ور چڙهيل آهي، سندس زندگي ياد ڏياري رھي آهي ته مزاح صرف فرار جو رستو ناهي، پر هي ثابت قدمي جو هڪ ذريعو آهي. هڪ اهڙي طاقت جيڪا سماج جي بنيادن کي مضبوط بڻائي ٿي.

___________

Lee-Sang-ki-2-150x150

لِي سانگ ڪِي ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ ’دي ايشين‘ جو پبلشر آھي.

ڪوريائي خابرو اداري The Asian جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button